Home / ڪور افيئر / مرزا واري “ماجرا” جي اصليت ڇا آهي؟
above article banner

مرزا واري “ماجرا” جي اصليت ڇا آهي؟

فياض نائچ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ جي گھرو کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي شعلا بياني جي ڪري ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اڳئين ڀيري جڏهن مرزا صاحب قرآن شريف کڻي ڪراچي پريس ڪلب ۾ بار بار پاڪ ڪتاب مٿي تي رکي ايم ڪيو ايم کي سي آءِ اي جو ايجنٽ ۽ رحمان ملڪ کي ايم ڪيو ايم جو ايجنٽ ثابت ڪرڻ لاءِ قسم کڻي رهيو هيو ته ان وقت پنهنجي گفتگو ۾ هن باربار آصف علي زرداري کي پنهنجو وڏو ڀاءٌ ۽ محسن چئي پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي زندگي هن ۽ هن جي اولاد مٿان قربان ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي هئي ته ساڳي وقت هن پاڪستان جي ان وقت جي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني توڙي ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل شجاع پاشا کي محب وطن قرار ڏيندي ايم ڪيو ايم خلاف قدم کڻڻ جي اپيل پڻ ڪئي هئي. ان وقت به ٻين ڳالهين سان گڏ هڪ معاملو لياري ۾ آپريشن جو هيو، ڇاڪاڻ ته مرزا صاحب لياري کي ڇڏي ٻي سموري ڪراچي ۾ آپريشن ڪرڻ پئي چاهيو جڏهن ته پ پ جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم توڙي ان وقت جي وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ لياري ۾ آپريشن ڪرائڻ پئي گھريو جيڪو آپريشن پوءِ مرزا صاحب جي استعيفا کانپوءِ چوڌري اسلم جي سربراهي ۾ ٿيو. پر مرزا صاحب ۽ زرداري صاحب وچ۾ معاملا اڳواٽ طئي ٿي چڪا هئا جنهن جي ڪري هن لياري واري آپريشن واري معاملي تي ڪو به آواز ڪون اٿاريو هيو .

هن ڀيري وري مرزا صاحب جڏهن پنهنجي شعلا بياني جي تيرن جو مرڪز پارٽي جي سربراهه ۽ پنهنجي “پڳ مٽ يار ۽ محسن ” آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي بڻايو آهي ته ان وقت به ٻين معاملن سان گڏوگڏ هڪ معاملو اهو به آهي ته دبئي ۾ انٽرپول هٿان گرفتار ٿيل پابندي مڙهيل پيپلز امن ڪميٽي جي سربراهه عزير بلوچ کي پاڪستان آڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

20

مرزا صاحب هن ڀيري جڏهن پنهنجي پارٽي جي قيادت خاص طرح آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ تي بينظير ڀٽو جي خون کي نيلام ڪرڻ ۽ پارٽي کي ”نظرياتي ۽ سياسي لائين ”تي هلائڻ بدران ڌنڌي ۽ ڪرپشن جي لاءِ هلائڻ جو ذميوار قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ کين بلاول ڀٽو کي سياسي ميدان مان ٻاهر ڪرڻ واري “سازش” ۾ ملوث قرار ڏيندي پاڻ کي بلاول ڀٽو جو وفادار قرار ڏيندي ان جي سياسي ڪيريئر کي سگھارو بنائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جو اعلان ڪيو آهي ته ان جي پس منظر ۾ اسانکي ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن اڳ رونما ٿيل واقعن کي ياد ڪرڻو پوندو. زرداري صاحب تي مرزا صاحب جي انهن الزامن کان ڪجهه هفتا اڳ پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو سربراهه مخدوم امين فهيم حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان گڏجي اڳوڻي آمر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف سان ملاقات ڪئي ۽ ان ئي ڏينهن ۾ سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف عدم اعتماد جون ڳالهيون به ڪيون ويون ته ساڳي وقت “با خبر ذريعن” ميڊيا تائين اها خبر به پهچائي ته پ پ اندر فارورڊڪ بلاڪ بلڪل تيار آهي. ان لاءِ مختلف علائقن مان چونڊيل پ پ اڳواڻن جي نالن ڏانهن اشارا به ڪيا ويا پر اهو معاملو وقتي طرح ٿڌو ٿي ويو. تنهنڪري مرزا صاحب پاران هن موقعي تي پارٽي قيادت تي حمله آور ٿيڻ جي پٺيان ان امڪان کي به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي ته جيڪي ڌريون مخدوم ، پاڳاري ۽ مشرف جي ملاقات ڪرائي سنڌ اندر پ پ جو فارورڊ بلاڪ ٺهرائي “جمهوري طريقي ” سان موجوده پ پ حڪومت جي خاتمي واري “سازش” ۾ ملوث هيون اهي هن ڀيري مرزا صاحب معرفت زرداري صاحب کي پنهنجن “بارگيننگ ٽرمس” تي آڻڻ چاهينديون هجن. پر ان سموري معاملي ۾ اهم ڪردار ته بلاول ڀٽو زرداري جو جڙي پيو. سندس والد ۽ پڦي وچ ۾ اختلافن جي خبرن جي بنياد تي مرزا صاحب جيڪا تازي “ڪارروائي” ڪئي آهي. بلاول ان ڪارروائي جي ڪجهه ڏينهن جي خاموشي کانپوءِ پيءَ سان پنهنجن اختلافن وارين خبرن جي ترديد ڪندي اهو چئي چڪو آهي ته پ پ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن. قيادت خلاف ڳالهائيندڙ همراهه پارٽي جو سڄڻ ناهي. هاڻي ته مرزا صاحب شايد پاڻ کان پاڻ ئي سوال ڪري “اب تيرا ڪيا هوگا ڪاليا؟”.

گڏوگڏ ٻيو اهم سوال اهو به آهي ته آخر ڇا مسئلو آهي جو زرداري صاحب مرزا صاحب جي هر “دادلائپ” برداشت ڪندو ٿو وڃي نه صرف پاڻ ان خلاف ڪا ڪارروائي نٿو ڪري پر پنهنجي پارٽي جي ٻين اڳواڻن کي به مرزا صاحب جي الزامن جو جواب ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏيو اٿس. اها دوست سان دوستي پئي نڀائجي يا ڪو ڀئو آهي جيڪو کيس ڪو به قدم کڻڻ نٿو ڏي. ڇاڪاڻ ته مرزا صاحب ته اڻسڌي طرح ڌمڪي ڏيندي چئي چڪو آهي ته هو جيترو آصف زرداري کي سڃاڻي ٻيو ڪو به نٿو سڃاڻي ۽ ان حوالي سان ڪو ڪتاب به لکي رهيو آهي جيڪو سندس مرڻ کان پوءِ شايع ڪيو ويندو. بهرحال اها ڳالهه آهي ڪافي عجيب آهي ته ذوالفقار مرزا جي زال ۽ پٽ اڄ به پ پ جي ٽڪيٽ تي بدين جي عوام جا چونڊيل نمائندا آهن، انهن جي باري ۾ نه مرزا صاحب کي ڪا پرواهه آهي ته سندس زال ۽ پٽ ڪيئن هڪ ڪرپٽ ۽ شهيد راڻي جي خون کي نيلام ڪري سندس اولاد جي سياسي ڪردار جي خاتمي واري سازش ۾ ملوث قيادت جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن استعفا نه پيا ڏين ته ساڳي وقت اهو سوال پ پ جي انهن اڳواڻن کان به پڇي سگهجي ٿو جيڪي مرزا کي غدار قرار ڏيئي رهيا آهن ته توهان جي “پاڪ صاف” قيادت آخر ڇو مرزا جهڙي “غدار” جي خاندان کي اڃا تائين پنهنجن صفن ۾ رکيو ويٺي آهي.

مرزا صاحب جو ايم ڪيو ايم سان “اصولي” اختلاف ته پراڻو آهي پر هن وقت نه ته مرزا صاحب سنڌ ڪابينا جو ميمبر آهي جتي کيس اها شڪايت هجي ته ايم ڪيو ايم کيس ڪم ڪرڻ نه ٿي ڏئي ته پوءِ آخر ڇو هو هن ڀيري به ايم ڪيو ايم خلاف محاذ کي سرگرم رکيو پيو اچي. اهو هڪ عجيب اتفاق آهي ته جتي پ پ ۾ فارورڊ بلاڪ جي سازش بابت آڱريون “سگهارن ادارن” ڏانهن کنيون پئي ويون ته ساڳي وقت ايم ڪيو ايم به اڄڪلهه هڪ دفعو ٻيهر انهن ئي ادارن کي پنهنجي خلاف ڪارروائي ۾ ملوث قرار ڏيئي رهي آهي.

ايم ڪيو ايم پهرئين ان ڪارروائي جي باهه پ پ جي سنڌ حڪومت خلاف ڪڍي جنهن کي قائم علي شاهه وزير اعلي هائوس تي حملو قرار ڏنو پر جڏهن بلديا ٽائون اندر فيڪٽري کي باه بابت جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) جي رپورٽ ليڪ ٿي جنهن ۾ ان واقعي ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڄاڻايو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ رينجرس رات جو پنج وڳي سي پي ايل سي جي سربراه چنائي جي گھر تي ڇاپو هنيو جيڪو ايم ڪيو ايم جي ڪافي ويجھو سمجھيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري ايم ڪيو ايم رات ئي رات پنهنجي قيادت جا بيان جاري ڪري ڇڏيا پر بعد ۾ گورنر هائوس اندر معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ چنائي صاحب پاڻ چئي ڇڏيو ته هن جي گھر تي ڪو ڇاپو نه هيو ويو هيو پر هڪ ڪيس متعلق رينجرس هن کان ڪا معلومات وٺڻ آئي هئي.

ان کان پوءِرينجرس پاران 12 مئي 2007 واري سانحي جي ماسٽر مائينڊ جي گرفتاري جي خبر به ميڊيا جي هيڊلائينز جي زينت بڻي ته انهن سمورن معاملن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جيڪا سنڌ حڪومت خلاف اسيمبلي جي اندر توڙي ٻاهر گوڙ ڪري رهي هئي اها سينيٽ جي چونڊن ۾ پ پ سان اتحاد ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جو حصو ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ان حوالي سان به ٻه ٽي سوال اهم آهن هڪ ته ايم ڪيو ايم ۽ سگھارن ادارن وچ۾ آخر اختلاف ڪهڙي ڳالهه تي آهن؟ ڇا ملڪ جا سگھارا ادارا واقعي ئي مرزا صاحب ۽ عمران خان وانگر ايم ڪيو ايم کي ملڪ دشمن سمجھن ٿا؟ جي ايئن آهي ته پوءِ آخر عمران فاروق قتل ڪيس جا ٻه اهم شاهد جيڪي پاڪستان جي سگھارن ادارن وٽ آهن انهن کي اسڪاٽلينڊ يارڊ جي حوالي ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ ڇا واقعي ئي هن ڀيري ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ سگھارا ادارا سنجيده آهن يا هن ڀيري به هو برگيڊيئر بلا وانگر جناح پور جي نقشن جو انڪشاف ڪري وري ان ڳالهه تان هٿ کڻڻ واري روش جي پوئواري ڪندا. جنهن ڳالهه جا مڪان وڌيڪ نظر اچن ٿا.

مونکي لڳي ايئن ٿو ته آپريشن ضرب عضب کانپوءِ عسڪري قيادت جيئن ملڪ جي اقتدار جا معاملا پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ شروع ڪيا ته انهن پهرئين ڌڪ ۾ مرڪز توڙي پنجاب جي حڪومت جي مسند تي ويٺل پارٽي يعني مسلم ليگ ن جي زور آور قيادت جي زور آوري ختم ڪرڻ لاءِ ڌرڻا هڻايا ۽ انهن ڌرڻن دوران ئي جڏهن چيف صاحب وٽ حاضريون ٿيون. ڪپتان جي اعتماد جي سطح ناقابل برداشت حد تائين محسوس ڪئي وئي جنهن جي ڪري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور واري سانحي کانپوءِ پهرئين ڏينهن کيس اتي اچڻ نه ڏنو ويو، وري سندس شادي جون خبرون ليڪ ڪرايون ويون. بعد ۾ هن کي جڏهن اتي پهچڻ جي اجازت ڏني وئي ته اتي اهڙو ماحول ٺاهيو ويو هيو جو ڪپتان خان جي پاپولرٽي جو وڌندڙ گراف پنهنجي قابل برداشت سطح تائين اچي ويو. ان سڄي اسڪيم جي ئي هڪ حصي طور هتي سنڌ ۾ پ پ توڙي ايم ڪيو ايم کي به پنهنجي اوقات ياد ڏيارڻ لاءِ مٿي ذڪر ڪيل واقعا رونما ڪرايا ويا آهن مرزا صاحب کي به ان سموري ڊرامي ۾ هڪ ننڍڙو رول مليو هيو. ان سموري ڪارروائي کانپوءِ “سياسي قيادت” ۽ سگھارن ادارن وچ۾ گفتگو ٿيندي ۽ هر سياسي ڌر نئين چيف جي نون ٽرمس تي ڪم ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاري جيئندان حاصل ڪندي، ڇاڪاڻ جو اهي سمورا ادار ۽ پارٽيون ملڪ جي موجودهه نظام جي اسٽيٽسڪو کي برقرار رکي ئي پنهنجا مفاد حاصل ڪري سگھن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن حالتن ۽ قيادتن جي تبديلي ان ڳالهه جي تقاضا ڪندي ته آهي پاور شيئرنگ واري فارمولي جو رويو ڪيو وڃي.

ان لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته سياسي ڌرين کي پنهنجي اوقات ياد ڏيارڻ کانپوءِ کين ٽيبل تي گھرائجي. ان سڄي عمل ۾ مرزا صاحب جهڙن ماڻهن جو ڪردار جڙندو آهي جيڪو وري معاملن جي طئي ٿيڻ شرط منظر تان گم ٿي ويندو جيستائين وري کين ڪو ٻيو اشارو نه ملي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو