Home / اسپيشل افيئر / ڄامشورو، لينڊ مافيا جي نشاني تي!
above article banner

ڄامشورو، لينڊ مافيا جي نشاني تي!

امير بخش ڇڇر

سنڌ جي علم ۽ شعور جي علامت طور جڳ مشهور شهر ڄامشوري جي ڌرتي اڄڪلهه چونڊيل نمائندن ۽ انتطاميا جي نااهلي، ملي ڀڳت سبب بنيادي سهولتن جي کوٽ، سماجي براين، بدامني، بيروزگاري، ڪرپشن ۽ مختلف مافيائن جي ور چڙهڻ سبب مسئلن جو ڳڙهه بڻجي چڪي آهي.

هر طرح سان رهواسين لاءِ شهر جي ڌرتي تنگ ڪندڙ مختلف مافيائن جا پيرا به انهن ئي با اثرن جي بنگلن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي آفيسن تي وڃي دنگ ڪن ٿا ۽ اهي ئي با اثر شخص هتان جي عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن جن کي هتان جي عوام هميشه ووٽ ڏئي پنهنجي حقن جو محافط بڻائي ايوانن ۾ موڪليندو رهيو آهي.

ڄامشوري جي انيڪ مسئلن کي پاسي تي رکي، هتي رڳو سرڪاري، عوامي ۽ تعليمي ادارن جي زمينن تي قبضا ڪندڙن ۽ بلڊر مافيائن جو جائزو وٺبو ته ان ڪڌي ۽ عوام دشمن غير قانوني ڪم پٺيان به انهن ئي ضلعي جي چونڊيل بااثر شخصن جو هٿ نظر ايندو جيڪي ورهين کان هن علائقي جا بي تاج بادشاهه بڻيل رهيا آهن.

ڄامشوري ۾ قبصا گروپ ۽ بلڊر مافيا طرفان سيوهڻ روڊ، سپر هاءِ وي ۽ ڪوٽڙي روڊ سان سرڪاري، عوامي ۽ تعليمي درسگاهن جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڪيتريون ئي جعلي ۽ غير قانوني رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن، جن ۾ هڪ طرف عام ماڻهن کي وڏا خواب ڏيکاري مهانگي اگهن تي ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي ته ٻـئي طرف زمينن ۽ پلاٽن جي اصلي مالڪن ۽ ادارن کي انهن جي ملڪيتن کان محروم ڪيو پيو وڃي.

وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عام سرڪاري، فلاحي ۽ غريب ماڻهن جو زمينون ۽ پلاٽ ته ٺهيو پر بلڊر مافيا ۽ انهن جي بااثر آقائن کان ڄامشوري جي عظيم درسگاهن جون زمينون به بچي نه سگهيون آهن.

هڪ طرف ڪوٽڙي روڊ تي سيشن ڪورٽ جي نئين ٺهيل بلڊنگ سان لڳو لڳ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي قبضو ڪري غير قانوني رهائشي اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف ڪورٽ جي بلڊنگ سامهون SDA جي ٽوئن سٽي واري اسڪيم جي لڳ ڀڳ 1000 پلاٽن تي پڻ قبضا گيرن اسڪيمون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اهي پلاٽ ڪافي سال اڳ ماڻهن کي الاٽ ڪيا ويا هئا، جن جا مالڪ هاڻي لکين روپيا ڀرڻ باوجود فائيل هٿ ۾ کڻي دربدر ٿي رهيا آهن.

جڏهن ته سيوهڻ روڊ تي پڻ LMUHS يونيورسٽي سان لڳو لڳ هڪ تمام وڏي غير قانوني رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي. دادو جي هڪ بلڊر گروپ ۽ مقامي بااثر شخصيت جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪيل هن اسڪيم جي تقريبن 150 ايڪڙ مان 30 ايڪڙ زمين LMUHS يونيورسٽي جي آهي. جڏهن ته هن ئي اسڪيم ۾ 50 ايڪڙ اها زمين پڻ قبضو ڪئي وئي آهي، جيڪا 4 سال کن اڳ مقامي اصلوڪن رهواسين کان عام ماڻهن پلاٽن جي صورت ۾ خريد ڪئي هئي، جن جا پڻ ڪروڙين روپيا ٻوڙيا ويا آهن. هن اسڪيم جا متاثرين ڪافي ڀيرا بااثر شخصيتن آڏو دانهيندا رهيا آهن پر جڏهن چوڪيدار ئي چور بڻجي وڃن ته ڪنهن کان شڪايت ڪجي. حيرت جي ڳالهه ته هن اسڪيم جي متاثرن ۾ اڪثريت اهڙن غريب ماڻهن جي آهي، جيڪي قبضو ڪندڙ بااثرن جا هميشه ووٽر رهيا آهن. پر شايد پئسي ۽ طاقت جي نشي ۾ پنهنجي پرائي جي سڃاڻپ ئي نڪري ويندي آهي. جڏهن ته LMUHS انتظاميا جي خاموشي پڻ ڪيترائي سوال اٿاري ٿي.

26

ٻيو ته ٺهيو پر ساڳي علائقائي لينڊ مافيا جي آقائن کان شهيد محترمه جي نالي سان سنڌ يونيورسٽي جي نئين سيشن ڪورٽ بلڊنگ ۽ باءِ پاس جي وچ واري اها زمين به نه بچي سگهي، جيڪا يونيورسٽي انتظاميا پاران ملازمن کي شهيد بينظير هائوسنگ اسڪيم جي نالي سان هڪ سال اڳ رهائشي پلاٽن جي صورت ۾ الاٽ ڪئي وئي هئي.

ان زمين تي پڻ تازو 8 جنوري تي رات جي اونداهي ۾ هڪ علائقائي بااثر شخصيت جي ماڻهن مورچا قائم ڪري، يونيورسٽي جي پلاٽنگ جا نشان ڊاهي، چوديواري اڏڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. واضح رهي ته اهي ئي بااثر شهيد ڀٽي جي نالي تي ووٽ وٺي هميشه اقتدار تي پهچندا رهيا آهن. ان قبضي کي في الحال ته يونيورسٽيءَ جي ملازمن همت ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي سخت احتجاج بعد ختم ڪرائي ورتو آهي. عجب آهي ته اهڙي هاڃي تي ضلعي جا اعليٰ عملدار به ڌر بڻيل رهيا ۽ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ بااثر سياسي شخصيت کان فون تي هدايتون وٺندا رهيا پر ملازمن مڙسي ڪري کين قبضو ختم ڪرائڻ تي مجبور ڪري وڌو. اتي في الحال ته سنڌ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي پاران چوڪي قائم ڪئي وئي آهي. پر ماضي جي تجربن ۽ ادارن اندر خود ويٺل ڪارين رڍن جي افعالن سبب چئي نٿو سگهجي ته ملازمن جي پلاٽن واري اها زمين بچي به سگهندي يا ففٽي ففٽي ٿي ويندي.

جڏهن ته ساڳي قسم جي هلان قبضا مافيا پاران مهراڻ يونيورسٽي جي ٽول پلازا ڀرسان واري زمين تي پڻ ٿيندي رهي آهي. جتي مختلف وقتن تي لينڊ مافيا ۽ يونيورسٽي وچ ۾ تڪرارهلندو رهي ٿو. يونيورسٽي پاران لاڳاپيل اعليٰ اختيارين تائين دانهن باوجود ان زمين تي لينڊ مافيا جون ڳجهون لامارا ڏئي رهيون آهن جيڪي هر وقت پنهنجي شڪار جي تاڙ ۾ رهن ٿيون.

جڏهن ته لينڊ مافيا جي ماڻهن طرفان سنڌالاجي سامهون سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمن لاءِ قائم ڪيل هائوسنگ سوسائٽي جي فيز I ۽ II ۾ پهريائين سوسائٽي جي اربين روپين جي فلاحي پلاٽن تي قبضو ڪيو ويو، جنهن جي اڃا جاچ هلندڙ آهي ته مٿان وري ساڳي مافيا سوسائٽي جي چوڌاري سنڌ يونيورسٽي جي بچيل زمين تي هٿ وٺي قبضا ڪرائي، اڏاوتون ۽ وڪرا ڪيا پيا وڃن. توڙي جو ان عمل ۾ يونيورسٽي جا چند هيٺيان ملازم ملوث آهن پر يونيورسٽي انتظاميا جي نڪ هيٺان ٿيندڙ هن ڪرپشن خلاف ذميوار ادارن ۽ انتظاميا جي پراسرار خاموشي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اهي قبضا گروپ سان ٻٽ بڻيل آهن ۽ پنهنجو کيسو گرم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هنن عظيم درسگاهن ۽ علمي مرڪزن جي هي زمين جيڪا اسان سڀني جي نسلن جي امانت آهي ان کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي. ڄامشوري جي هنن زمينن تي لڳندڙ ڌاڙا نه صرف عوام پر سڄي سنڌ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي.

سنڌ جي ساڃاهه کي ڄامشوري جي ڌرتي تي لڳندڙ ڌاڙن تي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي حڪمرانن، اعليٰ عدليه ۽ ذميوار اختيارين جو هن حساس مسئلي طرف ڌيان ڇڪائيندي گذارش ڪجي ٿي ته فوري طور هن معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. نه صرف سنڌ جي علمي تختگاهه ڄامشوري جي زمين تي سرعام ٿيندڙ قبضن ۾ ملوث لينڊ مافيا، بلڊر مافيا ۽ ان جي پٺيان لڪل بااثر هٿن کي نروار ڪيو وڃي پر هتان جي عوامي، سرڪاري ۽ تعليمي ادارن جي زمينن تي لڳندڙ ڌاڙن جي جاچ ڪري ملوٽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن جعلي ۽ غير قانوني رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ ڦرجندڙ ۽ متاثر ٿيندڙ حقيقي مالڪن کي انصاف پلئه پئجي سگهي، گڏوگڏ تعليمي ادارن، سرڪاري، عوامي ۽ فلاحي زمينن کي لڳندڙ ڌاڙن کان بچائي سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو