Home / سنڌ افيئر / لنواري شريف ۾ پوليس گردي!
above article banner

لنواري شريف ۾ پوليس گردي!

الهه بچايو جمالي

4 فيبروري 2015 وارو ڏينهن لنواري شريف جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور لکجي ويو آهي. هن ڀيري اها چڙهائي مدد خان پٺاڻ جي نه هئي، جنهن ڌاڙيل جي لشڪر سوين سال اڳ قديم بدين جي شهر کي لٽي ڦري بي گناهه انسانن جو ڪوس ڪري بعد ۾ بدين جي سڄي شهر کي تيلي ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو هو. جنهن بعد سانول پور جي نالي سان موجوده بدين وارو شهر ريڻ درياهه جي ڪناري تي ٻيهرآباد ٿيو. روايتي طور چيو وڃي ٿو ته قديم لشڪر ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪيو. جتان اهو ڪابلي پٺاڻن جو لشڪر لنواري ۽ نندو شهر واري گس تان سيدن ۽ واڻيا سيٺين جا سر کڻندو وڃي وهئائي جي سيدن جو قتل عام ڪيو، جن سيدن وري سفاڪي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي عورتن کي مدد خان پٺاڻ جي لشڪر پهچڻ کان اڳ جيئري کوهن ۾ اڇلائي مارائي ڇڏيو هو. جتان پوءِ انهي ئي گس تان مدد خان پٺاڻ جو لشڪر ٿر جي قديم شهر ڇاڇري کي لٽي قتل عام ڪرڻ بعد ڇاڇري جي شهر کي پڻ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو. پر هن دفعي لنواري جي تي پوليس وردي وارن چڙهائي ڪئي، جن کي حڪومت قانون جي رکوالي ڪرڻ ۽ شهرين جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. جن وردي وارن کي عوام جي ٽيڪس مان پگهارون ملن ٿيون.

سانحي واري ڏينهن 4 فيبروري جي سج اڃا شاخون به نه ڪڍيون هيون، اٽڪل صبح جو پوڻين ستين وڳي ڌاري ڪاريون ورديون پاتل جديد هٿيارن سان ليس پوليس اوچتو شهر جي درگاهه جي ويجهو گوپانگ ذات جي پورهيتن جي پاڙي تي ڪاهه ڪري ڏني. اوچتو شهر ۾ ٿيل فائرنگ سبب سوين شهري جاڳي پيا جن ڏٺو ته بدين پوليس گهرن ۾ داخل ٿي عورتن، معصوم ٻارن، پير سنن تي پهرين لٺيون وسائي بدترين تشدد ڪرڻ بعد سندن اجها ڊاهي پٽ ڪري ڦرلٽ ڪري رهيو آهي. گهرن ۾ عورن ۽ ٻارڙن جي روڄ راڙي تي گڏٿيل سوين شهرين ۽ پوليس جي وچ ۾ چڪريون پڻ شروع ٿي ويون ۽ تاريخي شهر جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پورهيت عورتون پوليس کي سندن اجها ڊاهي پٽ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پهرين زارو قطار روئي کين خدا ۽ قرآن پاڪ جا واسطا ڏيڻ لڳيون پر جڏهن پوليس نه مڙي تڏهن انهن ڳوٺاڻين عورتن پوليس سان سخت مزاحمت ڪئي جنهن تي پوليس انهن مظلوم عورتن مٿان لٺين جي برسات وسائڻ بعد انڌا ڌنڌ شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي. اکين ڏٺل شاهدين موجب بدين پوليس گوپانگ پاڙي کانسواءِ درگاهه لنواري شريف جي ڀرپاسي واري رهائشي علائقي لنواري نندو روڊ پوليس پوسٽ ۽ شهر جي موجوده مک بازار ڪڍڻ بدين روڊ تي احتجاجي عورتن ۽ مظاهري تي شديد هوائي فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان شيلنگ ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي شهري، معصوم ٻار، عورتون ۽ پيرسن بي هوش ٿي ويا.

اهڙو دهشتنڪا منظر پنهنجي اکين سان ڏسندڙ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر علي مراد گاڏهي، ڪامريڊ سليمان گاڏهي ۽ ٻين “افيئر” کي ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن بدين پوليس بي رحمي جو مظاهرو ڪيو. معصوم ٻارن ۽ عورتن جون آهون ۽ دانهون پڙاڏا بڻجي سڄي شهر ۾ گونجي رهيون هيون. پر حملي آور پوليس جي لشڪر کي ڪو به رحم نه آيو. جيڪا پوليس جي بدترين ۽ ظلم جي انتها آهي. هنن چيو ته هٿين خالي بيگناهه مظلوم پورهيت عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي ٿيل اهڙو قهر بدين جي ضلعي انتظاميا ۽ حڪومت کي هڪ ڏينهن ضرور مهانگو پوندو. متاثرن جي ويجهن مائٽن واقعي خلاف ايوان صحافت بدين اڳيان سخت احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس حملو ڪري سندن غريباڻا اجها ڊاهي پٽ ڪرڻ وقت وحشت جي انتها ڪندي عورتن، پيرسنن سان گڏ معصوم ٻارڙن تي بدترين تشدد ڪندي انهن تي لٺيون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس وسائڻ سان گڏ معصوم ٻارڙن جي اکين ۾ مرچ پڻ وڌا.

28

پوليس پيرسن پورهيت سومر گوپانگ کي سخت زخمي ڪري ان جي گهر ۾ ٻڌل پنج مينهون پڻ ڪاهي وئي ۽ سخت زخمي ٿيل عورتن زاهده گوپانگ، زرينا، حسينا، سدوري سميت ڇهن عورتن ۽ 24 مردن سميت اٽڪل 30 گهر ڌڻين کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيل مردن ۽ پيرسن سعيد گوپانگ، گلاب، پرويز، مهراڻ، ڪامران، سليمان گوپانگ ۽ ٻيا پورهيت شامل آهن. پوليس گوپانگ پاڙي ۾ اٽڪل جيڪي 30 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. انهن ۾ شمس الدين گوپانگ، دودو، سومر، پرويز، گلاب،سليمان، شمن، نظير ۽ امين گوپانگ ۽ ٻين غريب پورهيتن جا گهر شامل آهن.

تشدد جو شڪار ٿيل پورهيتن جي باري ۾ اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته انهن ۾ ٻه نوجوان مهراڻ ۽ بهادر گوپانگ شاهه جي پارکو انب گوپانگ جا ڀاڻج آهن ۽ انب گوپانگ جو هڪ مامو سليمان گوپانگ پڻ متاثرن ۾ شامل آهي، جنهن جو گهر تباهه ڪري مٿس بدترين تشدد ڪرڻ بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. انب گوپانگ “افيئر” طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندس اباڻي ڳوٺ جي غريب عزيزن تي بدين پوليس جي چڙهائي ڪري جيڪاتباهي مچائي آهي ان جي ذميوار بدين جي ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت آهي. هن چيو ته متاثرن سڀئي انتهائي غريب هاري مزدور پورهيت لڏي جا ماڻهو آهن. انهن ۾ ڪو به ڏوهاري ۽ دهشتگرد نه هو- متاثر سڀئي بي گناهه ڳوٺاڻا هئا. بدين پوليس بيگناهه مسڪين ڳوٺاڻن جي وسندن تي ڪاهه ڪري ان کي اجاڙڻ بعد شهر ۾ اهڙي ته دهشت پيدا ڪئي ته جو ميڊيا جي رپورٽ موجب ٽن ڏينهن تائين تاريخي شهر لنواري ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو لڳو هو. شهري ٽن ڏينهن تائين پنهنجي گهرن ۾ بند هئا. پوليس گوپانگ پاڙي سميت سڄي شهر کي چئني طرفن کان ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ پوليس چڙهائي وقت ان جي اڳواڻي بدين پوليس جو هڪ ڊي ايس پي غلام قادر سمون ڪري رهيو هو. پر هن ڪاروائي جو اصل ذميوار ايس ايس پي بدين خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ بدين ضلعي جي انتظاميا آهي. بدين پوليس اهڙي ظالماڻي ڪاروائي جو جيڪو جواز ميڊيا کي ٻڌايو اهو پڻ غير حقيقي ۽ مجرماڻو موقف آهي. پورهيتن جي وسندي تي ڪندڙ ڊي ايس پي بدين چون ٿا ته واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ بدين پوليس لنواري ۾ ٿيل هڪ جهيڙي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ پهچي ڪارروائي ڪئي ته ڳوٺاڻين عورتن پوليس تي حملو ڪري ڏنو. عورتن پوليس کي اندر گهرن ۾ گهڙڻ نه ڏنو. جنهن ڪري پوليس جهيڙي جا جوابدار اسماعيل گوپانگ ۽ ياسين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪارروائي ڪئي آهي. پوليس جو اهڙو بيان خود سنگين ڏوهه جو اعتراف آهي. اهڙي بيان مان ثابت آهي ته تباهه ڪيل وسندي ۾ ڪي به دهشتگردي ۽ ڌاڙيل لڪل نه هئا. جهيڙي جي ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ وسندي تي ڪاهه ڪئي وئي.

اهڙي بي رحمي واري ڪارروائي جو بروقت بدين جي ضلعي انتطاميا ڪو به نوٽيس وٺڻ جي بجاءِ ٻي ڏينهن بدين پوليس متاثر پورهيتن جي خلاف حملي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جا چار وڌيڪ ڪيس داخل ڪري ڇڏيا جن ڪيسن ۾ پوليس جن 56 ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو انهن ۾ 15 عورتن کي پڻ جوابدار ڄاڻايو ويو. گرفتار ٿيل 16 ڄڻن کي پوليس عدالت مان رمانڊ وٺي انهن کي جيل موڪليو آهي.

هوڏانهن 29 جنوري تي هڪ جهيڙي ۾ گوليون هڻي سخت زخمي ٿيل نوجوان خدا بخش جوڻيجو جي 6 فيبروري تي فوت ٿيڻ بعد لنواري شهر ۾ درگاهه جي مريد جماعت جي ٻن ڌڙن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي.زخمي ۽ بعد ۾ فوت ٿيل خدا بخش جوڻيجو جو ڪيس گوپانگ برادري مٿان داخل آهي جنهن سبب سندن گهرن مٿان پوليس چڙهائي ڪئي ته جيئن جوابدار گرفتار ڪري سگهجن.

8 فيبروري تائين سڄو شهر بند رهيو. شهر جا سمورا اسڪول پڻ 10 فيبروري تائين کلي نه سگهيا. ياد رهي ته سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي عظيم صوفين جي درگاهه جي ستين سجاده نشين حضرت پير گل حسن صديقي جي 1982ع ۾ وصال ڪرڻ بعد درگاهه جي اٺين سجاده نشين جي معاملي تي جماعت ۾ سخت انتشار پيدا ٿيو. جماعت جا مريد ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا ۽ ٻن پيرن گادي نشيني جي دعويٰ ڪئي. لنواري جي امن کي ان وقت تيلي لڳي جڏهن 28 جنوري 1983ع تي هڪ ڌڙي جي هٿياربندن ٻني ۾ ڪم ڪندڙ ست مسڪين هارين کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد ٻنهي ڌڙن ۾ هلندڙ خونريز جهيڙي ۾ هيل تائين اٽڪل 12 معصوم انسان موت جو بک بڻجي چڪا آهن. تازو بدين پوليس 4 فيبروري تي جن گهرن تي ڪاهه ڪئي اهي سڀئي تباهه ٿيل گهر مقتول مظلوم غريب هارين جي خاندان جا هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو