Home / اسپيشل افيئر / نشاط ڪراچي جي تاريخي سئنيما وڪري لاءِ!
above article banner

نشاط ڪراچي جي تاريخي سئنيما وڪري لاءِ!

 A Reporter

 سال 2012ع ۾ مبينه طور توهين اسلام تي ٻڌل هڪ فلم خلاف سڄي ملڪ ۾ پرتشدد احتجاج دوران مڇريل هجوم نوَ (9) سئنيما گهرن تي به پنهنجي ڪاوڙ لاٿي. انهن نون سئنيما گهرن ۾ 1947ع ۾ ٺهندڙ ڪراچي جي تاريخي سئنيما نشاط به شامل هئي، جنهن کي مڇريل هجوم ڀڃ ڊاهه کانپوءِ ساڙي ڇڏيو. ويجهڙ ۾ ئي مانڊيوالا اسٽيٽ هڪ اشتهار وسيلي 66 ورهيه پراڻي ٿيٽر کي نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي مشهور ۽ يادگار نشاط سئنيما ۾ لکين ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ جو سفر پڄاڻيءَ تي پهتو.

51

سئنيما جي مالڪ ۽ مانڊيوالا انٽرٽينمينٽ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نديم مانڊيوالا ميڊيا کي ٻڌايو ته عمارت جي ٻيهر تعمير ممڪن نه آهي، ان ڪري نيلامي اڻٽر بڻجي چڪي آهي. اسان کي هاڻي اڳتي ڏسڻو آهي، اسان سئنيما ٻيهر تعمير نٿا ڪري سگهون. عمارت ٻيهر ٺاهڻ جو ڪو به سبب نه آهي، ڪهڙي ضمانت آهي ته ٻيهر اهڙو واقعو نه ٿيندو؟

سئنيما گهرن جي حوالي سان بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) واقعي غير محفوط علائقو آهي، هتي هر ايندڙ ڏينهن تي جلسا جلوس ۽ احتجاج ٿيندا رهندا آهن. نديم موجب جڏهن مڇريل جلوس سئنيما ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري رهيو هو، ان وقت 70 ٽي وي چئنل اهو سڀ ڪجهه لائيو ڏيکاري رهيا هئا. اها ڀڃ ڊاهه ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي ليڪن پوليس ڪا به مداخلت نه ڪئي. جڏهن سيڪيورٽي ئي مهيا نه ڪئي وڃي ته پوءِ ڪو ملڪيت ڇو ٺاهيندو؟ جيڪڏهن لاڳاپيل اختياريون موقعي تي هجن ها ته مونکي ڪجهه تسلي ٿئي ها پر ايئن نه ٿيو.

نديم جو وڌيڪ چوڻ هو ته “اهو حملو لڪل نه پر ڏينهن ڏٺي جو ٿيو، اها سيڪورٽي جي ناڪامي هئي ڇو ته اهڙي طرح هجوم کي تباهي ڦهلائڻ جو موقعو ڏنو ويو”. نديم ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ کانئس اهو سوال پڇيو ويو هو ته ڇا آءُ هتي ٻيهر سئنيما گهر ٺاهيندس؟ ان جي جواب ۾ مون وراڻيو هو ته: جيڪڏهن حڪومت اسيمبلي ۾ هڪ بل ذريعي ايم اي جناح روڊ تي جلسا جلوس ڪڍڻ تي پابندي هنئي وڃي، ان کي ريڊ زون قرار ڏنو وڃي ته آءُ سئنيما گهر ٻيهر ٺاهي سگهان ٿو.

ڪنهن وقت نشاط ۾ هر عمر جي ماڻهن جا هجوم هوندا هئا، هتي فلمن جا شوقين قطارن ۾ بيهي ٽڪيٽون خريد ڪندا هئا ليڪن اڄ اها عمارت فقط هڪ ڍانچو آهي جنهن جو شاندار ماضي اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو.

نديم جو چوڻ هو ته بنا ڪنهن شڪ جي نشاط سئنيما شهر جي سڀ کان پراڻين نشانين مان هڪ آهي ۽ سڀني ماڻهن جي ان سان جذباتي لڳاءُ آهي. مون سان به بلڪل ساڳي صورتحال آهي ليڪن هي ملڪ تمام گهڻن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، هتي روزانو ماڻهو مرن ٿا ۽ اهو مون لاءِ سئنيما جي نقصان کان وڌيڪ افسوسناڪ آهي.

واضح رهي ته نشاط وانگر پرنس، ڪيپري ۽ بمبينو سئنيمائو پڻ مڇريل هجوم هٿان ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيون پر هاڻي اهي بحال ٿي چڪيون آهن. نديم ڳالهه ٻولهه دوران هن شعر وسيلي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو.

“پہلی بار غلطی ہوتی ہے، دوسری بار نادانی”

شهر جي تاريخي سئنيما گهر جي وڪري جو ٻڌي ماڻهو ڏک واري ڪيفيت ۾ آهن. ثقافتي نقاد ۽ ڪالم نگار نديم ايف پراچه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪيو: “مقامي حڪومت ان معاملي ۾ مداخلت ڪندي عمارت ٻيهر تعمير ڪرائي ۽ ان کي محفوط بڻائي ورثو قرار ڏئي”.

پاڪستان ۾ سئنيما جي مستقبل بابت هن جو چوڻ هو ته: نشاط جي وڪرو ٿيڻ سان ڪو گهڻو اثر نه پوندو ڇو ته هاڻي ملٽي پليڪس سئنيمائو ئي مستقبل آهن. ان هوندي به نشاط هڪ ڪلاسڪ سئنيما گهر آهي جنهن کي هر صورت ۾ محفوظ بنائڻ گهرجي.

نديم ايف پراچا موجب نيلامي کان محروم طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو-عين ممڪن آهي ته هاڻي ڪيپري ۽ بمبينو به اهڙو ڪجهه ڪرڻ بابت سوچين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو