Home / پروفائيل / ورسي جي موقعي تي ڀيٽا ظفر حسن: سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ۽ کرو انسان!
above article banner

ورسي جي موقعي تي ڀيٽا ظفر حسن: سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ۽ کرو انسان!

رمضان شورو

“ربانيءَ صاحب جي آفيس ۾ گهڙياسين ته هو ڏاڍي قربائتي نموني مليو، سڀني دوستن جي ويجهو وڃڻ کان پوءِ ربانيءَ ميز جي خاني مان هوائي جهازن جي ٽڪيٽن جو هڪ ٿهو ٻاهر ڪڍيو ۽ هڪ ٽڪيٽ ڳولهي امداد حسينيءَ ڏانهن وڌائيندي چيائين ته: امداد، هيءَ تنهنجي اسلام آباد ۾ ضياءَ صاحب جي سڏايل “اهلِ قلم ڪانفرنس” جي ٽڪيٽ آهي، بابا، هلڻ جي تياري وٺ”.

امداد ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو ۽ چيائين، “مان نه هلندس”.

ڇو نه هلندين؟” ربانيءَ جو منهن ڪاراٽجي ويو. سڀ دوست امداد ڏانهن آفرينيءَ سان نهارڻ لڳا.

“نه هلندس، معنيٰ نه هلندس. ان ۾ ڪنهن حيلي هجت جي گنجائش ئي ناهي”. غلام ربانيءَ ڦڪائيءَ سان ٽڪيٽ ميز جي خاني ۾ رکي ڇڏي. ظفر حسن ربانيءَ ڏانهن قهري نگاهن سان نهاري رهيو هو.”

هي اهي لفظ آهن، جيڪي تازو ئي سرڳواسي ٿيل مشهور سنڌي اديب آنجهاني لڇمڻ ڪومل “وهي کاتي جا پنا” جي عنوان سان پنهنجي لکيل آتم ڪٿا جي ٽيهٺهين پني ۾ لکيا آهن. هتي هنن لفظن جي ذڪر ڪرڻ جو مقصد غلام رباني آگري صاحب کي گهٽ ڪري ڏيکارڻ يا سندس ضيائي مارشل لا سان سڱابندي ياد ڏيارڻ ناهي، پر اصل ۾ ذڪر ان شخصيت جي اصول ۽ رويي جو ڪرڻو آهي، جنهن کي اسين سڀ ظفر حسن جي نالي سان سڃاڻون ٿا، جيڪو پنهنجو اصولي موقف تي ڄمي بيهندو هو ۽ اصولي موقف جي ڀڇڪڙيءَ تي ڪنهن کي به معاف نه ڪندو هو.

سنڌ جي هن گهڻ پاسائين انسان حيدرآباد جي ويجهو پنهنجي ئي ڏاڏي جي آباد ڪيل وسندي سيد ثابت علي شاهه ۾ سيد نظير علي شاهه جي گهر ۾ 1937ع جي آگسٽ مهيني جي ان تاريخ تي جنم ورتو، جنهن تاريخ تي ٺيڪ ڏهن سالن کان پوءِ پيارو پاڪستان وجود ۾ آيو. هن پرائمري تعليم واڻڪي وسي جي پرائمري اسڪول مان ورتي. هو چوندو هو ته کيس ان اسڪول ۾ پڙهڻ تي فخر آهي، پر هاڻي واڻڪي وسي واسي توڙي هن اسڪول جا استاد ۽ شاگرد چون ٿا ته هن اسڪول کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ۾ ظفر حسن پڙهيو.

ظفر حسن هڪ ئي وقت استاد، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ڊائريسٽ، مرتب، ايڊيٽر، پبلشر ۽ نقاد هو. ظفر حسن انهن سڀني پهلوئن تي ڳاڻيٽي مطابق نه پر معيار تحت ڪم ڪيو. هن پرفيڪٽ پريس نالي پنهنجو پبلشنگ ادارو به قائم ڪيو، جنهن ۾ هن ڪيترن ئي ليکڪن جا ڪتاب ايڊٽ ڪري ٺاهي سنواري ڇپيا. پرفيڪيٽ پريس سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي پريس کان پوءِ ٻي پريس هئي جيڪا سياسي مسئلن تي پمفليٽ ۽ اشتهارن کانسواءِ ترقي پسند ادب به دليريءَ سان ڇاپيندي هئي. هن مرحوم طارق اشرف سان سهڻي ۽ وليرام ولڀ سان گڏجي آرسي رسالا ڪڍيا، جن جي معيار جي ساک هرپڙهيو لکيو ماڻهو ڏي ٿو. هن ڌرتي ۽ انڊلٺ ڊائجسٽ جاري ڪيا ۽ ڪجهه عرصو سائنسي مواد تي مشتمل رسالي ‘سائنس’ لاءِ به ڪم ڪيائين. سائين ظفر حسن ادب جي ميدان ۾ اچڻ جي شروعات ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي ۽ سندن ڪهاڻين جو مجموعو ‘رهيل قرض’ جي عنوان سان 1981ع ۾ ڇپيو.

اسان جي تعليمي ادارن ۾ استادن جي اها روايت آهي ته هو سدائين انتظامي پوسٽون حاصل ڪرڻ جي پويان هوندا آهن ۽ پڙهائيندا ناهن، ڊپارٽمينٽ ڪو نه اچن، اچن ته صرف هڪ اڌ ڪلاس وٺيو هليا وڃن. پر هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ آءُ شاهدي ٿو ڏيان ته سائين ظفر حسن نه صرف ٽائيم تي ايندو ويندو هو، پر هٿ ٺوڪين موڪلن ۾ به وڃبو هو ته ظفر حسن آفيس ۾ ويٺل ملندو هو ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رُڌل هوندو هو. پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جو اهڙو انداز جيڪو 25 سال گذري وڃڻ کان پوءِ به اسان کي لفظ به لفظ ياد آهي. ڪلاس کان پوءِ سائين ظفر حسن گهڻي ڀاڳي تحقيقي ڪم ڪندو هو.

ظفر حسن جي سوچڻ جو انداز سڀني کان مختلف ۽ نرالو هو، مون کي ياد آهي ته اسان ڊپارٽمينٽ آف جاگرافيءَ جي شاگردن هڪ سال پهرين جنوريءَ تي نئين سال جو جشن ملهايو هو، سائين ان موقعي تي چيو هو ته هي ڏينهن خوشيون يا جشن ملهائڻ نه پر پنهنجو احتساب ڪرڻ جو آهي. اڄوڪو ڏينهن گذريل سال جي ڪمن ۽ افعالن کي سامهون رکي ايندڙ سال جي رٿا بندي ڪرڻ جو آهي، نه ڪي دهل وڄائڻ ۽ جُهمريون پائڻ جو. ظفر حسن انتظامي عهدا هاسٽل پرو ووسٽ ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ به سنڀاليا، پر گهڻو وقت انهن عهدن تي هلي نه سگهيو ڇو ته ظفر حسن چاپلوسي ۽ ضمير فروشي نه ڪرڻ ڪري اهڙي ماحول ۾ مِس فٽ هو. هن ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بورڊ ۾ ڪافي سُڌارا آندا پر مرضيءَ مطابق ڪم نه ٿيڻ ڪري عهدي کان الڳ ٿي ويو. مون کي ياد آهي ته 1990ع جي شروع وارن مهينن ۾ مختلف اخبارن ۾ خبر آئي ته، “ظفر حسن کي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ڪرڻ جو امڪان” آئون کانئس تصديق ڪرڻ ويس ته مون کي کِلي چيائين ته، “مون کي خبر آهي ته اهڙا بيان ان ڪري پيا ڏياريا وڃن ته جيئن ان عهدي تي مقرري لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪريان ۽ چئو چوا ڪرايان، پر مون کي ڪو به شوق ناهي.” سائين اعتراف ڪيو ته، “پهرين به کيس ميرٽ تي نه پر سفارش تي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو.”

ڊائري لکڻ جو به سائين ظفر حسن جو هڪ پنهنجو ڊڪشن هو، هن جون لکيل ڊائريون ڄڻ تاريخ جا ورق آهن. سندس لکيل ڊائرين ۾ سياست، ادب، ٻولي، سماجي قدرن، سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين ۽ مُنافقين تي کُلي لکيو ويو آهي. ظفر حسن جي لکيل ڊائرين تي مشتمل هڪ ڪتاب “ظفر حسن جي ڊائري” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيل آهي، جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪ تاريخي دستاويز آهي ۽ سائينءَ جي رهيل ڊائرين کي جيڪڏهن ڪتابي صورت ۾ آڻجي ته هڪ طرف سنڌي ادب کي ڪيترائي ڪتاب ملي پوندا ته ٻئي طرف ڪيتريون ئي لِڪل حقيقتون سنڌي ماڻهن جي سامهون اچي وينديون.

ظفر حسن سنڌي قوم ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ سان بيحد عشق ڪندو هو، سائين جي ايم سيد کان پوءِ مون اهڙو عشق صرف ظفر حسن ۾ ڏٺو. هن وڏو عرصو اردو ٻوليءَ کان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو جو هو سمجهندو هو ته سنڌي ٻوليءَ جو وڌ کان وڌ استحصال ڪندڙ ٻولي اردو آهي. چوندو هو ته جڏهن به سنڌي قوم کي ترقي وٺرائڻ يا سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ بنائڻ لاءِ ڪا تحريڪ هلي آهي ته ان کي اردو ٻوليءَ ۽ اردو دانن ئي نقصان رسايو آهي. ظفر حسن چوندو هو ته اسان جي لکيل پڙهيل نوجوانن کي پنهنجي انگريزي به سُڌارڻ گهرجي ته جيئن انهن کي ڪنهن امتحان يا انٽرويو وغيره ۾ اردو ٻوليءَ جو سهارو نه وٺڻو پوي. سنڌي ۽ انگريزيءَ جي اهميت تي هن ڪيترائي خط روزاني ڊان ۽ روزاني دي نيوز ۾ لکيا.

ڪوڙ، گلاخوري ۽ خود غرضيءَ کان وئون ٿيندڙ هن کَري شخص، سنڌي سماج ۾، اخلاقي دٻاءَ، مدلل موقف رکڻ، منافقن ۽ ڪوڙن کان سماجي بائيڪاٽ ۽ بنا ڪنهن پرواهه جي سڀ ڪجهه سامهون چئي ڏيڻ جو رواج وِڌو. تازو سنڌ جي مشهور اديب قاضي خادم جي ساروڻين جي سلسلي جو ڪتاب “ياد ياد هڪ زندگي” آيو آهي. هن صفحي نمبر 71 تي لکيو آهي،“73-1972 جي ڳالهه آهي ته گاڏي کاتي جي اسٽار هوٽل ۾ جيڪا اڃا به آهي، پر هاڻي منجهس وڪيلن جون آفيسون آهن. سنڌي ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب جو افتتاح ٿي رهيو هو، اهو افتتاح سنڌ يونيورسٽيءَ جو تڏهوڪو وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪري رهيو هو، جنهن جو عام رويو اديبن ڏانهن ڪو ساراهڻ جهڙو نه هو. اُتي ڪيترائي اديب موجود هئا. ڪتاب جو افتتاح ٿيو. اوچتو سيد ظفر حسن اُٿي بيٺو ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي مخاطب ٿي چيائين: “سائين اوهان ته فڪشن جي خلاف آهيو، پوءِ هن ڪتاب جو افتتاح ڪيئن ڪيو اٿو؟” غلام مصطفيٰ شاهه اهڙي سوال لاءِ تيار نه هو ۽ هڪدم پاڻ به اُٿي بيٺو ۽ چيائين: “آءُ فڪشن جي خلاف ناهيان، آءُ ته ڪالم نگارن کي پسند نه ڪندو آهيان، جيڪي هِتان هُتان جون ڳالهيون پيا ڪندا آهن”.

“پر سائين، توهان ته هميشه افسانن ۽ ناولن کي پئي ناپسند ڪيو آهي”. هٺيلو ظفر حسن به پنهنجي ڳالهه کي ڳنڍ ڏئي بيٺو رهيو. جڏهن ته ٻيا سڀ اديب خاموش هئا، جن ۾ اڄ جا سڀ وڏا اديب به شامل هئا، مونکي به ظفر حسن جو هي روپ عجيب لڳو، اُنڪري جو سيد غلام مصطفيٰ شاهه تعليمي ماهر هئڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به هو، هن جو دٻدٻو ڏسڻ وٽان هوندو هو. جهڙي هئس شخصيت رعبدار، اهڙوئي ڪڙڪيدار آواز هئس ۽ ظفر حسن سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي جاگرافي شعبي ۾ استاد هو. ان هوندي به هن جهڙي ريت هڪ اصولي معاملي تي مهاڏو اٽڪايو هو، سو ساراهه جي قابل هو.” ايئن ظفر حسن پنهنجو اهو ڪردار سڄي زندگي جاري رکيو. سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوندڙ هي شخص هر اصولي موقف ڀير تي ڏونڪو هڻي رکندو رهيو.

آمر جنرل ضياءُ الحق سنڌ ڄائي ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان جي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ “اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد” پاران اهل قلم ڪانفرنس جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو. انهي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڄاتل سڃاتل اديبن ۽ شاعرن نه صرف شرڪت ڪئي هئي پر پنهنجا سڻڀا ۽ انتظامي عهدا بچائڻ لاءِ ٻين اديبن کي به نوڪري وڃڻ جا ۽ ٻيا ڊپ ڏياري شرڪت ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. ظفر حسن نه صرف انهن جي مخالفت ڪئي پر انهن جو سماجي بائيڪاٽ ڪندي، انهن سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو ۽ اهوسلسلو سڄي زندگي جاري رکيائين ۽ پنهنجي اصول تي ڪڏهن به مصلحت نه ڪيائين.

ظفر حسن نوڪريءَ تان 1997ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. رٽائرمينٽ کان پوءِ سائين ظفر حسن جو پروگرام هو ته هاڻي “عام جائزو” ڪتابي سلسلي کي اڳتي وڌائبو (واضح رهي ته سائين هڪ اهڙو ڪتابي سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن ۾ اهي خبرون، تبصرا ۽ آرٽيڪل ترجمو ڪري “عام جائزو” نالي ڪتاب ۾ آندا ٿي ويا، جيڪي انتهائي اهميت وارا هئا، پر سنڌين جي پڙهڻ کان رهجي ويا. ان جي هڪ ڪڙي مارڪيٽ ۾ اچي چُڪي آهي) سندن چوڻ هو ته هاڻي اهي سڀ رهيل ڪم پورا ڪبا، جيڪي هو هڪ سرڪاري ملازم هئڻ سبب نه ڪري سگهيو. هڪ هفتيوار اخبار ۽ پندرهن وار مئگزين جاري ڪبو. سائين اهي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ هوم ورڪ به مڪمل ڪري ڇڏيو هو، پر افسوس جو ساڻن حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ هڪ ئي وقت دوستن توڙي دشمنن وٽ يڪسان سچو ۽ اصول پرست طور مڃتا ماڻيندڙ ظفر حسن 8 مارچ 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ جڏهن پاڻ اسان ۾ موجود ناهي ته لڳي ٿو ته ويساهه گهاتين جي هن دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم هڪ سچي، کري ۽ سگهاري آواز کان محروم ٿي وئي آهي.

ورسي جي موقعي تي ڀيٽا

ظفر حسن: سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ۽ کرو انسان!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو