Home / اسپيشل افيئر / ڪراچي ادبي ميلو: سنڌي ڪتاب ڳولئي نه لڌا!
above article banner

ڪراچي ادبي ميلو: سنڌي ڪتاب ڳولئي نه لڌا!

عامر عباس سومرو

ڪراچي جتي ڪو اهڙو ڏينهن نه گذرندو هوندو جڏهن ڪنهن نه ڪنهن هنڌ علمي يا ثقافتي سرگرمي نه ٿيندي هجي. هتان جا ماڻهو اهڙين سرگرمين جا ڪوڏيا آهن ۽ ان ۾ ٻارن ٻچن سوڌو وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا آهن.

گهڻي وقت کان اهڙيون سرگرميون تمام گهٽ ٿي ويون آهن پر پوءِ به ڪي اهڙا ادارا آهن جيڪي اهڙا ميلا مچائيندا پيا اچن. اهڙوئي هڪ ادارو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس آهي جيڪو نه رڳو تقريباََ هر ڪتابي ميلي ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ڇاپيل بهترين ڪتابن سان بهرو وٺندو آهي پر ان سان گڏوگڏ علم جو ذوق رکندڙ ننڍن وڏن کي رعايتي قيمت تي علمي مواد به وڪڻندو آهي.

آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پوين پنجن سالن کان “ڪراچي لٽريچر فيسٽيول” جي نالي هيٺ هڪ ادبي ميلو رچائيندي آهي. هن ميلي جي انعقاد جو هنڌ به هنن خوب چونڊيو آهي. هي ميلو پاڪستان ۾ هوٽلن جي بادشاهه پارسي بهرام آواري جي بيچ لگزري هوٽل ۾ رٿيو ويندو آهي، جيڪو نيٽي جيٽي پل ڀرسان مائي ڪولاچي باءِ باس وٽ هڪ خوبصورت سوسائٽي لاله زار ۾ سمنڊ ڪناري تي آهي. مطلب ته ميلو گهمڻ لاءِ ايندڙ جتي پنهنجي پسند جا ڪتاب خريد ڪري اتي ئي هوٽل جي اوپن ايئر ريسٽورنٽ ۽ سمنڊ مٿان اڏيل ترندڙ ريسٽورنٽ (فلوٽنگ ريسٽورنٽ) ۾ ويهي قدرت جي حسين نظارن جو ديدار به ڪري سگهي. هنن ميلي ۾، جيڪو ٽن ڏينهن تائين هلندو آهي، ادبي ويهڪون پڻ ٿينديون آهن، جنهن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي اديب، دانشور ۽ شاعر وغيره شرڪت ڪندا آهن، جن مان هڪ ويهڪ سنڌي ادب جي به ٿيندي آهي.

39

هتي ايندڙن کي جتي نوان ۽ مارڪيٽ ۾ ٽاپ رينڪنگ رکندڙ ڪتاب خريد ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اتي ئي انهن مان گهڻن ئي ڪتابن جي ليکڪن سان ملڻ ۽ انهن جي لکيل ڪتابن تي انهن جا آٽوگراف وٺڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو. ميلي ۾ عوام جي دلچسپي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هوٽل ٻاهريان ڪافي وڏي جڳهه هئڻ باوجود پارڪنگ جي جڳهه مشڪل سان ملندي آهي. جڏهن ته هوٽل اندر لائونج، اوپن ايئر ريسٽورنٽ ۽ سمورن هالن ۽ پنڊالن ۾ ماڻهن جي پيهه هوندي آهي.

ميلي ۾ هونئن ته هر عمر جا ماڻهو اچي شرڪت ڪن ٿا پر انهن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هوندي آهي، جيڪي اتي ٿيندڙ بحث مباحثن ۽ ادبي گڏجاڻين کي نهايت دلچسپي ۽ ڌيان سان ٻڌن ٿا. هي ميلو انهن جي لاءِ به “چاندني چوڪ” جيان آهي جيڪي فيسبڪ ۽ سوشل ميڊيا رستي واقف ڪاري ۽ دوستيءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجن ٿا ۽ انهن لاءِ به هي “ميٽنگ پليس” آهي، جيڪي ان اميد سان اچن ٿا ته ان هجوم ۾ ڪوئي نه ڪوئي پراڻو دوست وغيره ملڻ جو موقعو ملي ويندو، جنهن سان نه رڳو پراڻيون سِڪون لهنديون پر فيسبڪ تي اپلوڊ ڪرڻ لاءِ مواد ۽ تصويرون به ڪڍڻ جو هڪ سونهري موقعو به ملندو. هتي اهي اديب، شاعر، فنڪار ۽ ڪلاڪار به اچن ٿا جن جي عروج جا ستارا هاڻي مڌم ٿي چڪا آهن. جيئن هن ڀيري نيره نور، عامر سليم ۽ سلمان علوي ڏسڻ ۾ آيا. اديبن جا نالا ان ڪري نه پيو لکان جو هي مضمون پڙهي ڪنهن کي رنج نه ٿئي. هن ڪلاڪارن کي سڃاڻي ساڻن ڪوئي فوٽو ڪڍائڻ سان گڏ تعريفي جملا به چوي ٿو ته يقيناََ سندن دل خوش ٿيندي هوندي.

هن ميلي جي خاص ڳالهه وڏي انگ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي شرڪت آهي، جن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي جيڪي ڪراچي جي گلشن حديد جهڙي ڏورانهن علائقن کان وٺي لياري تائين کان اچن ٿا. جنهن مان اندازو ٿو ٿئي ته اسان جو نئون نسل علم ۽ ادب ۾ دلچسپي رکي ٿو. پر توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته سنڌي ڳالهائيندڙ صوبي سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ معتبر ادبي ميلي ۾ هڪ به سنڌي ڪتابن جو اسٽال نه هو، جنهن کي ڏسي ايئن پيو لڳي ته ڪراچي ۽ سنڌي ٻه الڳ شيون آهن.

هتي موجود سنڌي پبلشنگ ادارن مان ته ڪو به موجود نه هو پر حيرت ان ڳالهه تي آهي ته حڪومت جا ادارا جيئن شاهه لطيف چيئر، سچل چيئر، سنڌ ثقافت کاتو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بجيٽ لکن ڪروڙن ۾ آهي، سي ڪهڙي ننڊ ۾ هئا جو کين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول نظر نه آيو. جڏهن ته ڪجهه هفتا اڳ ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ لڳل ڪتابي نمائش ۾ انهن مان ڪيترائي ادارا موجود هئا. سندن غير موجودگي جتي سنڌي ادب سان شوق رکندڙن کي حيران ۽ مايوس ڪيو اتي ان ميلي ۾ ايندڙ غير سنڌين کي پڻ اچرج ۾ وڌو هوندو. سنڌين کي نه پڙهڻ جو طعنو ڏيندڙن جي سوچ کي سنڌي ڪتابن جي اسٽالن جي غير موجودگي اڃا به هٿي ڏني هوندي ته يا ته سنڌي ڪتاب شايع نه پيا ٿين يا وري سنڌين کي پڙهڻ جو شوق ئي ناهي جو انهن لاءِ اسٽال لڳائجن. پرائيوٽ ادارن کي ان ڪري ميار نٿي ڏئي سگهجي جو انهن جي مرضي آهي ۽ اسٽال جي في 20000 هزار روپيا مقرر هئي. پر ڇا ڪروڙن جي بجيٽ رکندڙ سرڪاري ادارن لاءِ اها ڪا وڏي في آهي؟ يقيناََ نه.

سرڪاري ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي اهڙي غير ذميواري ۽ غير سنجيدگي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي ادارا جن جي ڪارڪردگي بابت عام ماڻهو ڪجهه نٿو ڄاڻي سي اسٽال لڳائي يا ته پنهنجون ڪوتاهيون نٿا ڏيکارڻ چاهين يا شايد اهڙن ادبي ميلن مان کين ايترو نٿو ملي جو صاحبن جا کيسا ڀرجي سگهن.

ڪروڙن جي بجيٽ کپائيندڙ هي ادارا سنڌ جي بجيٽ تي هڪ لحاظ کان بار آهن جن جي ڪارڪردگي جي ڪڏهن به واکاڻ ناهي ٿي. علم، ادب ۽ ٽيڪنالوجي جي هن دور ۾ اهڙن ادارن جي سست ڪارڪردگي قومي الميو پڻ آهي، جو سرڪار ته پئسا ڏي ٿي پر انهن جي ڪرسين تي ويٺل “مجهول ماڻهو” ان کي ذاتي اوطاق وانگر هلائيندي، هڪ پاسي پنهنجي نااهلي کي ثابت پيا ڪن ته ٻئي پاسي پنهنجي قوم جي پئسي ۽ وسيلن کي بريءَ طرح ضايع پيا ڪن. اهو سڀني علم دوستن جو فرض ٿو بڻجي ته اهڙن سفيد هاٿين کي قابو ۾ رکڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪن.

amirsoomro@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو