Home / پروفائيل / ٿامس پين: سچ ته بيٺو نچ!
above article banner

ٿامس پين: سچ ته بيٺو نچ!

يوسف سنڌي

هو به عجيب شخص هو، هڪ اهڙو شخص، جيڪو ڄڻ سڄي دنيا جو درد پنهنجي سيني ۾ کڻي پيدا ٿيو، هو هڪ اهڙو شخص هو، جنهن لاءِ ڄڻ شيخ اياز لکيو:

جنهن تي به ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو

سو مون تي ظلم ٿيو آهي

جيڪو به ڇرو، جنهن تي به هليو

سو منهنجي رت رتو آهي

ڪا ٻانهن وڍي، مون دانهن ڪئي

ڪو ڪانهن ڪپيو

سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي.

هن جو نالو ٽام پين هو، جنهن کي عام طور تي ٿامس پين به لکيو ۽ سڏيو وڃي ٿو، ٽام پين جيترو پاڻ لکيو، سندس باري ۾ اُن کان به وڌيڪ لکيو ويو، هو رهاڪو ته برطانيا جو هو، پر پنهنجي ئي هم وطنن جي خلاف آمريڪا وڃي آزاديءَ جي جنگ وڙهيو، پر برطانيا به ڪڏهن آزاد هو ڇا؟ ڪو بادشاهي نظام وارو ملڪ به آزاد ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن سڀ طاقتون، سڀ اختيار، سڀ صلاحيتون هڪئي شخص ۾ گڏ ٿي وڃن، ظل الاهي، عزت ماب، يوئر ميجسٽي، هڪ ئي شخص بنجي وڃي ته باقي عوام جي لاءِ ڇا بچيو، عوام ته رڍن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ، جنهن کي اهو سڀني صلاحيتن جو مالڪ ظل الاهي جيئن وڻيس هڪلي، بادشاهي نظام يا ملوڪيت ۾ فقط ٻه طبقا عيش عشرت ۽ اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا آهن، هڪڙو پادري (ملو)، ٻيو جاگيردار طبقو، باقي ٻيا طبقا هاري، مزدور، پورهيت وغيره انهن جي رعيت هوندا آهن، اها رعيت يا ٻين لفظن ۾ ڪُت خلق پيدا ئي ڄڻ اُن ڪري ٿي هوندي آهي ته اها انهن ٻنهي طبقن جي خذمت ڪري، بادشاهه، جيڪو زمين تي الله جو پاڇو ان جو نائب ۽ خليفو هوندو آهي، کيس دنياوي حڪمرانيءَ سان گڏ ديني حيثيت به ڏني ويندي آهي، تنهن جي اڳيان ڀلا ويچاري عوام جي حيثيت به ڪهڙي هوندي.؟

ٿامس پين اهڙن ئي غريب ۽ بي نانءُ مائٽن وٽ پيدا ٿيو، جيڪي برطانوي بادشاهه جي رعيت هئا، انهن جا ڪي به حق نه هئا. ٿامس پين جو جنم 9 فيبروري 1737ع ۾ ٿيو، غريب مائٽن جو ٻار هئڻ سبب ٿامس پين تعليم به ايتري حاصل ڪري نه سگهيو، غريب مائٽ اڻهوند ۽ سُڃائيءَ سبب، اٽي، لٽي ۽ اجهي جي لاءِ پريشان، سو هنن جو ڪٿي ٿو پنهنجي پُٽ جي تعليم ڏانهن ڌيان وڃي، اهڙي صورتحال ۾ ٿامس پين ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ ته ڇا اُن جو خواب به ڏسي نٿو سگهيو، پر هو ڪو عام ٻارڙو نه هو، هو ته هڪ سادو سوڌو، سچار ۽ پاڪائي سان ڀريل ٻارڙو هو، جنهن جو روح پوتر ۽ پاڪ هو.

y sindh

ظاهر آهي ته جڏهن هو اسڪول وڃي نه سگهيو ته هو گهڻا ڪتاب به پڙهي نه سگهيو، تنهنڪري هن جيڪو ڪجهه لکيو، اهو لفظن جي محتاجيءَ ۾ نه لکيو، عام ماڻهن جي زبان ئي سندس لکت جي زبان هئي، پر هن سڀ کان وڏو ۽ سُٺو ڪم جيڪو شروع ڪيو، اهو هي ته هن ”سچ“ جي طرفداري شروع ڪري ڏني، جتي به سچ هوندو هو، اُتي ٿامس پين هوندو هو ۽ جتي به سچ ۾ ملاوٽ نظر ايندي هئي، ٿامس پين اتي مينهن واءَ ڪري پهچي ويندو هو، تنهنڪري هو شاهي درٻار کان پري هو، عدالت کان پري هو، پادرين ۽ ڪليسا کان پري هو، ڀلا هڪ پاڪ روح جو انهن هنڌن تي ڇا؟ انهن هنڌن تي ته اهي ماڻهو هوندا آهن، جن جا روح زنگيل، جسم سَڙيل ۽ ذهن خوشامد ۽ منافقيءَ سان ڀريل هوندا آهن، پر ٿامس پين جو رشتو ۽ واسطو انهن پاڪ روحن سان هو، جنهن کي ”عوام“ سڏجي ٿو ۽ هو سڄي زندگي عوامي درٻار ۾ موجود رهيو، کيس جڏهن پنهنجي ملڪ جي بادشاهت ۽ ڪليسائن کان آزادي ۽ ڇوٽڪارو نظر نه آيو، هن عوام کي ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل زنجيرن سان ٻڌل ڏٺو. جيتوڻيڪ کيس عوام مان خير ۽ چڱائي جي اميد هئي، پر ان وقت عوام ۾ ڪابه تحريڪ ۽ تنظيم نظر نه آئي. تنهنڪري پنجٽيهن، چاليهن سالن جي عمر وارو هي پاڪ روح، جيڪو سچ جو ڳولائو هو، جيڪو سچ جي ڌُر هو، جيڪو عوام جي درٻار جو اهم رُڪن ٿيو، جنهن سچ جي حاڪميت ٿي چاهي، سو برطانيا ڇڏي آمريڪا روانو ٿي ويو، هن نئين دنيا ڏانهن، جيڪا ان وقت پنهنجي سُڃاڻپ جي ڳولا ۾ هئي، ٿامس پين آمريڪا پهتو، جيڪو خود برطانيا جي ڪالوني هو، جڏهن برطانيا ۾ ئي انصاف نه هو، ته ان جي ڪالونيءَ ۾ انصاف ڪٿان اچي ها؟ هن بي پناهه ذهانت سان ڀرپور شخص، غلام آمريڪا کي، برطانيا کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو پڪو پهه ڪيو، غلامي ته سچ کي قيدي بڻائيندي آهي ۽ سچ ته ٿامس پين جي ساهه جي تند هو، اتي هن ”ڪامن سينس“ نالي ڪتاب لکيو، هڪ اهڙو ڪتاب جيڪو سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ زبان ۾، عام دليلن ۽ منطق سان ڀريل هو، جنهن ۾ هن لکيو ”غلامي غير انساني هوندي آهي ۽ آزادي سڀ کان اُتم حالت.“ لکيو، ”هن آزادي اهو واحد ٻنڌڻ آهي، جيڪو اسان کي پاڻ ۾ سهمت ۽ گڏ رکي سگهي ٿو. تڏهن اسين پنهنجو مقصد ڏسي سگهنداسين ۽ اسان جا ڪن هڪ سازشي ۽ ظالم دشمن جي منصوبن جي خلاف قانوني طور بند هوندا.“ هن وڌيڪ لکيو، ”اسين انهن لفظن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٻُڌنداسين، هڪ سٺو شهري، هڪ پڪو دوست، انساني حقن جو سڄي دنيا ۾ هڪ باصلاحيت حمايتي، آزاد ۾ خودمختيار يونائيٽيڊ سٽيٽس آمريڪا.“

هن نه رڳو غلاميءَ جي خلاف لکيو، پر هن بادشاهت جي خلاف به لکيو، جنهن جو ذائقو هو برطانيا ۾ چکي چڪو هو، تنهنڪري آزادي ۽ جمهوريت جي ڳالهه ان پمفليٽ جي هر سٽ ۾ موجود آهي، هن شخص جي لکڻي ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي جنجهوڙي ڇڏيو، پمفليٽ اهڙو ته مقبول ٿيو جو چوڻ وارا ته آمريڪا جي آزاديءَ ۾ ان جو وڏو حصو سمجهن ٿا، هن جهڙو سياسي ليکڪ شايد ڪو هجي، هن جي لکڻي ۾ ڪمال اهو آهي ته هو عام سياسي ڳالهه کڻي ٿو ۽ پوءِ ڳالهه مان ڳالهه کڻندو، نيٺ سچ جي تهه تائين وڃي پهچي ٿو، اُن سڄي سفر ۾ هو پڙهندڙ کي اهڙو ته قابو ٿو رکي، جو چُرڻ ڦرڻ ئي وسريو وڃي، ”ڪامن سينس“ اڄ به اسان ٽين دنيا جي محڪوم عوام لاءِ نصابي درجي جي حيثيت رکي ٿو.

ان زماني ۾ فرانس ۾ انقلابي اُڀار کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي آندو ۽ هو فرانس پهچي ويو، پر سندس شهرت سندس پهچڻ کان اڳ اتي پهچي چڪي هئي، هن هڪ ٻي زبردست لکڻي ”انساني حق“ جي نالي سان لکي، اها لکڻي ڊڪٽيٽرشپ جي نقصانن تي ٻڌل هئي، هن شخص آمريت جي حق ۾ سڄي تاريخ ۾ موجود دليلن کي هڪ هڪ ڪري کنيو ۽ ڏاڍي تفصيل سان پنهنجي منطقي انداز ۾ لکندي سڀني کي ڪوڙو قرار ڏنو، ڪاسموس جي ليکڪ ”ڪارل ساگان“ کان ٻه سؤ سال اڳ ٿامس پين چيو هو، ”سڄي دنيا منهنجو گهر آهي ۽ انسانن جي بهتريءَ جي لاءِ ڪم ڪرڻ منهنجو مذهب آهي.“ سون جو قدر سونارو ئي ڄاڻندو آهي، فرانس وارن کيس هڪ ٻن، نه پر پورن چئن تڪن تان هن پرڏيهي شخص کي پنهنجي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، ان کان وڌيڪ سندس عزت اها ٿي ته کيس فرانس جو آئين لکڻ جي لاءِ چيو ويو، انقلابين، اسيمبلي جي اندر بادشاهه کان انتقام وٺڻ جون صدائون هنيون پر ٿامس پين ماضيءَ کي وساري هڪ نئون سماج اڏڻ ٿي چاهيو، برابري تي ٻڌل ۽ عدل سان ڀريل سماج، هن مقبول عام گهڻائي جي خلاف وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بادشاهه کي موت جي سزا ڏيڻ جي خلاف ووٽ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس گرفتار ڪري موت جي سزا ٻُڌائي ويئي، بهرحال، هو ڪنهن نموني موت جي سزا کان بچي ويو. اتي هن هڪ ٻيو زبردست ڪتاب لکيو ”عقلي دؤر“ اهو ڪتاب ڪليسائي عقيدي پرستيءَ جي خلاف هو، فرانس انقلاب ته آڻي چڪو هو، پر عقيدي جون زنجيرون مضبوطيءَ سان موجود هيون، سندس ان ڪتاب جي رد عمل ۾ فرانس جي آباديءَ عقيدي پرستيءَ جو روپ اختيار ڪري ورتو، جڏهن دليل جي جواب ۾ دليل نه هوندو آهي ته ماڻهو هلڪڙائپ تي لهي ايندا آهن، يارن کيس سوشل بائيڪاٽ جي حد تائين اڪيلو ڇڏي ڏنو. ٿامس پين 73 سالن جي عمر ۾ 8 جون 1809ع تي وفات ڪئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو