Home / ڪرنٽ افيئر / ڇا ڪراچي، بدين ۽ ٺٽي کي سمنڊ ڳهي ويندو؟
above article banner

ڇا ڪراچي، بدين ۽ ٺٽي کي سمنڊ ڳهي ويندو؟

 A Reporter

تازو ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌو ڌرياءَ جي پوڇڙ ۾ جيڪڏهن رٿيل مٺو پاڻي سمنڊ اندر داخل نه ٿيو ته ايندڙ 35 سالن ۾ ڪراچي سميت بدين ۽ ٺٽو ڌرتي تان ميسارجي ويندا. اها ڳالهه جيڪڏهن ڪو سياسي اڳواڻ ڪري ها ته ان کي بيان سمجهي درگذري ڪري پيو سگهجي. پر نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف اوشنو گرافي پاران اها ڳالهه پارليامينٽ جي فورم تي ڪئي وئي آهي. اهو به چيو ويو آهي ته ڪراچي ان صورت ۾ بچي سگهي ٿو جڏهن ڄاڻايل ٻئي ضلعا محفوظ هوندا.

گذريل ٽن چئن سالن دوران بدين ضلعي جي 31 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين سمنڊ جي اندر اچي وئي آهي. پر ان ڀيانڪ صورتحال کان سنڌ حڪومت جي ڪنهن به کاتي وقت سر آگاهي نه ڏني آهي، جيڪڏهن آگاهي ملي آهي ته اها به رڳو هڪ ڪن کان ٻئي ڪن تائين آهي. فيبروري جي پهرين هفتي ۾ سينيٽ جي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيوهو، جنهن ۾ ايجنڊا اها هئي ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سمنڊ ڪيترو خشڪي تي چڙهي آيو آهي . سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا جي ذاتي ڪوششن سان اها ايجنڊا ڪميٽي جي اجلاس ۾ شامل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي ٻن ميمبرن ڊاڪٽر ڪريم خواجا ۽ تاج حيدر کانسواءِ باقي ميمبرن اکر به نه ڳالھايو. ان حد تائين ته ايم ڪيو ايم جو ميمبر تنويرالحق ٿانوي به خاموش رهيو. هن اهم اجلاس ۾ سنڌ جي بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽري شرڪت ته ڪئي پر سواءِ چند جملن جي هن وڌيڪ ڳالھائڻ جي زحمت نه ڪئي. سيد غضنفر علي شاهه رڳو اجلاس کي ايترو ٻڌايو ته بدين ۽ تعلقي شهيد فاضل راهو جي 31330 ايڪڙ زمين رڳو ٽن کان چئن سالن جي عرصي ۾ سمنڊ جي اندر اچي وئي آهي، ان جو مُک سبب سنڌو ڌرياءِ جو پاڻي ڊيلٽا ۾ نه اچڻ آهي.

16

اهو پاڻي ڪيترو هر سال اچي ٿو. سمنڊ جي زمين تي وڌي اچڻ جي نتيجي ۾ ڪيتري لڏپلاڻ ٿي آهي. ان جا علائقي تي معاشي اثر ڪهڙا پيا آهن. ان بابت بورڊ آف روينيو جي ميمبر کي ڪابه خبر نه هئي، جيڪڏهن خبر هئي ته هن خاموشي ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي يا هن ضروري ئي نه سمجهيو ته گادي واري شهر اندر موجود پارليامينٽ جي مٿيئن ايوان جي هن اهم ڪميٽي کي ان بابت آگاهي ڏئي. ماحوليات، سمنڊ ۽ ٻين شعبن جا ماهر ۽ ذميوار به هن گڏجاڻي ۾ موجود هئا، جن پنهنجي پنهنجي موضوعن تي ڳالھايو، پر بورڊ آف روينيو جي ميمبر کي پنهنجي علائقي سان ٿيندڙ زيادتي بابت آگاهي ڏيڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نه ٿي. هو جيڪڏهن رڳو اها ئي ڳالهه ڪري ها ته سنڌو ۾ پاڻي پوڇڙ ۾ ڇوڙ نه ڪرڻ جي ڪري ايتري صورتحال خراب ٿي رهي آهي ته به ڪا ته ڳاهه رڪارڊ تي چڙهي ها. پر خير، سنڌ ۾ رڳو هڪڙو ته غضنفر علي شاھ ناهي، هتي جيڪي خبرون پهچن ٿيون. ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڪامورا ۽ سياستدان رڳو ان ڳالهه ۾ دلچسپي وٺن ٿا جنهن ۾ کانچو آهي، باقي ست پيران دا خير لڳي پئي آهي.

سنڌ جي بورڊ آف روينيو جيڪا لکت ۾ رپورٽ ڏني آهي، ان ۾ به ڪٿي به بورڊ آف روينيو جو نالو ڇپيل ناهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪميٽي ۾ موجود هئڻ کانسواءِ اها رپورٽ ڪنهن کي به ڏيکاري وڃي ته خبر ئي نه پوندي ته اها رپورٽ ڪهڙي اداري جي آهي. اهڙي ريت سنڌ سان تعلق رکندڙ سينيٽر تاج حيدر به سمنڊ ۾ مٺو پاڻي نه پهچڻ جي ڳالهه ڪندي ذوالفقار آباد جو قصو ڇيڙڻ ضروري سمجهيو. هن سنڌ جي ساحلي پٽي تي پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران تجويز ڪيل ان شهر جي افاديت بيان ڪندي چيو ته سنڌ جي شهرن کي بچائڻ لاءِ چارلائينن واري ويئر (رستو) تعمير ڪرڻ جي رٿا شامل ڪئي وئي آهي. اها 220 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي، جنهن سان تاج حيدر موجب هو 10 لک ايڪڙ زمين کي سمنڊ کان ٻاهر ڪڍي ايندا. ان رٿا تي ڪيتري رقم خرچ ايندي ، ان بابت ته حيدر ڪجهه نه ٻڌايو پر هن چيو ته ڪميٽي ان ڳالهه جي سفارش ڪري ته وفاقي حڪومت ان رٿا جي ڪل لاڳت جو اڌ حصو سنڌ کي فراهم ڪري. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 22 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي ويو آهي، پر بورڊ آف روينيو جي عملدار موجب ان 22 لک ايڪڙڻ کانسواءِ بدين، ٺٽي جي زمين گذريل چند سالن ۾ 31 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ سمنڊ اندر هلي وئي آهي. هن گڏوگڏ اهو به انڪشاف ڪيو ته ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ به سمنڊ اڳتي وڌي آيو آهي، جنهن ڪري اتان جي زمين به سامونڊي پاڻي جي اندر اچي وئي آهي. “ اها ڪيترا ايڪڙ آهي” واري سوال جو سنڌ جي بورڊ آف روينيو جي عملدار وٽ اهو ئي روائتي جواب هو ته “ ان بابت سروي ڪري رهيا آهيون”.

اوشنو گرافي جي ماهرن واضح چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن سمنڊ جي اڳتي اچڻ جي اها ئي رفتار رهي ته 2050ع تائين ٺٽو ۽ بدين سمنڊ اندر اچي ويندا، جنهن ڪري لکين ايڪڙن تي مشتمل اربين رپين جي ملڪيت کاري پاڻي جي ور چڙهي ويندي، پر انساني الميو به پيدا ٿيندو. “ ڪراچي ان صورت ۾ بچي سگهي ٿو، جيڪڏهن اهي ٻئي ضلعا بچي وڃن” ڊاڪٽر آصف انعام ڪميٽي کي چٽن لفظن ۾ ٻڌائي رهيو هو. آصف انعام اوشنوگرافي جو ڊي جي آهي. ذوالفقار آباد جو مرڪز شاهه بندر هوندو. جيڪڏهن سمنڊ اندران ويئر تعمير ڪرايو ٿا ته پهرين ان جي اسٽڊي ڪرايو، ٻي صورت ۾ اهو عمل فطرت سان هٿ چراند هوندو. ڊاڪٽر آصف انعام جي تنبيه کي تاج حيدر رد ڪندي اسٽڊي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. هن ڪميٽي ۾ هڪ ڳالهه واضح طور سامهون آئي آهي ته جيڪڏهن سمنڊ جي اڳتي وڌڻ واري رفتار اهائي رهي ته 35 سالن بعد ڪراچي سميت سنڌ جا 2 ٻيا ضلعا به نه بچندا. ان صورت ۾ اڳواٽ ڇا ڪرڻ گهرجي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته آئنده 50 سالن لاءِ هڪ اسٽڊي ڪرائي وڃي ۽ ان بعد امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. پر ڪميٽي جن سفارشن جي منظوري ڏني آهي، ان ۾ هيستائين اها سفارش شامل نه هئي. ڪميٽي جي سنڌ تعلق رکندڙ ٻن ميمبرن جي تجويز تي اها ڳالهه مڃي وئي آهي ته 1992ع جي معاهدي تحت 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته هڪ ميمبر جو خيال هو ته 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏڻ عارضي بندو بست هو، اصل ۾ 27 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهربل آهي. ڪميٽي اها به سفارش ڪئي آهي ته اهو انتهائي اهم معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آندو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪميٽي جلد وزيراعظم کي خط به لکندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو