Home / سياسي افيئر / ڪراچي جو امن ۽ ميڪاولي سياست!
above article banner

ڪراچي جو امن ۽ ميڪاولي سياست!

بابر ستار

اسان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور، شڪارپور حملي، پشاور جي اماميه مسجد ۽ بلديه ٽائون فيڪٽري جهڙن سانحن مان بار بار گذرندا رهنداسين ڇاڪاڻ جو تشدد جو جواز پيش ڪرڻ اسان جي سماج جي رڳن ۾ گهرڪري ويو آهي. ظلم ۽ بربريت بذات خود ڪو مسئلو نه آهي. اسان جو سماج ۽ رياست فقط ان ڳالهه تي بحث ڪن ٿا ته اهو ڪهڙن مفادن کي نقصان پهچائي ٿو ۽ ڪهڙن مفادن کي فائدو. اسان اهو سوال پڇندا آهيون ته آيا تشدد مذهبي بنياد تي ڪيو ويو يا فرقي، ٻولي، طاقت، غيرت يا قومي سلامتي جي نالي تي. اسان کي تشدد ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي فقط ان اصول تي عمل ڪرڻو پوندو ته، توهان جو هٿ هلائڻ جو حق اتي ختم ٿي وڃي ٿو، جتي منهنجو چهرو شروع ٿئي ٿو.

اسانکي ٻڌايو وڃي ٿو ته ضرب عضب ان لاءِ ضروري هو جو فعال رياستون ڪنهن کي به تشدد ڪرڻ جي اجازت نه ڏينديون آهن. ڇا اهوئي منطق فرقيوار گروهن ۽ ڪراچي تي لاڳو نٿو ٿئي؟ هاڻي ته اسان هڪ سيريل ڪلر جا اعتراف به پڙهي چڪا آهيون، جنهن ايم ڪيو ايم سان وابستگي جي دعويٰ ڪئي (ايم ڪيو ايم ان دعويٰ کي رد ڪري چڪي آهي) ۽ هن الزام هنيو ته بلديا ٽائون فيڪٽري جو سانحو ايم ڪيو ايم جو ڪارنامو هو ته جيئن ڀتو نه ڏيندڙ فيڪٽري مالڪن کي سبق سيکاري سگهجي.

جي آءِ ٽي رپورٽ جي ٽبوت طور ڪا حيثيت نه آهي، ڇو ته رضوان قريشي جو بيان ٻڌل، ٻڌايل ڳالهين تي ٻڌل آهي. هر ماڻهو تيستائين بي گناهه آهي جيستائين اهو ڏوهاري نٿو ثابت ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهي ته ان رپورٽ جي بنياد تي سندن ميڊيا ٽرائل غلط آهي. ليڪن جي آءِ ٽي جي رپورٽ، ايم ڪيو ايم جو رد عمل ۽ فيڪٽري سانحو، سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اسانجي رياست جي ساک ڪيتري ڪِري آهي. اسانجي آئين جو عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو واعدو بي معنيٰ آهي ۽ ڪهڙي طرح اسانجي سماج اهڙين تلخ ۽ بدشڪل حقيقتن سان گڏ جيئڻ سکي ورتو آهي.

جي آءِ ٽي رپورٽ جيڪا هلچل پئدا ڪئي آهي، اها قانوني حيثيت جي بنياد تي نه آهي بلڪه مواد جي ڪري آهي. اها رپورٽ خوف ۽ تشدد سان ڀرپور ڪراچي جي اَنڊر ورلڊ تي روشني وجهي ٿي، جنهن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، مارڪيٽون بند ڪرائڻ، هاءِ پروفائل ماڻهن جو قتل (شاهي سيد ۽ ناليوارا ٽي وي اينڪرز) ڀتا خوري ۽ بلديا فيڪٽري کي باهه ڏيڻ شامل آهن.

feb 28 20

قانوني نقطئه نظر سان ڏٺو وڃي ته جي آءِ ٽي رپورٽ جو فقط هڪ ئي استعمال آهي ۽ اهو آهي ان ۾ نالا، هنڌ ۽ تاريخون موجود آهن، جن جي بنياد تي تي وڌيڪ جاچ ٿي سگهي ٿي. وڌيڪ ڀيانڪ ته اهي ڳالهيون آهن جيڪي هن رپورٽ ۾ موجود نه آهن. پهرين اهو ته رياست بشمول سگهارن ادارن جي، کي جڏهن جون 2013 ۾ اها ڄاڻ حاصل ٿي تڏهن کان هن وقت تائين انهن ان رپورٽ جي سچائي جاچڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. ٻيو اهو ته ايم ڪيو ايم جو انتهائي جذباتي رد عمل جوابن بدران ڪيترائي سوال اٿاري رهيو آهي. ايم ڪيو ايم صحيح ٿي چوي ته جي آءِ ٽي رپورٽ بلديا سانحي بابت ناهي (فقط هڪ پئرا گراف ٻڌائي ٿو ته رضوان قريشي موجب بلديا فيڪٽري سانحو باهه ڏيڻ ۽ ڀتي جو ڪيس آهي) ان معاملي تي ايف آءِ اي جي رپورٽ باهه لڳڻ جي سمورن سببن کي رد ڪندي ان کي حادثاتي قرار ڏنو هو. ان ڀتي جا امڪان به رد ڪيا ڇو ته فيڪٽري مالڪن ڀتي جي شڪايت نه ڪئي هئي.

بلديا سانحي جي سببن تي زاهد علوي جڊيشل ڪميشن رپورٽ به خاموش آهي. مضبوط ۽ فيصلائتن ثبوتن جي غير موجودگي ۾ اها رپورٽ فقط اهو ٿي چوي ته “ٿي سگهي ٿو ته باهه شارٽ سرڪٽ جي ڪري لڳي هجي” دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فيڪٽري مالڪن باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ فارنسڪ ٽيسٽ ڪرائڻ تي زور ڏئي رهيا آهن. 19 ڊسمبر 2012 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ اها ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. ڪورٽ جي حڪمن باوجود هينئر تائين اهڙي ڪا به ٽيسٽ ناهي ڪرائي وئي.

جن ماڻهن جا نالا جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ موجود آهن ۽ جن تي ايم ڪيو ايم سان تعلق هجڻ جو الزام آهي (اصغر بيگ، رحمٰن ڀولا، حماد صديقي ۽ فاروق سليم) تن کان ڪڏهن پڇاڻو ڪيو ويو؟ ايم ڪيو ايم حقيقي جي سربراهه آفاق احمد وٽ فيبروري 2014 ۾ اها جي آءِ ٽي رپورٽ ڪيئن پهتي، جڏهن هن پريس ڪانفرنس ڪندي اهو الزام هنيو هو ته ايم ڪيو ايم ڀتي لاءِ بلديا فيڪٽري کي باهه ڏني؟ هن وڌيڪ الزام مڙهيو ته سنڌ جو گورنر ۽ ايم ڪيو ايم وزير ان ۾ شامل هئا، ججن کي ڊيڄاريو ويو، جڏهن ته فيڪٽري مالڪن جي ضمانت ڪرائڻ لاءِ وزير اعظم کي وچ ۾ اچڻو پيو هو.

رڪارڊ موجب فيڪٽري مالڪن جي شروع ۾ ضمانت نه پئي ڪئي وئي. چيو وڃي ٿو ته وزير اعظم ان سلسلي ۾ ايوان صنعت ۽ تجارت جي اهم ماڻهن سان مليو جن کي فيڪٽري مالڪن سان ٿيل سلوڪ تي ڳڻتي هئي. پوليس طرفان ضمني چالان جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ فيڪٽري مالڪن تي مڙهيل قتل جي الزامن کي خارج ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ئي فيڪٽري مالڪن جي ضمانت ٿي سگهي.

ڪراچي شهر ڊپ جي پاڇي ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. ڇا متحده ان خوف ۾ وڌيڪ واڌارو نه ڪري رهي آهي. ڇا 12 مئي 2013 تي الطاف حسين مخالفن (پي ٽي آءِ سميت) جا هڏ گڏ ڀڃڻ ۽ ڪراچي جي ٽي تلوار چوڪ کي حقيقي تلوارن ۾ بدلائڻ جي ڌمڪي نه ڏني هئي؟ ڇا هن ميڊيا کي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون نه ڏنيون آهن؟ ڇا هن ڊسمبر 2014 ۾ بائو انور جي قتل کانپوءِ پنجابي ليڊرن جي سنڌ ۾ داخلا روڪڻ جي ڌمڪي نه ڏني هئي؟ ڇا هن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي کي ڪراچي جون زمينون کپائي، پئسا ڪمائڻ جي الزامن ۾ معطل نه ڪيو هو؟

ڇا ايم ڪيو ايم ماڻهن ۾ خوف ويهارڻ چاهي ٿي يا ماڻهن جون دليون کٽڻ چاهي ٿي؟ ميڪاولي خوف کي ترجيح ڏني هئي، ماڻهن جي دلين ۾ خوف ويهاري سگهجي ٿو، محبت نه. نقصان پهچائڻ اسٽيبلشمينٽ جي سازش آهي يا ايم ڪيو ايم جي پنهنجي قدمن جو نتيجو آهي ته جيئن سندن ڌمڪيون اثرائتيون رهن ۽ ان جو اثر رسوخ جنهن جو بنياد خوف تي ٻڌل آهي، قائم رهي؟ جيڪڏهن بلديا ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ نٿي ڪئي وڃي، ته ڇا رضوان قريشي جي ڪهاڻي ۽ ان جي قانوني حيثيت گڏجي ايم ڪيو ايم جي اثر رسوخ کي نقصان پهچائيندا يا فائدو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو