Home / اسپيشل افيئر / ڇا سائنس هندو، مسلم ۽ سک عيسائي ٿيندي آهي؟
above article banner

ڇا سائنس هندو، مسلم ۽ سک عيسائي ٿيندي آهي؟

نديم ايف پراچا

 

“قديم ڀارت ۾ پائلٽ جهاز نه رڳو سڄي دنيا ۾ اڏاريندا هئا بلڪه اهي هڪ سياري کان ٻئي سياري تائين به وڃي سگهندا هئا..”

اهڙي دعويٰ ويجهڙ ۾ ممبئي ۾ ٿيل “انڊين سائنس ڪانفرنس” دوران ڪجهه مقررن طرفان ڪئي وئي. ان ڪانفرنس جو موضوع هو “قديم ڀارتي ايويئيشن ٽيڪنالاجي”. ڪيترائي سائنسدان اهڙي دعويٰ سامهون اچڻ کانپوءِ حيران ٿيا، ڇو ته اها دعويٰ اهڙي ڪانفرنس دوران ڪئي وئي جيڪا ڀارت ۾ سائنسي تحقيق بابت سنجيده ڪانفرنس هئي- خاص طور تي ڀارت جي مريخ سياري تي ڪامياب مشن پهچڻ کانپوءِ اهڙي دعويٰ ڪرڻ.

ڪجهه سائنسدان پنهنجي همعصرن تي ناراض ٿيا ته اهي سائنس ۽ ڏند ڪٿائن کي گڊ مڊ ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سائنسي نصاب ۾ جعلي سائنس ساڄي ڌر جي سگهارين سياسي ڌرين جي مدد سان شامل ڪئي وئي آهي. اسان اهڙو ڪجهه پاڪستان ۾ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ٻڌو به ته ڏٺو به سهي، ڀارت وارن ته ڏهاڪا پوءِ ان جي وضاحت ڪئي ته قديم هندستان ۾ جهاز سڄي دنيا جو چڪر ڪاٽڻ سان گڏ مختلف سيارن تائين به ويندا هئا.

حقيقت پسند اولهه ۾ اهڙي عمل کي انارڪي تصور ڪندي سازش سمجهيو ويندو آهي ۽ اهي عام طور تي اهڙي ڪنهن آئيڊيا کي فڪشن فلمن، ٽي وي شوز يا ناولن۾ استعمال ڪندا آهن. پر ڪو به ماڻهو اهڙي ڪنهن آئيڊيا جي ڪنهن سنجيده سائنسي ڪانفرنس يا جرنل ۾ بحث هيٺ اچڻ جي توقع به نه ڪندو آهي.

1997ع ۾ فزڪس جي ماهر ۽ دانشور ڊاڪٽر پرويز هودبائي پنهنجي لکيل ڪتاب “Islam & Science: Religious orthodoxy & The battle for Rationality” ۾ ٻڌائي ٿو ته 1980ع جي وچ ڌاري ڪيئن نه تيل ۾ شاهوڪار عرب ملڪن ۽ آمر ضيا طرفان اسلام آباد ۾ “اسلامي سائنس“ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪانفرنسن ۽ سيمينارن تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا. اهڙين ڪانفرنسن ۾ شڪي تعليمي قابليت رکندڙ سائنسدانن کي سڄي مسلم دنيا مان گهرايو ويندو هو، جن تي لکين روپيا ۽ ريال خرچ ڪيا ويندا هئا، جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏند ڪٿائي سائنس بابت ڳالهائيندا هئا ۽ سندن مقصد “اسلامي سائنس” کي هٿي وٺرائڻ هوندو هو.

نه وسارڻ گهرجي ته سائنس جي اهڙي تاويل “مسلم ثقافتي تاريخ ۽ سائنسدان” ڪتاب جي لکاري ضياءُ الدين سردار کي پڻ پريشان ڪري ڇڏيو. هن جي خيال ۾ اهڙي قسم جي پرئڪٽس مسلمانن کي حقيقي سائنس کان پري ڌڪڻ برابر آهي، ڇو ته حقيقي سائنس وسيلي ئي اهي پاڻ ۾ بهتري آڻي سگهن ٿا.

Nadeem F paracha px

1970ع جي ڀڇاڙڪن ڏينهن ۾ اسلامي سائنس مان مراد عام طور تي اٺين ۽ چوڏهين صدي دوران مسلمان عالمن طرفان رياضي، جاميٽري، فلڪيات، ڪيمسٽري ۽ فلسفي ۾ ڪيل بنيادي ڪم هوندو هو. ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب اهو هو ته اها سائنس جنهن جو بنياد مسلمانن وڌو هجي، انهن تجربي هيٺ آندي هجي يا سيکاري هجي.

ضياءُ الدين سردار پنهنجي ڪتاب “Desperately seeking Paradise” ۾ وضاحت سان لکيو آهي ته ڪيئن 1970ع جي پڇاڙڪن ڏينهن کانپوءِ اسلامي سائنس کي تيل ۾ شاهوڪار سعودي عرب حڪمرانن هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. سعودي حڪمرانن اهڙن منصوبن ۾ “پئٽرو ڊالر” جي ڀرمار شروع ڪئي، جنهن جو مقصد همعصر اسلامي خيالن کي “اولهه جي سائنس” برابر بيهارڻ هو. ليڪن اهي پئسا مسلمان ملڪن جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب کي کي بهتر ۽ جديد بڻائڻ تي خرچ نه ڪيا ويا. ان بدران اهي پئسا “پئٽرو ڊالر” جي صورت ۾ اهڙن سائنسدانن تي خرچ ڪيا ويا جيڪي اهو ثابت ڪن ته سيڪيولر سائنس، اسلامي سائنس کان ڪمتر آهي.

1976ع ڌاري ليکڪ Maurie Bucailles پنهنجي لکيل ڪتاب “The Bible, Quran and Science” ۾ اسلامي سائنس کي اُتم ڪري ڏيکاريو، جنهن تي حقيقي سائنسدان خود حيران ٿي ويا.

ڪتاب ۾ چيو ويو آهي ته ڪيتريون ئي سائنسي حقيقتون جيڪي اولهه جي سائنسدانن دريافت ڪيون، اهي دراصل گهڻو اڳ اسلامي الهامي ڪتابن ۾ موجود آهن ۽ اڳواٽ ئي اڳڪٿي ڪيون ويون هيون. اهو نه وسارڻ کپي ته ڄاڻايل ليکڪ فرينچ ميڊيڪل ڊاڪٽر هو ۽ کيس 1973ع ۾ سعودي شاهه فيصل جي ذاتي ڊاڪٽر طور مقرر ڪيو ويو هو. مذڪوره لکاري جي نقادن جو چوڻ آهي ته قرآن شريف دراصل بنيادي اخلاقيات تي ٻڌل آهي،جيڪو خلق کي خدا جي جهان کي سمجهڻ ۾ مددگار آهي. انهن چواڻي مذهبي ڪتاب پنهنجي جوهر ۾ اخلاقيات جو مظهر ضرور آهن باقي اهي ڪنهن به ريت سياسي يا سائنسي نه آهن. سندن اهو پڻ چوڻ هو ته سائنس کي مڪمل طرح اولهه، اوڀر، مذهبي يا سيڪيولر نٿو چئي سگهجي.

ليڪن ان قسم جي فلمي دعويٰ وسيلي جيڪو نقصان ٿيڻو هو سو ٿي چڪو، مسلمان ان کي ئي حقيقت سمجهي ويٺا. جڏهن ته اهڙي دعويٰ ڪندڙ عيسائي فرينچ ڊاڪٽر مرڻ گهڙي تائين عيسائي ئي رهيو.

بهرحال پاڪستان ۾ 1989ع ۾ آمر جنرل ضيا اسلام آباد ۾ ان سلسلي ۾ “مسلمان سائنسدانن” جو سئمينار ڪرايو جنهن جو مقصد اسلامي سائنس جا عجائب پڌرا ڪرڻ، بجلي ڪيئن پئدا ڪجي، جنت جي رفتار ڪيئن ماپجي، وغيره وغيره جهڙا خيال پيش ڪيا ويا.

اهڙي قسم جي پرئڪٽس مسلمان دنيا ۾ غير سائنسي سوچ کي هٿي ڏني. اهوئي سبب هو جو سٺا ماهر سائنسدان پئدا ٿيڻ بدران، پئسن تي جعلي قسم جي سائنسدانن جي ڀرمار ٿي وئي، جيڪي پاڻ کي سائنسدان چوڻ لڳا. وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مسلم دنيا جنهن خيال کي هٿي وٺرائي رهي هئي اهو خيال اڳ ۾ ئي هندو ۽ عيسائي سماجن ۾ موجود هو.

ڪيترائي هندو ۽ عيسائي مذهبي عالم گهڻو اڳ پنهنجي ماڻهن کي پاٺ پڙهائي چڪا هئا ته سندن مقدس ڪتابن ۾ ثابت ٿيل سائنسي حقيقتون موجود آهن. انهن ته اهي خيال 19 هين صدي ۾ ڦهلائڻ شروع ڪيا هئا، جڏهن ته مسلمان ان تائين ويهين صدي ۾ پهتا.

سائنس جي مذهبي نقطئه نظر جا مسلمان نقاد چون ٿا ته اهڙي قسم جي پرئڪٽس دراصل مسلمانن کي حقيقي سائنس ۽ ڄاڻ کان پري رکڻ برابر آهي. اهي چون ٿا ته خدا پنهنجي پوئلڳن کي اتساهي ٿو ته اهي حقيقي سائنس وسيلي دنيا جهان ۽ فطرت کي سمجهن. سندن چواڻي اهڙي قسم جو ٽرينڊ نه رڳو سائنس کي نقصان پهچائڻ آهي بلڪه مسلمانن جي حقيقي فطرت کي سمجهڻ واري خيال کي به هاڃو پهچائڻ برابر آهي.

below article banner
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو