Home / ويندي ويندي / مٿو ڪوڙائيندئو يا کل لهرائيندئو؟
above article banner

مٿو ڪوڙائيندئو يا کل لهرائيندئو؟

هر پنجين ڏهين سال ڪونه ڪو ملٽري ڊڪٽيٽر ، ميري عزيز هم وطنو چئي، ملڪ جي مسند تي براجمان پئي ٿيو آهي. هو قوم کي پهرين خوشخبري ته اها ٻڌائيندو آهي ته جيئن ته ڪرپٽ سياستدانن ملڪ جي ڀينگ پئي ڪئي ان ڪري هو هيانوَ تي پٿر رکي ڪرسي تي اچي ويٺو آهي، کيس ٻهاري ڦيرائڻ ڏيو، هو پاڻ ئي ڪنهن موچاري سياستدان کي ملڪ جون چاٻيون ڏيئي تخت ڇڏي هليو ويندو. 50 جي ڏهاڪي ۾ به ائين ٿيو، 70 جي ڏهاڪي ۾ به ته 90 جي ڏهاڪي ۾ به. 90 جي ڏهاڪي ۾ ته ٻه ڀيرا هڪ سويلين صدر اچي “ميري عزيز هم وطنو !” جي صدا بلند ڪئي.

کڻي جو آمر جي نيت کوٽي هجي پر ڳالهه حق جي ڪجي ته سندس ڳالهه ۾ ڪو وڌاءَ نه هوندو آهي. وطن عزيز جي جمهوريت کي اهڙن سياستدانن هوندي ڪنهن ٻئي دشمن جي ضرورت ئي ناهي. ٻين لفظن ۾ ڪرپٽ سياستدان ملٽري ڊڪٽيٽر جا بهترين ڀرجهلا ٿين ٿا. اسان جي هڪ سوال جو جواب ڏيو: سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪا حڪومت هلي پئي سا جمهوريت جون پاڙون مضبوط ڪري پئي يا ملٽري ڊڪٽيٽرشپ لاءِ رستو صاف ڪري پئي؟ ڪرپشن لاءِ هونئن ته بيبي شهيد جي وارثن وٽ سئو واٽون آهن پر اسان اوهان کي رڳو هڪ کاتي جو مثال ڏيئي سمجهايون ٿا.

58

سنڌ ۾ ڪو اهڙو شهر ڪونهي جنهن کي حڪمران جماعت ماڊل شهر يا ڳوٺ طور پيش ڪري. کڻي جو هر شهر لاءِ هڪ عدد هڪ ٽي ايم او موجود آهي جنهن کي سوا ڪروڙ کان پوڻا ٻه ڪروڙ تائين ماهوار رقم ملي ٿي ته شهر جون ناليون، روڊ رستا صاف رک. گهٽيون پڪيون ڪر، خراب پاڻي نيڪال ڪري ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچاءِ. مطلب جيئن پاڻ گهر ۾ ٻهاري پوچي ۽ فينائل سان ڪاڪوس صاف ڪرڻ لاءِ صفائي وارو رکندا آهيون تيئن ٽي ايم اوز به اسان جي شهرن ڳوٺن کي صاف رکڻ لاءِ آهن. ٿورو تصور ڪيو ته اوهان جي گهر ۾ صفائي ڪندڙ اوهان کان صفائي لاءِ پگهار به وٺي ۽ فينائل به خريد ڪرڻ جو بل ڏئي پر ڪم نه ڪري ته مهيني کان پوءِ اوهان جي گهر ۾ ڇا حالت هوندي؟ مکين، مڇرن ۽ ڪاڪروچن جا ڌڻ اوهان هڪلي هڪلي ٿڪجي پوندئو. هي جو جيالن جي حڪومت آئي، ڇهن سالن کان سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو ڪم ناهي ٿيو ته انهن شهرن جي ڇا حالت هوندي؟ جيڪي ابن ڏاڏن کان ڀنگي رکيل هئا سي ڪڏهوڪو وڃي تغاري ۽ حمالي جي ڌنڌي سان لڳا.هر ٽائون جا ٻه اڍائي سئو ملازم، سي به جيالا ڀرتي ٿيل آهن، تن مان جيڪي ڀنگي طور ڀرتي ٿيل آهن تن زندگي ۾ پنهنجو منهن ئي نه ڌوتو سي شهرن جي صفائي ڪهڙي ڪندا؟

جڏهن ناظم سڳورا موجود هيا ته بجيٽ جي ورهاست ناظم، ٽي ايم او، ايم پي اي، ايم اين اي وغيره ۾ ٿيندي هئي، جڏهن کان ناظمن ٽپڙ ويڙهيا تڏهن کان ٽي ايم او صاحبان اڇي ڪاري جا مالڪ آهن. سندن پوسٽنگ اڌ مني ڪروڙ عيوض ٿئي ٿي. ان کان پوءِ بجيٽ رليز ٿئي ٿي. پر ترسو! ٽي ايم اوز پاڻ نه نه پر ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي ان ٽي ايم او جو ڌڻي آهي. عرف عام ۾ هيئن پڇيو ويندو آهي ته اهو ٽي ايم او ڪنهن کي ڏنل آهي؟ معنيٰ، اتي ٽي ايم او به ان ايم پي اي صاحب جي مرضي سان ايندو، کيس ملندڙ ماهوار بجيٽ به ان ايم پي اي صاحب جي مرضي سان ورهائبي ته ملازمن کي پگهارون به ان ايم پي اي صاحب جي خوشامد ڪرڻ سان ملنديون.

هر مهيني سوا ڪروڙ کان مٿي جو سرڪاري پئسو ڪونه ڪو جيالو ايم پي اي ورهائي ٿو جنهن مان ادي ۽ اديءَ جو حصو ڪـڍي باقي رقم وهاڻي هيٺان رکجي ٿي. سنڌ ۾ سوا سئو ٽائون آهن ۽ هر ٽائون ۾ اها ئي ڪهاڻي هلي ٿي. اڃا هي ، چونڊيل وڏيرا ٿلها ٿي ٿونا نه هڻن؟ اڳ ڪروڙ پتي ٻڌاسين، پوءِ ارب پتي، هاڻ هي کرب پتي ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ آهن، سو به سنڌ جي ترقي جي بجيٽ کيسي ۾ وجهي. سندن گهر ٻار اوهان جي ڏوڪڙن تي پلجن پيا، پرديس ۾ ملڪيتون ورتيون پيون وڃن، ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ ڏوڪڙ پيا گڏ ڪجن.

سو پيارا دانشور ڀاءَ! ملٽري ڊڪٽيٽر اسان توهان لاءِ اهڙي ئي اونده آڻيندو جيڪا جمهوريت اڳواٽ آڻي چڪي آهي. اسان کي ته لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ سياستدانن ۽ ملٽري ڊڪٽيٽرن جو پاڻ ۾ ڳجهو ٺاه ٿيل آهي. ڪم ٻنهي جو ساڳيو آهي، هڪڙا اسان جو مٿو جمهوريت جي نالي ۾ ڪوڙين ٿا ۽ ٻيا اسان جي کل عزيز هم وطنو چئي لاهن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو