Home / اسپيشل افيئر / گرو مندر ڪٿي آهي؟
above article banner

گرو مندر ڪٿي آهي؟

اختر بلوچ

“گرو” هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي استاد يا پيشوا. ليڪن ان لفظ کي اصل اهميت سک مَت جي ڪري ملي. سکن جي مذهبي پيشوائن کي گرو چوندا آهن، جيئن سک مَت جو بانيڪار بابا گرو نانڪ. اردو ڊڪشنري بورڊ جي ڇپايل اردو لغت موجب سک مذهب جي ڪتاب کي “گرو پرنالي” چوندا آهن. اهڙي ريت سندن مذهبي عبادت گاهه کي گردوارو چيو وڃي ٿو. سکن جي مذهبي ڪتاب جو عام فهم نالو “گرو گرنٺ” آهي. گرو ديو به هڪ نالو آهي يعني وڏو گرو. اردو ۽ هندي ۾ گرو گهنٽال به عام جام استعمال ٿيندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري منفي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي.

اها ته ٿي وئي لفظ ”گرو” جي معنيٰ ۽ مختلف استعمال. ڪراچي ۾ رهندڙ ڪروڙين ماڻهن ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو اهڙو هجي جنهن کي گرو مندر بابت خبر نه هجي يا ڪڏهن هو ان چوڪ تان نه گذريو هجي. منهنجي ڳڻپ به اهڙن ماڻهن ۾ ڪري سگهجي ٿي. منهنجي دل ۾ هميشه هڪ خواهش رهي ته گرو مندر جوچوڪ ته ڏٺل آهي، ڪڏهن گرو مندر به ڏسي اچان. جڏهن به قائد اعظم جي مزار سامهون موجود قائد اعظم اڪيڊمي مان ڪنهن ڪاغذ جي فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻي هوندي هئي ته گرو مندر چوڪ تي فوٽو اسٽيٽ لاءِ وڃڻو پوندو هو، چوڪ جي ڀرسان هڪ وڏي مسجد آهي، جنهن کي سبيل واري مسجد چيو وڃي ٿو، جڏهن ته ساڄي پاسي هڪ گول ٽائيپ مارڪيٽ آهي، جنهن ۾ هڪ يتيم خانو، گوشت ۽ سبزي جي مارڪيٽ آهي ليڪن مندر ڪٿي به ڪونهي.

مون وٽ هاڻوڪي جمشيد ٽائون جو اڌورو ۽ اڳوڻي جمشيد ڪوارٽر جو مڪمل نقشو به موجود آهي ليڪن ان نقشي ۾ ڪٿي به گرو مندر نظر نه آيو. آءُ اهو نقشو کڻي پنهنجي هڪ دوست صحافي ڪفيل فيضان جي معرفت جمشيد ٽائون جي آفيس پهتس ۽ اتي پبلڪ رليشنز جي فرحان صاحب سان ملاقات ڪئي. هن نقشو ڏسڻ کان اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو ته هيل تائين جي رڪارڊ موجب گرو مندر چوڪ ته آهي ليڪن گرو مندر نه آهي. ها باقي گرو مندر کان سولجر بازار ڏانهن ويندي هڪ مندر ضرور آهي. منهنجي هڪ صحافي دوست ٻڌايو ته سبيل واري مسجد سان گڏوگڏ گهٽيءَ ۾ گرو جو مندر آهي.

خير آءُ اڳئين ڏينهن گرو مندر جي علائقي ۾ پهتس. سبيل واري مسجد جي ڀرواري گهٽي جيڪا تمام سوڙهي آهي، ان ۾ ٻه همراهه ويٺا هئا. کانئن مندر جو ڏس پتو پڇيم ته انهن گرو مندر چوڪ تي گول مارڪيٽ ڏانهن اشارو ڪندي انتهائي اعتماد سان چيو ته مندر مارڪيٽ جي وچ ۾ آهي. خير مارڪيٽ جي وچ تي پهتس ته اتي ڪو به مندر نه هو. اتي موجود هڪ صاحب کان پڇيم، تڏهن هن مونکي ٻڌايو ته پيپلز سيڪريٽريٽ سان لاڳاپيل رستو جيڪو ڪشمير چوڪ ڏانهن وڃي ٿو ان تي ٿورو اڳيان وڃي ساڄي پاسي هڪ پئٽرول پمپ آهي ان سان گڏوگڏ گرو مندر آهي.

آءُ ان پاسي هلڻ شروع ٿي ويس. پئٽرول پمپ تي پهتس. اتي موجود هڪ صاحب کان مندر بابت دريافت ڪيم پهرين ته هن مونکي سولجر بازار واري مندر بابت ٻڌايو. مون کيس چيو ته ان مندر جي مونکي خبر آهي ليڪن اهو گرو مندر نه آهي. ڪجهه گهڙين لاءِ هو سوچ ۾ پئجي ويو. پوءِ مجبوراََ پان ٿُڪيندي چيو: ڀائي جان، اسلاميه ڪاليج جي سامهون گولو ڏٺو اٿئي؟ مون چيو گولو؟ هن وري ڳالهايو، “ها گولو” مون حيران ٿي پڇيو “ڪهڙو گولو؟” هو چوڻ لڳو دنيا جو گولو. ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ آئي پئي، هن جو اشارو دائود انجنيئرنگ ڪاليج جي سامهون لڳل دنيا جي نقشي ڏانهن هو.

مون اقرار ڪيو ته ها گولي تي پهچي وياسين، هو وري چوڻ لڳو، ٽي چار گهٽيون ڪراس ڪري کاٻي هٿ تي هڪ گهٽي ايندي، ان ۾ داخل ٿي ويندين ته سامهون مندر آهي. هاڻي آءُ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جي سامهون واري رستي تي پهتس، اتي ته هر گهٽيءَ ۾ رڪاوٽون لڳل هيون. خير هڪ گهٽيءَ مان علائقي ۾ داخل ٿي ويس. ٽي کان چار گهٽيون ڪراس ڪرڻ کانپوءِ مونکي هڪ مندر نظر آيو. مندر کي ڏسندي ئي سڪون جو ساهه کنيم. مک دروازي تي هڪ تختي لڳل هئي جنهن تي انگريزي ۾ لکيل هو:

feb 28 54

“Shiri Shivbai Shiwala”

دروازو اندران بند هو، چئني پاسي خاموشي هئي. گهنٽي وڄائڻ تي اندران هڪ عورت جو آوازو آيو، ڪير؟ مون اوڀر جي روايتن موجب پڇيو ته گهر ۾ ڪو مرد آهي؟ اندران آواز آيو نه، ڇا ڳالهه آهي؟ مون وراڻيو ته مندر بابت ڪجهه معلوم ڪرڻو آهي. عورت چيو ته سندس مڙس هن وقت گهر ۾ نه آهي، دير سان ايندو. مون چيو ته سندس موبائيل فون نمبر ڏئي ڇڏيو. هن وراڻيو آءُ کڻي ٿي اچان. ٿوري دير کانپوءِ عورت اندران ئي چئي ڇڏيو ته ڀائو مون وٽ نمبر نه آهي. توهان صبح جو 8 بجي اچي وڃجو، ساڻس ملاقات ٿي ويندي يا وري پوءِ ڇنڇر جي ڏينهن اچي وڃو، ان ڏينهن سندس موڪل هوندي آهي.

گرو مندر ڳولڻ جي منهنجي اميد مندر تي لڳل تختي پڙهي دم ٽوڙي چڪي هئي. مندر تي لکيل هو “شري شيوبائي شيوالا” يعني هي گرو جو نه پر “شيو” جو مندو هو. منهنجي دوست پروفيسر ڪرن سنگهه مطابق “شيوالا” مندر کي به چوندا آهن ۽ “شيو” جي مندر کي به چوندا آهن. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي احاطي ۾ موجود هڪ مندر جي پوڄاري وجئه مهاراج کان جڏهن مون گرو مندر بابت معلوم ڪيو تڏهن هن ٻڌايو ته گرو مندر چوڪ ته ضرور آهي ليڪن ان علائقي ۾ گرو مندر نالي ڪوبه مندر نه آهي.

منهنجي صحافي دوست سحر بلوچ به ڪجهه عرصو اڳ گرو مندر بابت لکيو هو. هن جو خيال هو ته گرو مندر سان لڳو لڳ گهٽي ۾ هڪ قديم عمارت ۾ جتي اڄڪلهه ايڪسائيز کاتي جي آفيس آهي، گهڻو ڪري اهو ئي گرو مندر آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ جڳ مشهور اديب ۽ ڪالم نگار امر جليل پڻ پنهنجي ڪالم ۾ ان ئي عمارت کي گرو مندر سڏيو آهي. سحر بلوچ ۽ امر جليل جي لکڻين ۾ فرق رڳو ايترو آهي ته سحر ان کي ايڪسائيز جي آفيس لکي ٿي ته امر جليل ڪسٽم جي آفيس. آءُ اتان به مايوس ٿي موٽڻ لڳس.

ان سموري عمل دوران مليشيا لباس پهريل هڪ سيڪيورٽي گارڊ منهنجو پيڇو ڪندو رهيو. جڏهن آءُ واپس موٽڻ لڳس ته هن منهنجي اچڻ جو مقصد پڇيو، تڏهن مون کيس ٻڌايو ته آءُ گرو مندر جي ڳولا ۾ نڪتو آهيان. هو اوچتو صفا ٻهڪي پيو. هو چوڻ لڳو ڪجهه سال اڳ هتي هندو عورتون اينديون هيون، ليڪن هاڻي ناهن اينديون. هن جي ڳالهه ٻولهه جو اڳيون حصو انتهائي خوفناڪ هو. خان صاحب چيو اها مائي جنهن سان تو هينئر ڳالهايو پئي ان جو هڪ ڀاءُ ڊي ايس في (پي) ٻيو ڪسٽم ۾ آهي. انهن کي جيڪڏهن شڪ ٿي وڃي ته هاڻي جو هاڻي رينجر (رينجرز) اچي ويندي. ڏسو مان ايترو ٽيم (ٽائيم) کان هتي گارڊ آهيان. فوليس (پوليس) کي جيڪڏهن ٻڌائيندس هتي واردات ٿي آهي ته نه ايندي پر خدا قسم هي ماڻهو هڪ فون ڪن ته سڀ اچي ويندا.

مون سندس ڳالهه ٻڌي کانئس صدر وڃڻ جو رستو پڇيو، هن مونکي رستو ٻڌايو. ايئن آءُ ڪراچي پريس ڪلب طرف روانو ٿي ويس. گرو مندر جي ڳولا جو اهو سفر ڪارائتو نه رهيو. ٿي سگهي ٿو، مستقبل ۾ تحقيق جو ڪو شوقين اهو منجهيل سُٽ سلجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. ليڪن اها حقيقت آهي ته گرو مندر جو گُرو ڏاڍو طاقتور آهي جو مندر موجود نه هجڻ باوجود علائقي ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکيو اچي.

گرو مندر جو نالو مٽائڻ جي ٻه ڀيرا ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. پهريون ڀيرو 1992ع ۾ جڏهن ڀارت ۾ بابري مسجد جو تڪرار پئدا ٿيو هو، ان وقت هن چوڪ جو نالو بابري چوڪ رکيو ويو ۽ چوڪ جي آسپاس جي ڀتين تي بابري چوڪ لکيو ويو. ليڪن ان جي باوجود اهو گرو مندر ئي رهيو. 30 مئي 2004 تي جامعه بنوريه جي مهتمم مفتي نظام الدين شامزئي جي قتل کانپوءِ ان کي شامزئي چوڪ بڻايو ويو ليڪن گرو جي نالي سان منسوب چوڪ جو نالو بدلائڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام رهيون-ايئن اڄ به اهو چوڪ گرو مندر چوڪ آهي باقي مندر جو ڪو ڏس پتو ڪونهي.

ها ليڪن ان سموري سفر دوران اسانکي هڪ عمارت اهڙي به ملي جيڪا گرو مندر چوائڻ جي موزون اميدوار ٿي پئي سگهي. اها عمارت سبيل واري مسجد وٽ ئي قائم آهي ۽ ان تي “گر مندر” لکيل آهي. پنهنجي ڍانچي مان اها عمارت ڪنهن به ريت مندر نٿي لڳي ۽ نه وري ان عمارت بابت ڪي تصويرون يا معلومات رڪارڊ جو حصو آهن. آءُ ته بس پنهنجي تحقيق ۾ ايتري تائين پهچي سگهيو آهيان، ڇا توهان ان عمارت کي ڳولي سگهو ٿا؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو