Home / ويندي ويندي / ڪرڪيٽ هاڻ ڪرامت تي هلندي
above article banner

ڪرڪيٽ هاڻ ڪرامت تي هلندي

ڪرڪيٽ جو عالمي ڪپ هلي پيو. پاڪستان جي ٽيم سان في الحال ته اهڙي ٿي آهي جهڙي ٻُرڙي ڪئي هئي ٻارن سان. ڀارت سان ٿيل ميچ کانپوءِ ڪن کي دل جا دورا پيا ته ڪن ٽي وي سيٽ ٽوڙيا. گهٽ ويسٽ انڊيز به نه ڪئي. ڪوارٽر فائنل تائين رسڻ لاءِ کيس هاڻ پنهنجي گروپ جا سڀ ميچ، سي به وڏي مارجن سان کٽڻا پوندا.

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم به انهن ڊزن کن ڪرڪيٽ ٽيمن مان هڪ آهي جن مٿان سرديون گرميون اينديون رهيون آهن. اسي جي ڏهاڪي ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم، ڪلائيوَ لائيڊ ۽ پوءِ ويون رچرڊز جي ڪپتاني ۾ ڪوه قاف جي ديوَن جي ٽيم هئي. گارنر، مارش ۽ اهڙن چئن پنجن فاسٽ بالرن آڏو چڱن ڀلن رانديگرن جون ڄنگهون ڏڪنديون هيون. پر پوءِ اهڙو به زمانو آيو جو زمبابوي ۽ بنگلاديش جهڙيون ٽيمون به ويسٽ انڊيز لاءِ مٿي جو سُور بڻجي ويون. آسٽريليا جي ٽيم ڏهاڪو سال اڳ تائين برڙ باڪاس ٽيم هئي. ڪابه ٽيم سندس آڏو سينو ساهي نه سگهندي هئي پر ساڳي ٽيم کي پر سال انگلينڊ جي هوم گرائونڊز تي انگلينڊ جي ٽيم ک اهڙو سٽڪو ڏنو جو مائيڪل ڪلارڪ جهڙي ڪپتان کان ڪلارڪي به وسري وئي. اڄڪلهه آسٽيريليا کي نيوزيلينڊ جي ٽيم به ڊوڙائي ڊوڙائي ماري ٿي.

سو، ڪرڪيٽ ۾ ڪابه ٽيم سدائين سڪندر ناهي.ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. پر پاڪستان جو ڪيس نرالو آهي. هڪ ٽيم ۾ افعالناهي رهيو مٿان ماڻهن جا مطالبا ته هر بال تي آفريدي ڇڪا هڻي. هاڻ اهڙي چري چاهت جو پورائو ڪير ڪري؟

ڪو زمانو هيو جو ان ٽيم به چڱي راند کيڏي پر پوءِ ملڪ جي مقبول ۽ معروف تبليغي ڪلچر ڪرڪيٽ ۾ به پنهنجا جلوا ڏيکارڻ شروع ڪيا. رات وچ ۾ رانديگرون جون سٿڻيون سُسي ڀيڏين کان مٿي چڙهي ويون ۽ ڏاڙهيون دُن سان اچي لڳيون. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪنهن مدرسي جي کٿابين جو گشت لڳڻ لڳي. ۽ پوءِ جهادي ڪلچر آيو. سري لنڪا جي ٽيم مٿان لاهور ۾ حملو ٿيو. ٻاهرين ڪرڪيٽ ٽيمن ملڪ ۾ اچڻ بند ڪيو. پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو حال پلال ٿي ويو. انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ سڃ واڪا ڪرڻ لڳي. مٿان لاهوري گروپ ڪرڪيٽ ٽيم ۾حاوي ٿي ويو.

لاهور، گجرات ۽ گجرانوالا جي اڪثرمخلوق جو نعرو آ ته عزت اچڻي وڃڻي شئي آ، ڊالر جو خير هجي. يا “مينون نوٽ ويکا، ميرا موڊ بڻي..” اتان جا اڪثر رهواسي هر ممڪن، غيرقانوني طريقي سان ملڪ کان ٻاهر يورپ، آمريڪا، آسٽريليا وڃن ٿا ؛ اتي غيرقانوني رهائش ۽ ڪم ڪري ڊالر ۽ نوٽ ڪمائن ٿا، اتان جي ماڻهن جي ايمان تي چٿرون، تبرا بلڪه ساڻن نفرت ڪن ٿا. ها، گوشت جي معاملي ۾ “حلال” جو خيال رکن ٿا. گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ ان گروپ جا سجيلا نوجوان ٽيم ۾ ڌڙاڌڙ سفارشن تي ڀرتي ٿيا. ڪرڪيٽ ۾ آيل ڪمرشلزم سبب کين اسپانسر به مليا. ڪرڪيٽ ۾ جوا جي به کين خبر پئي. پوءِ جيڪو گند ٿيڻو هيو سو اوهان سلمان بٽ، آصف ۽ عامر جي شڪل ۾ ڏٺو. همراه بال بال تي جوا کيڏي رهيا هئا.

هاڻ اها ٽيم جڏهن ڀلو کيڏي ٿي ته ڪريڊٽ luck کي ملي ٿو. خراب کيڏي ٿي ته جوارين يا سٽي بازن کي گار جو ڌوڙيو آ. ڪوبه رانديگرن کي نه ٿو ڏسي ته انهن ۾ ڪو حال به آهي يا نه. هڪ ته ملڪ ۾ هر اداري کي سفارش خراب ڪري ڇڏيو. وزير سفارش تي، سفير سفارش تي، ادارن جا سربراه سفارش تي، ٽيم ۾ سليڪشن هڪ سفارش ٻيو زبان تي. (مطلب بندوق ۽ بيٽ کڻڻ لاءِ پنجابي، سو به لاهوري يا پشتون هجڻ ضروري آهي). اهڙن افعالن هوندي اهڙي ئي ٽيم جڙندي جهڙي اڄڪلهه آسٽريليا نيوزيلينڊ ۾ ورلڊڪپ کيڏي پئي.

باقي ڪرامتن تي ڀاڙبو ته پوءِ ته ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جڏهن ملڪ هلي سگهي ٿو ته راند ڇونه هلندي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو