Home / اسپيشل افيئر / ڪراچي ۽ آءُ
above article banner

ڪراچي ۽ آءُ

ارشاد ميمڻ

پوين ستن سالن کان هڪ ئي هنڌ نوڪري ڪري رهيو آهيان. روزانو سو کن بيمار ڏسندو آهيان. وچولي درجي جي سرڪاري اسپتال، ڪراچي جي اُن علائقي ۾ جنهن کي ڪنهن به ريت شهر جي مرڪزي حصي ۾ نه ڳڻجي. ڪاروباري ايريا کان ويهارو کن ڪلوميٽر ڏُور. گهر کان اُتي رسڻ جي واٽ اربن وسندين جي ڪناري، ڪناري سان. دُرست انداز ۾ چئجي ته مان ڪراچي شهر طرف ڪڏهن ڪڏهن ويندو آهيان. انهن ڏيهاڙن منجهه جڏهن ناظم آباد، گلشن اقبال ۽ اڳتي صدر، ڪلفٽن پاسي ڪو خفو پيدا ٿئي. باقي وقت جهر جهنگ پيو لتاڙيان. شام جي ڪلينڪ پنهنجي گهر ۾. هِڪ لساني، سنڌي آبادي. صبح جي ابتڙ جَو اردوئي اردو ڳالهايان، منجهند سمئه بعد گهر واري سان ڪُجهه جُملا اهائي وائي ٻِي فقط سنڌي ٻولي. رهائشي سوسائٽي قبضي واري زمين تي جوڙيل آهي. شرمسار آهيان جو سڀ معلوم هوندي به ڪنگلائپ کان لاچار ٿي سستو پلاٽ وٺي اجهو اڏايم. غير قانوني رهائش ڪارڻي انيڪ مسئلا آهن. هونئن هِن شهر ۾ هر ڪا ڳالهه قائدي موجب به ناهي. تڏهن پڻ منظوريءَ سَان ٺهيل پراجيڪٽس کوڙ عذابن کان آجا هجن ٿا. سوچ ٿي اچي ته اسان پارا ماڻهو هتي ايئن ئي جَالي سگهن.

نوڪريءَ واري جاءِ تي شهري واگهن جي ڏَاٺَ هيٺ ته رهائش سندي مَاڳ هنن جهڙن ڀائرن جي ڇَانوَ ۾. گهڻَ لساني آبادين کان وَنءُ اِنَ ڪري وڃان جو ٻن پُٽن جو پيءُ آهيان. وڏي ڇوڪري جي زبان تي حق پرستي، حق پرستي ٻُڌم ته سال هڪڙي اندر اُتان ڀَاڄ کاڌم. پنهنجا، پنهنجا ڪندو هت پهتس، جتي هاڻ گهر آهيم. جيئن جيئن پُٽ جوانيءَ طرف وڌڻ لڳو آهي، تيئن تيئن ڪيئي اکيون سندس مضبوط ڏونرن ڏانهن نهار وجهندي پَسان. قومي ڪاڄ جنهن کي سڏجي تنهن مطلب ڪاڻ. ناراضگي معاف. ٻنهي راهن جو انت ڀَلي ڀت ڄاڻان. ڏوهه، موت ۽ بربادي. دنيا جي ستين نمبر وڏي شهر وٽ مون لاءِ سو مونجهارو آهي. ڳوٺ واپسيءَ جو گس بند. اونداهيءَ کان ڀڄي هتي پهتس. اباڻي ڪکن جي چوڌاري رات اڃا وڌيڪ گُهگهه ٿيندي وڃي. اُتي موٽ کائجي ته ڪيئي واسينگ انتظاري آهن. نشو پتو، جُوا ۽ ٻيا. پُٽن کي ساڻ ڪري ڪيڏانهن مُنهن ڪريان؟ سندن معصوميت جو بچاءُ ڪيئن ٿئي؟

karachi

ڪافي هفتن کان ڌرتيءَ جي گولي تي آباد روشن ستارا، مَها شهر مطالعي ۽ ويچار جو موضوع اٿم. ڪجهه ورهيه اڳ گُوگل اَرٿ جو سافٽ ويئر آيو ته دلچسپيءَ وچان اُن کي ڦلهوريندو رهيس. وائڙو ٿيس ته جهان سمورو پچ بليڪ آهي. مَٿس چڪمندڙ ٽُٻڪا ميگا سٽيز. نيويارڪ، ٽوڪيو، هانگ ڪانگ، بيجنگ، دهلي، ڪراچي، لنڊن، پيرس. خلا ۾ پهچي ڪنڌ ورائي ڏسبو ته انساني سڀيتا جي حاصلات اهي واهڻ ئي ملندا. ساڳئي ماڻهو انهن شاندار هستين سان ڪيو ڇا آهي، سِينو ڪُٽي ماتم ڪجي. هڪڙا ڏينهن آيا جو آءُ مها شهرن سان لاڳاپو رکندڙ فلمون هلائي ويٺس. ڪاسابلانڪا، ليزمزربلز، اَن بروڪن، داونچي ڪوڊ، ميونخ. منجهن ٻئي تاڃي پيٽي سان گڏ اربن حيات جا راز پروڙڻ جي ڪيم. چوويهه ڪلاڪ پورا سي اين اين ۽ بي بي سي جون هيڊلائنز ڏٺم. اَسي سيڪڙو خبرون ويهه پنجويهه ميگا سٽيز مان جنم وٺن. گڏيل طور لکجي ته مکيه انساني سرگرمي تن شهرن ۾ ئي هجي. باقي طرفن اونداهه، بَس.

آدم جا ڪٽڪ آهن وڏن شهرن جي پنڌ تي. ايندڙ پنجن سالن ۾ رڳو انڊيا منجهه چاليهه ڪروڙ ماڻهو اربن علائقن ڏانهن لڏو کڻندا. ڪراچي شهر تنهن دٻاءَ کان آجو ناهي. شهر جو حال نهاري ارمان ان ۾ ته جي کيس سنواري سگهن تن جي مَنَ ۾ ڌار ٿي پنهنجي ديڳڙي پچائڻ. صوبائي حڪومت جا واڳ ڌڻي رهن به هتي، چونڊجي پَرَ ٻهراڙين کان اچن. پٺاڻ ۽ سرائيڪي وانگر سندن مول متو فقط شهر مان ڏوڪڙ ڪمائڻ. جائز گهٽ ناجائز طريقي سان وڌيڪ. ايئن آهستي آهستي ڪراچي بجنس کنڊرن جو روپ وٺندو وڃي. اڻ پڙهيل، تهذيب جي قائدن کان غير واقف، بُک ۽ هٻڇ جي هَڙ ٻڌيو ماڻهن جي لوڌ ڏيهاڙي سِٽي ۾ داخل ٿي رهي آهي. غير هُنرمند رهواسي وٽ هتي ڪرڻ لاءِ جُرم ئي بچي ٿو. نئين ايندڙ مخلوق اڪثر ڪري اِسڪلڊ نه ٿي هجي. رياستي ادارن جي ڪڌائپ جي موجودگيءَ ۾ ڏوهن جي انگ ۾ واڌ نه ايندي ته ٻيو ڇا؟ ٿورڙن کي ڇڏي باقي مها شهر اهڙي نموني جي ڪنهن نه ڪنهن ڀونچال جو شڪار آهن. جتي آشستي محسوس ٿئي تن منجهه خوف جو راڄ، ٽَيرَر.

هن لکڻيءَ کي قلم هيٺ آڻڻ جي گُهرج محسوس ٿي. منجهند جي گهڙي هئي جو فڪر ۾ پئجي ويس. اسپتال جو ملازم آهيان. هنڌ آهي جتي هر ڪوئي اچي. صحت جون سهولتون سڀني کي کَپن. غريب هجي يا تَونگر. ستن سالن کان پَسان پيو. هزار کان پندرنهن سئو جي وچ ۾ ايندڙ مريض. هر پنجون ماڻهو اوپرو محسوس ٿيندو. اوپري مزاج سان اوپري ٻولي ڳالهائيندڙ. پٺاڻ، پنجابي، سِرائڪي، سنڌي، بلوچ. ٻيهر معافي جي وينتي. سنڌيءَ جو ذڪر ان ڪري ٿو ڪجي ته هُو به باقي مهمانن وانگر اربن زندگيءَ ۾ وائڙائپ ورتل. گهٽ تعليم پرايل يا نِسورو آڱوٺي ڇاپ. ايئن ٿو لڳي ته ڪراچي لاڳاتار ماکيءَ جي مکين جي کاڄ مثل تباهه ٿي رهيو آهي. مکيون اُهي جي منجهس رهائشي آهن ۽ سي پڻ جيڪي ڊگهو فاصلو لتاڙي مَانَاري مٿان پهچن. ٻه اکر پيٽ ۾ هجن ۽ ڪو هنر اچي ته ميگا سٽي اوهان خاطر سورڳ. ٻي صورت ۾ هتي جيئندان واسطي ٺڙڪ ٺڳي، چوري چڪاري ۽ ڪرائيم جا مڙئي طريقا ڪتب آڻيو. ڪرت آهي جَا شهر جا اڻ ڳڻيا آدمي پيا ڪن. محنت مزدوريءَ جا موقعا سَوس کائيندا وڃن. سياسي بحرانن جو دق ته ڪراچي کي ڪڏهوڪو لڳي چُڪو. آءُ نيشنلزم کان آجو ٿي ڳالهايان ته اڻ گهڙيل ڪاٺ اسان جا پنهنجا سنڌي بنا ڪنهن تياريءَ جي هيڏانهن رُخ ڪن، نراڙ ۾ گهنج وجهان جيڪر. شهر جي ڪناري جڳاڙي وسنديون وسائين. ڪنهن نه ڪنهن بُليٽري ڊاگ جي ڪڻڇيءَ جو پاچو مٿن هجي ئي هجي- بيچين آهيان. ڪراچيءَ کي مُٺ ۾ رکڻ جي ان طريقي جو صفا حامي نَه.

‘اُردو ڳالهائيندڙ همراهن جي نئين پود هر حال ۾ ٻاهر وڃڻ ٿي گُهري. سنڌي جوانن کي احساس ئي ڪونهي ته پٺاڻ، پنجابي نه آهي. پختون جي طبيعت حاڪماڻي. شهر اندر داخل ٿيڻ جا مڙئي ماڳ هُو والاري چڪا آهن. گڏاپ، قائد آباد ۽ ٻيا. باقي سنڌ ۾ پڻ ساڳيو لقاءُ نهارجي. اردو دان هجي يا سنڌي-ٻئي ڌرتي ڌڻي پاڻ ۾ جَهيڙي ڍانڍا ٿي چُڪا. ڪوئي ڪنهن کي ناس نه ٿو ڪري سگهي، سمجهڻ کپين. وچ وارو رستو، وهنوار جاري رکڻ سندو تعلق يا ورڪنگ رليشن شپ ٺاهي اڳتي وڌڻ لاءِ گهربل ڏاهپ، تدبر سانڍيندڙ سياسي اڳواڻ منجهن ڄاوا ڪو نه، جن کي جهاز کنيو سَي اُسهندا. رهجي ويلن سان وقت جيڪو پاڻي ڪندو سَي اڳين کي ڏَسَ ڏيندا. ڪراچي سميت سموري سنڌ جو مستقبل بنهه گڻتي جوڳو ڪوٺجي’-خيال آهن جي منهنجو اردو ڳالهائيندڙ ساٿي ڊاڪٽر سلمان شيخ اڪثر طور ونڊي، انديشن وڪوڙبو رهندو آهي. مون وٽ کيس آڇڻ لاءِ ڪوئي آٿت ناهي هوندو.

رهجي ڪين سگهان. مانواري قيصر بنگالي کي ياد ڪريان. وٽس هيءُ ٻهڳڻ شهر سنڌين، پَوءِ مهاجرن، کانئن بعد پٺاڻن ۽ ايندڙ ڏهاڪن ۾ سرائيڪين جو آهي. آءُ ٻن وڏن ڏاهن امر جليل ۽ نصير ميمڻ سان بنهه اتفاق ۾ نه آهيان. سندن ان راءِ سان ته ورهاڱي گهڙيءَ هندن کي سنڌي مسلمانن نه پر ٻاهران آيل مومنن لڏو کڻايو. شڪ نه ڄاڻان، انڊيا اُسهندڙ واڻيا هتان پاڻ سان سيڪيولر سنڌ اُڏايون ويا. سندن جاءِ جن والاري سي مذهب جي سخت گيري کنيو آيا. پٺاڻن ڏوهه جُون پُٺارڪون پهچايون. سرائيڪي ڪراچي منجهه باقي بچيل تهذيب جا جَي بَکيا اُڊيڙيندا، زمانو ڏِسندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو