Home / اسپيشل افيئر / قصو فاطمه جناح جي دفن ٿيڻ جو!
above article banner

قصو فاطمه جناح جي دفن ٿيڻ جو!

اختر بلوچ

فاطمه جناح پاڪستان جي بانيڪار محمد علي جناح جي نه رڳو خيال رکندڙ شفيق ڀيڻ هئي بلڪه جناح صاحب جي سياسي طور ساٿياڻي به هئي. جناح جي لاڏاڻي کانپوءِ ماڻهو کيس ايتري ئي عزت جي نظر سان ڏسندا هئا، جيتري عزت اهي جناح کي ڏيندا هئا، ليڪن اها تاريخ جي ڪڙي حقيقت آهي ته جناح جي لاڏاڻي کانپوءِ کيس سياست کان پري رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو ته تڏهوڪي حڪومت ۽ انتظاميه ڪنهن به صورت ۾ اهو نه پيا چاهين ته فاطمه جناح آزادي سان پنهنجي خيالن جو اظهاري ڪري سگهي. ان ڪوشش ۾ اهي انهي حد تائين اڳتي وڌي ويا جو ريڊيو پاڪستان تان سندس تقرير جي نشريات دوران ڪيترائي ڀيرا نشريات روڪي وئي. قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب “شهاب نامه” جي صفحي نمبر 432 (شايع ٿيل 1986) جي باب نمبر چوٿين ۾ لکي ٿو ته: قائداعظم جي لاڏاڻي کانپوءِ مس فاطمه جناح ۽ حڪومت جي وچ ۾ سرد مهري ڇائنجي وئي ۽ قائد جون ٻه ورسيون آيون ۽ گذري ويون، ٻنهي ڀيري مس جناح ورسي جي موقعي تي قوم کي خطاب ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس شرط اهو هو ته براڊ ڪاسٽ کان اڳ ۾ هو پنهنجي تقرير جو متن ڪنهن کي به نه ڏيکاريندي جڏهن ته حڪومت اهو شرط مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. گهڻو ڪري حڪومت کي اهو خوف هو ته ڪهڙي خبر ته مس جناح پنهنجي تقرير ۾ حڪومت تي ڪهڙي ڪهڙي تنقيد ڪري وڃي. آخر خدا خدا ڪري قائد اعظم جي ٽين ورسي تي اهو طئي ٿيو ته فاطمه جناح پنهنجي تقرير سينسر ڪرائڻ کانسواءِ ريڊيو تان سڌي ريت نشر ڪرائي سگهي ٿي. تقرير نشر ٿي رهي هئي ته هڪ هنڌ اوچتو ٽرانسميشن بند ٿي وئي. ڪجهه گهڙين لاءِ ٽرانسميشن بند رهي، ان کانپوءِ پنهنجو پاڻ هلي پئي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته مس جناح جي تقرير ۾ ڪجهه جملا اهڙا هئا جن ۾ حڪومت تي ڪجهه تنقيد هئي، هوءَ ته بدستور اهي جملا مائيڪ تي پڙهندي وئي ليڪن ٽرانسميشن بند هجڻ جي ڪري اهي جملا نشر نه ٿي سگهيا.

ان ڳالهه تي وڏو هل هنگامو ٿيو اخبارن ۾ ڪيترائي احتجاجي بيان به آيا. جيتوڻيڪ ريڊيو پاڪستان جو موقف اهو هو ته ٽرانسميشن ۾ رڪاوٽ جو سبب اوچتو بجلي جو فيل ٿيڻ هو، ليڪن ڪير به ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، سڀني جو اهو خيال هو ته مس فاطمه جناح جي تقرير ۾ ضرور اهڙي ڳالهه هئي جنهن کي هذف ڪرڻ لاءِ اهو سمورو سانگ رچايو ويو. ان هڪ واقعي حڪومت تي اعتماد کي جيترو ڌڪ پهچايو ايترو نقصان مس فاطمه جناح جي ڪجهه تنقيدي جملن نه پهچايو هو.

janna

هاڻي اچو ڪجهه اڳتي ٿا هلون. 7 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو، ڪمانڊر ان چيف ۽ پاڻ هرتو فيلڊ مارشل ايوب خان کي مارشل لا جو ناظم مقرر ڪيو ويو. حڪمران اسڪندر مرزا اهو سڀ ان لاءِ ڪيو هو ته هو ملڪ جو حڪمران بڻبو، ليڪن 24 آڪٽوبر 1958ع تي ايوب خان اسڪندر مرزا کان سمورا اختيار حاصل ڪري ورتا ۽ ملڪ ۾ فوجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي. سندس ڪجهه ساٿي کيس اهي مشورا ڏئي رهيا هئا ته هو تاحيات صدر بڻجي وڃي. حڪمران ڪنوينشن مسلم ليگ طرفان صدر ايوب کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو ويو. فاطمه جناح شروع ۾ ان نامزدگي تي راضي نه هئي، ليڪن مخالف ڌر جي سياسي پارٽين جي زور ڀرڻ تي هن ايوب خان جي خلاف صدارتي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

2 جنوري 1965ع تي چونڊون ٿيون، مخالف ڌر جي سياستدانن کي ان ڳالهه جي پڪ هئي ته فاطمه جناح ڪامياب ٿيندي ليڪن اليڪشن ڪميشن جي نتيجي ۾ صدر ايوب کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. گهڻو ڪري حڪومت ۽ مس فاطمه جناح جي وچ ۾ انهي ڇڪتاڻ جي ڪري لاڏاڻي کانپوءِ مزار قائد جي احاطي ۾ دفن ٿيڻ جي سندس خواهش جي باوجود ڪوشش اها ٿيندي رهي ته کيس ڪراچي جي پراڻي ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي. ان حوالي سان آغا اشرف پنهنجي ڪتاب “مادر ملت- فاطمه جناح” جي صفحي نمبر 184 ۾ لکي ٿو ته: فاطمه جناح پنهنجي زندگي ۾ اها خواهش ظاهر ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس قائداعظم جي ڀرسان دفن ڪيو وڃي، هاڻي فاطمه جناح جي لاڏاڻي کانپوءِ ان مسئلي ڪر کنيو ته کيس ڪٿي دفن ڪيو وڃي. بقول مرزا ابو الحسن اصفهاني جي ته تڏهوڪي حڪومت فاطمه جناح کي ميوا شاهه قبرستان ۾ دفنائڻ پئي چاهي (ايم اي ايڇ اصفهاني انٽرويو 14 جنوري 1976) جنهن جي مخالفت ڪئي وئي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن فاطمه جناح کي قائداعظم جي مزار جي ويجهو دفن نه ڪيو ويو ته وڏو هنگامو ٿي سگهي ٿو.

اهو فيصلو ته ٿي ويو ته فاطمه جناح کي هنگامي جي خوف کي مدنظر رکندي مزار قائد جي احاطي ۾ دفن ڪيو وڃي. ليڪن ان جي باوجود سندس تدفين جي موقعي تي هنگامو ٿيو. هنگامي دوران ڇا ڇا ٿيو ان جو ذڪر بعد ۾ ڪنداسين. آغا اشرف پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته :

اهڙي ريت کيس قائداعظم جي مقبري جي ويجهو دفن ڪرائڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي سندس ڪٽنب جي ماڻهن ۽ پاڪستان جي بانيڪار جي پراڻن ساٿين سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ پوءِ حڪومت سان رابطو ڪيو، حڪومت رات دير سان مادر ملت کي قائداعظم جي ويجهو دفن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪمشنر ڪراچي ان فيصلي کان ايم اي ايڇ اصفهاني کي آگاهه ڪري ڇڏيو.

فاطمه جناح جي قبر قائداعظم جي مزار کان هڪ سئو ويهه فوٽ کاٻي پاسي کوٽي وئي، اها قبر 6 فوٽ ڊگهي ۽ 3 فوٽ ويڪري هئي، زمين پٿريلي هئي، ان ڪري قبر کوٽيندڙن کي قبر کوٽڻ ۾ 12 ڪلاڪ لڳا. کين قبر کوٽڻ لاءِ بجلي جا اوزار پڻ استعمال ڪرڻا پيا.

20 قبر کوٽيندڙ مزدورن جي قيادت 60 سالن جو عبدالغني ڪري رهيو هو، جنهن قائداعظم، لياقت علي خان ۽ سردار عبدالرب نشتر جون قبرون تيار ڪيون هيو. مرحومه جي پهرين جنازي نماز قصر فاطمه ۾ ساڍي اٺين وڳي مولانا ابن الحسن چارجوئي پڙهائي ۽ پوءِ جڏهن سندس ميت پوڻي نوين وڳي قصر فاطمه مان کنئي وئي ته لکين اکيون اشڪبار ٿي ويون، قصر فاطمه ٻاهران پري پري تائين ماڻهن جو سمنڊ نظر اچي رهيو هو. ميت کي ڪانڌين ڪلهو ڏنو ۽ هجوم مادر ملت زنده باد جي نعرن سان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. جنازي جي پويان وفاقي حڪومت ۽ صدر ايوب جو نمائندو شمع الضحيٰ وزير زراعت ۽ خوراڪ، بحريه جو ڪمانڊر ان چيف ايڊمرل ايم حسن، ٻنهي صوبن جي گورنرن جا ملٽري سيڪريٽري، ڪراچي جو ڪمشنر، ڊي آءِ جي ڪراچي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ سڀني سياسي پارٽين جا اڳواڻ هوريان هوريان اڳتي وڌي رهيا هئا. فاطمه جناح جي ميت به کليل مائيڪرو وين ۾ رکي وئي هئي. ان جي چئني پاسي مسلم ليگ جي نيشنل گارڊز جا چار سالار بيٺل هئا. هڪ مذهبي عالم به موجود هو جيڪو سورة ياسين جي تلاوت ڪري رهيو هو. اهو جلوس جڏهن هڪ فرلانگ اڳتي وڌيو ته مسلم ليگ نيشنل گارڊ قومي جهنڊو کڻي اچي ميت مٿان وجهي ڇڏيو.جلوس ڏهه وڳي پولو گرائونڊ پهتو جتي ميونسپل ڪارپوريشن جنازي نماز جو انتظام ڪيو هو.

قائداعظم جي مزار جي ويجهو فاطمه جناح جو جنازو ميوزيڪل فونٽين ۽ اليفنسٽن اسٽريٽ (زيب النسا اسٽريٽ) کان ٿيندو جڏهن اڳتي وڌيو ته هجوم جو تعداد چئن لکن تائين پهچي ويو ۽ پوليس کي جنازي لاءِ رستو ٺاهڻ مشڪل ٿي ويو. جنازي جو جلوس جڏهن مزار قائد جي احاطي ۾ داخل ٿيو ته سڀ کان پهرين ميت کي ڪلهو تڏهوڪي وزير شريف الدين پيرزادي ڏنو.

ان وقت منجهند جا 12 ٿي رهيا هئا ۽ ماڻهن جو انگ چئن لکن کان وڌي چڪو هو. ايڏي وڏي ميڙاڪي سبب گڙٻڙ ٿيڻ يقيني هئي، اوچتو ڪجهه ماڻهن جنازي جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس پر امن طريقي سان کين پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنگامو شروع ٿي ويو ۽ پوليس کي لاٺي چارج ڪرڻي پئي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪئي وئي، جوابي ڪارروائي ۾ پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو. پوليس جا ڪيترائي سپاهي زخمي ٿيا، هڪ پيٽرول پمپ ۽ ڊبل ڊيڪر کي باهه ڏني وئي، هڪ ماڻهو ان حادثي جو شڪار ٿيو، ڪيترائي ٻار، عورتون ۽ مرد زخمي ٿيا.

دفن ٿيڻ جي آخري رسمن ۾ شيعه عقيدي موجب تلقين پڙهي وئي، جنهن ۾ فاطمه بنت پونجا وڏي آواز سان پڪاريو ويو، قبر کي هوريان هوريان بند ڪيو ويو ۽ 12 وڳي 55 منٽن تي قبر هموار ڪئي وئي.

اها ته هئي فاطمه جناح جي موت ۽ دفن ٿيڻ جي ڪهاڻي، ليڪن فاطمه جناح جو موت سڄي سماج لاءِ هڪ عجيب ڪهاڻي هو. ماڻهن جو خيال هو ته فاطمه جناح جو موت طبعي طريقي سان ناهي ٿيو کيس قتل ڪيو ويو آهي. جنوري 1972 ۾ غلام سرور نالي هڪ شخص عدالت ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي هئي، ان درخواست جي حوالي سان اخبارن ۾ شايع ٿيل خبر موجب ايڊيشنل سٽي مئجسٽريٽ ممتاز محمد بيگ هڪ شخص غلام سرور ملڪ جي شق نمبر 176 فوجداري ضابطي هيٺ درخواست جي شنوائي لاءِ 17 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي.

غلام سرور ملڪ پنهنجي درخواست ۾ چيو هو ته پاڪستان جو هڪ معزز شهري آهيان ۽ مون کي مس فاطمه جناح سان تمام گهڻي عقيدت آهي، مرحومه قوم جي عظيم قائد هئي، ان سڄي زندگي جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي خاطر جدوجهد ڪئي. 1964ع ۾ جڏهن صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتو ته هوءَ عوام جي اميدن جو مرڪز بڻجي وئي، هوءَ ان ٽولي جي راهه ۾ جيڪو هر صورت ۾ اقتدار سان چنبڙيل رهڻ پيو چاهي، زبردست رڪاوٽ هئي، ۽ اهو ٽولو هر صورت ۾ کائنس نجات حاصل ڪرڻ پيو چاهي.

7 جولاءِ 1964ع تي فاطمه جناح رات جو 11 وڳي تائين هڪ شادي جي تقريب ۾ شريڪ هئي ۽ هوءُ نهايت خوش هئي، جڏهن ته 9 جولاءِ تي اوچتو اهو اعلان ڪيو ويو ته هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. سندس تدفين وقت عوام کي جنازي جي ويجهو وڃڻ نه ڏنو ويو ۽ ايتري حد تائين جو کيس مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ تائين سندس آخري ديدار جي اجازت به نه ڏني وئي هئي ان دوران جيڪي ماڻهو آخري ديدار جا خواهشمند هئا انهن مٿان لٺيون وسايون ويون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس اڇلائي وئي، ان وقت به اهي افواهه عام هئا ته فاطمه جناح جي جسم تي زخمن جا نشان هئا پر اهي افواهه دٻايا ويا، غلام سرور پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته مون کي اها ڳڻتي هئي ته فاطمه جناح کي ڪٿي قتل نه ڪيو ويو هجي. ان کانپوءِ حسن اي شيخ ۽ ٻين معزز ماڻهن ان سلسلي ۾ شڪ شبهي جو اظهار به ڪيو هو ۽ اهو معاملو اخبارن ۾ وڏين سرخين سان شايع ڪيو ويو ۽ ايڊيٽوريل به لکيا ويا.

2 آگسٽ 1971ع تي هڪ مقامي اردو اخبار ۾ اها خبر شايع ٿي ته فاطمه جناح کي قتل ڪيو ويو آهي، ان خبر ۾ غسل ڏيندڙن جا بيان به جاري ٿيا، جنهن ۾ هدايت علي عرف ڪلو، اهو چيو هو ته فاطمه جناح جي جسم تي زخمن جا گهرا نشان هئا ۽ سندس پيٽ ۾ سوراخ به هو جنهن مان رت سان گڏ پونءِ به اچي رهي هئي. هن جو چوڻ هو ته فاطمه جناح جا رت هاڻا ڪپڙا، سندس وٽ موجود آهن، ليڪن تڏهوڪي حڪومت نه ئي ان جي ترديد ڪئي ۽ نه ئي ان معاملي ۾ انڪوائري جي هدايت ڪئي وئي، ان کانسواءِ ان معاملي جي ٻين غسل ڏيندڙن به تصديق ڪئي هئي.

غلام سرور ملڪ ان سلسلي ۾ اخبارن جون ڪاپيون به ثبوت طور عدالت ۾ پيش ڪيون هيون. ان پنهنجي درخواست جي آخر ۾ عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته اها پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي مٿين حقيتن جي روشني ۾ عدالتي تحقيقات ڪري، هن ڪيس ۾ اختر علي ايڊووڪيٽ پيروي ڪري رهيو هو.

هن مضمون جو مقصد ڪنهن به شخص، فرد يا اداري تي آڱر کڻڻ ناهي، نه ئي آءُ اهو ٿو چوان ته کيس قتل ڪيو ويو ۽ نه ئي اهو ته ان سموري بدمزگي مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، منهنجو مقصد انهن حقيقتن کي اڳيان آڻڻ هو جن کان اڄ جي نوجوانن جو وڏو تعداد بيخبر آهي، ها باقي اهو سواليه نشان ضرور آهي ته جنهن تحقيقات جو واعدو ڪيو ويو هو انهن واعدن جو ڇا ٿيو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو