Home / اسپيشل افيئر / ڪجهه ذڪر جهالت جي “قُبن ” جو!
above article banner

ڪجهه ذڪر جهالت جي “قُبن ” جو!

گوبند مينگهواڙ

پروفيسر ڪشور محبوباڻي هڪ فخر لائق سنڌي آهي. سنگاپور جي پرڏيهي اتاشي جي حيثيت ۾ هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سربراھ رهي چڪو آهي. هاڻوڪي دور ۾ کيس ايشيا جو سڀ کان مڃيل دانشور سمجهيو وڃي ٿو. گلوبلائيزيشن ۽ ايشيا جي معاشي اُڀار تي هن جا ڊزن کن ڪتاب ڇپيل آهن. سندس چوڻ آهي ته “دنيا ۾ ڪو ليڪچر، ڪا گفتگو شروع ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. اولهه جا ماڻهو ڪنهن مزاحيه ڳالهه سان شروعات ڪندا جڏهن ته اسين ايشين بسم الله ئي معذرت سان ڪندا آهيون”. ايشيا جي نقشي تي موجود ٽُٻڪي جيتري سنڌ پروفيسر محبوباڻي جي ان ڳالهه جي تصديق لاءِ گھربل مثالن سان مالا مال آهي. اسان وٽ ليڪچر يا ته يونيورسٽين ۾ استاد ڏيندا آهن يا وري ادبي پروگرامن ۾ دانشور. استادن جي معذرت ليڪچر دير سان شروع ٿيڻ لاءِ هوندي آهي ۽ دانشور ابتدا ئي موضوع سان پنهنجي اريليوينس جو اعتراف ڪري ڪندا آهن. ٿورو ذهن تي زور ڏيو اوهان هن قسم جي جملي سان شروع ٿيندڙ تقرير آخري دفعو ڪڏهن ٻڌي؟ “جيتوڻيڪ آئون بنيادي طرح هن شعبي جو ماڻهو ته نه آهيان پر…” يا وري “مونکي خبر ناهي…” جھڙي سٽ سان شروع ٿيندڙ مضمون آخري ڀيرو ڪڏهن پڙهيو؟ ڪجهه ڏينهن ٿيا حيدرآباد ۾ حسن درس (هڪ شاعر) جي ياد ۾ ٿيل تقريب ۾ دانشورن پاران اهڙي قسم جي “معذرتانه” گفتگو ٿيندي ٻڌي رسول بخش پليجي هڪ نئون ٽرم “جهالت جا اهرام” استعمال ڪيو جنهن کي حاضرين (خاص ڪري نوجوانن) پاران وڏي پذيرائي ملي. سنڌ ۾ جيئن ته اڄڪلهه دانشورن جو “بول بالا” آهي سو پاڻ پروفيسر محبوباڻي جي ڳالهه ۽ پليجي پاران متعارف ڪرايل ان نئين ٽرم کي هر هنڌ دستياب ادبي دانشورن جي پسمنظر ۾ ڏسڻ تي مجبور آهيون. ملڪ جي مين اسٽريم ميڊيا انتها پسنديءَ کي ٻنجو اچڻ ۾ وڏي رڪاوٽ اهڙن اپولوجسٽس کي سمجهي ٿي جيڪي راءِ جوڙڻ وارن سڀني فورمس تي قابض آهن ۽ هر خراب عمل جو بار “سنگت” جي ڪلهن تان لاهڻ جي ڊيوٽي تي لڳل آهن. ڇا حرج آهي جو هاڻي سنڌ جي “ ادبي اُفق” تي ڇانيل هنن نئين قسم جي اپولوجسٽ دانشورن جي علمي، ادبي ۽ فڪري محنتن تي به روشني وجھجي جيڪي هر وقت ۽ هر قسم جي موضوع تي پنهنجون “علمي” صلاحيتون آڇڻ جي تاڙ ۾ هوندا آهن ۽ جن مرحوم گنهور جتوئي چواڻي سدائين “مکڻ جون ماڙيون” ٺاهيون آهن.

حليم بروهي ڪنهن زماني ۾ پي ٽي وي تي گھڻو نظر ايندڙ ٻن “ٽارزن” دانشورن لاءِ لکيو هو ته“ آئون جنهن وقت به ٽي وي کوليان ته ڏسان اهي ٻئي ويٺا آهن. هڪ دفعي ٽي وي بند ڪيم ته به ويٺا هئا. ٻئي ڀيري ٽي وي کي رلي سان ڍڪيم ته به ويٺا هئا.” حليم جي زماني ۾ ته چينل هڪ هو ۽ دانشور ٿورا پر هاڻي جڏهن ميڊيا جا ذريعا وڌيا آهن ته هن سنگت جو قبيلو به وڏو وڌي ويو آهي. ٽي وي چينل، اخبارون، رسالا، سيمينار، فيس بوڪ مطلب ته جيڏانهن کڻي نهار ته سڄڻ سامهان آهن. ( سوشل ميڊيا جي ٻي اوطاق ٽوئٽر في الحال انهن کان پاڪ آهي جو اتي پڙهيا ڳڙهيا همراھ ويٺا آهن جتي سندن “وائڙي ايڪٽوزم” کي ساراهڻ وارو ڪير به ڪونهي.) سڄي دنيا ۾ اسپيشلائيزيشن جو ٽرينڊ پيو هلي ۽ هر شعبي جا ماهر ماڻهو گھربل صلاحيتن سان سماج جي تعمير ۾ پنهنجو هٿ پيا ونڊائين. پر اسان وٽ صورتحال بنهه ابتڙ آهي. ساڳيا ماڻهو آهن جيڪي اوهان کي شاعري جي محفل ۾ به ڳالهائيندي نظر ايندا ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت سيمينار ۾ پڻ اسٽيج تي ويٺا هوندا. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي هڪ وڏي عرصي کان سنڌ ۾ حقيقي ٽيلينٽ جي سامهون ڀت بڻيل آهن. آئون جنهن به پروگرام ۾ کين ڳالهائيندي ڏسندو آهيان ته منهنجو اردو ناول جي معتبر نالي مرزا اطهر بيگ جي ان ڳالهه تي ايمان اڃا وڌي ويندو آهي ته “ هي عطائين جو ديس آهي.”

پاڻ وڻائڻ جي مرض ۾ مبتلا سنڌ جو هي نام نهاد پڙهيل لکيل طبقو حقيقي ۽ ريليونٽ ٽيلينٽ لاءِ ڪڏهن جاءِ خالي ڪندو؟ اسين ڪڏهن اڪيڊمڪ سوچ اپنائينداسين؟ اهڙي جڳاڙي سنگت کي هر هنڌ حاضر ڏسي اسان جي هڪڙي پروفيسر دوست گھڻا سال اڳ ڪيڏو نه سچ چيو هو ته “ ماڻهو ايڏا چالاڪ ٿي ويا آهن جو اهي تاريخ جي بس ۾ دريءَ مان ڪپڙو رکي پنهنجي لاءِ سيٽ ٿا ريزرو ڪن.” اعتبار نه اچي ته ڪنهن به آچر جي ڏينهن جون اخبارون کڻي ڏسو توهان کي لڳندو ته اڌ ملڪ آتم ڪٿائون پيو لکي ۽ اڌ تاريخ.

سنڌ جتي هاڻ سياست امير طبقي تائين محدود ٿي هڪ مافيا جو روپ ڌاري ورتو آهي اتي جي ادبي، علمي ۽ فڪري ڏسائن ۾ پليجي جي لفظن ۾ هر هنڌ ساڳيا “ جهالت جا اهرام ” موجود هجن ته سچي پچي تخليقار لاءِ جاءِ ٺاهڻ تمام ڏکيو بڻجي ٿو وڃي. وقت اچي ويو آهي ته هي سنگت رضاڪارانه طور پنهنجي خدمتن جي فراواني کي روڪي ۽ سنڌ ۾ جينيوئن ۽ شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ اسٽيج خالي ڪري جو ان ۾ ئي سنڌ جي ڀلائي آهي.

آخري ڳالهه: سنڌ ۾ تازو “گفتار جي غازين” جي ويڙھ ڏسي اسان جي ڪجهه دوستن کي سنڌي ادب جو مستقبل روشن محسوس ٿيو آهي. سندن دليل آهي ته هي اهي ئي ماڻهو آهن جن ورهين کان “تون مونکي قاضي چئو، مان توکي حاجي چوان” واري فارمولا تي عمل ڪندي وڏو وقت ڪڍيو آهي. اهڙيون ٻه ٽي قسطون ٻيون هليون ته هن “ڊگھي ڊرامي” جو جلد ئي ڊراپ سين ٿي ويندو نه ته شاعر جو مفت مشورو ته گھڻي وقت کان موجود آهي.

نا سمجهه! تو ان خيالي ديوتائون ڪو نه پوج،

جهالت سي پيدا هوئي هين يه، علم سي مر جائينگي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو