Home / سنڌ افيئر / گورک ھِل اسٽيشن سنڌ جي آسمان تي 21ھين صديءَ جوجديد شھر ڪڏھن ٺھندو؟ II
above article banner

گورک ھِل اسٽيشن سنڌ جي آسمان تي 21ھين صديءَ جوجديد شھر ڪڏھن ٺھندو؟ II

نصير اعجاز

سمنڊ جي سطح کان 5688 فُٽ اُچائيءَ تي رات جو پنج ڊگريون ۽ ڏينھن جو 15 کان 20 ڊگريون سينٽي گريڊ گرمي پد واري ھن خوبصورت ھنڌ تي وڃڻ لاءِ دادوءَ کان اولھه ۾ نوي ڪلوميٽر فاصلو طئه ڪرڻو پوي ٿو. اٿارٽيءَ جي اختيارين شايد اھو نه سوچيو ته ماڻھو سچ ۾ گورک تي ويندا ۽ کين خبر پئجي ويندي ته ڪيترو ترقياتي ڪم ٿيو آھي. يا شايد ھنن سوچيو ھوندو ته عوام کي ڀلي خبر پوي، بس مٿي حڪمرانن کي رڪارڊ جي پورائي ڪري خوش ڪرڻو آھي. ڪامورن جي دعوائن جو ڀانڊو ان وقت ڦاٽو جڏھن 8 فيبروري 2015 تي مان، مظفر چانڊيو، اشتياق انصاري، ھمسفر گاڏھي، عزيز رانجھاڻي ۽ اڪبر لاشاري گورک لاءِ روانا ٿياسين. دادوءَ کان جوھيءَ تائين پندرھن ڪلوميٽر رستو نئون ۽ چڱيرڙو ٺھيل ڏسي خوش ٿي وياسين پر جڏھن جوھيءَ جي مُھڙ وٽ واھي پانڌيءَ ڏانھن وڃڻ واري باءِ پاس جو بورڊ ڏسي ان رستي تي مڙياسين ته ڀڳل ٽُٽل رستي جي حالت ڏسي دماغ ڦري ويو. باءِ پاس ختم ٿيڻ کانپوءِ بند ٽپي اڳتي وڌياسين ته حالت ويتر خراب ھئي جتي ڪجھه ٽُڪرن جي شڪل ۾ رستو ٺھيل ھو ۽ ڪن ھنڌن تي پٿر لٿل ھئا ۽ باقي سموري واٽ اڃا به اھو ڏيک پئي ڏئي ڄڻ ٻوڏن کانپوءِ ھن علائقي جو ڪو ڌڻي سائين به ڪونھي. گاڏين کي ڪٿان ڪچي ۾ لاھڻو ٿي پيو ته ڪنھن مھل جوکو کڻي پٿرن تان گاڏين کي چاڙھڻو ٿي پيو.ايئن سترھن ارڙھن ڪلوميٽر طئي ڪري جڏھن واھي پانڌيءَ پھتاسين ته لھندڙ سج جي لامُن ۾ ايئن لڳو ڄڻ قديم زماني جي ڪنھن وستيءَ ۾ پھتا ھجون جتي ايڪيھين صديءَ جي ترقي يافته دنيا جو ڪوبه اُھڃاڻ ڪونه ھو.جھوپڙا ٽائپ ھوٽلن ۽ دڪانن جي وچ مان گندگي ۽ غلاظت سان ڀريل سوڙھي رستي تان ٿيندي اسان ان ھنڌ پھتاسين جتي گورک تي وڃڻ لاءِ فور وِيل سوزوڪي جيپون ڀاڙي تي ملنديون آھن. واھي پانڌيءَ ۾ ان ھنڌ ھڪ وڏي نئين عمارت ڏسي پڇڻ تي خبر پئي ته اھو پوليس ٿاڻو ھو. واپاري لحاظ کان وڏي اھميت رکندڙ ھن ٽائون ۾ بس اھا ئي ھڪ وڏي عمارت ھئي.

images (1)

واھي پانڌيءَ کان گورک تائين 54 ڪلوميٽر پنڌ ھو جنھن مان 34 ڪلوميٽر پنڌ ڪار ۾ ھلڻ جھڙو ھو ۽ ان کانپوءِ جبل جون اُتانھيون چاڙھيون شروع ٿين ٿيون جن تان سفر ڪرڻ لاءِ فور وِيل گاڏين جي ضرورت پوي ٿي. گورک اٿارٽيءَ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل نذير چاڪراڻيءَ 2012 ۾ ٻڌايو ھو ته 54 ڪلوميٽرن جي ان روڊ جي اڏاوت لاءِ PC-I تيار آھي. گذريل سال اٿارٽيءَ جي اشتھارن مان به سمجھيو ھو سين ته اھو روڊ ٺھي ويو ھوندو، پر ان مھل نراسائي ٿي ۽ اٿارٽيءَ جي ٺلهين دعوائن تي ڪاوڙ آئي جڏھن واھي پانڌي ڇڏي گورک واري دڳ تي ھلڻ لڳاسين. شروع جي ڪجھه ڪلوميٽر پراڻي روڊ کانپوءِ روڊ نالي ڪا شئي ڪانه ھئي. سانجھيءَ کانپوءِ اونداھيءَ ۾ انھيءَ ڀڳل رستي تان ھلندي اسان کي ڪٿي به ڪو بلب ٻرندي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. ان سُڃ مان ھلندي ڊپ ھو ته گاڏي ڪٿي ڦاسجي پوي ته ڇا ٿيندو؟ برساتي وھڪرن ۾ لُڙھي ويل رستا جيئن جو تيئن ھئا. واٽ تي ھڪ عمارت ڏسي سمجھيوسين ته اتي ڪا وسنھن ھوندي پر ڪو ماڻھو ڇيڻو نظر ڪونه آيو. وڏي خرچ سان ٺھرايل عمارت خالي پئي ھئي. ايئن 30 ڪلوميٽر پنڌ اسان ٻن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري اھڙي ڀڙڀانگ ھڪ ٻي عمارت وٽ پھتاسين جتي ھڪ ٽريڪٽر بيٺل ھو ۽ ڪي مزدور مچ ٻاريو ويٺا ھئا. اھا عمارت به پوليس ٿاڻي لاءِ ٺھرائي وئي ھئي جتي ڪنھن پوليس واري جي موجودگيءَ بدران ڪنھن ٺيڪيدار جا مزدور اَجھو ٺاھيو ويٺا ھئا ۽ ڀر ۾ ڪجھه ڳئون ۽ گڏھه ٻڌل ھئا. اسان اڌ ڪلاڪ اُتي پنھنجي لاءِ جيپ جو انتظار ڪري ساڍي اٺين وڳي جيپ ۾ مٿي روانا ٿياسين ۽ ڏھه لڳي ڪجھه منٽن تي گورک تي پھتاسين. واٽ تي ڪروڙن جي خرچ سان وڇايل پاڻيءَ جي پائيپ لائين کي ڪيترن ئي ھنڌن تان ڀڳل ڏٺوسين. ان سموري پنڌ ۾ ڪنھن ھنڌ لڳو ته ڪڏھن اتي به ڪو رستو ٺھيو ھوندو، باقي ته مِڙوئي خير ھو. خاوَل لڪ وٽ Retaining Wall به نالي ماتر ٺھيل ھئي. واٽ تي سنڌ جي ٻيلي کاتي جا بورڊ ۽ آفيس جي نالي ۾ ھڪ جاءِ ته ڏسڻ ۾ آيا پر ڪٿي به ٻيلي کاتي پاران ڪيل ڪا وڻڪاري نظر نه آئي. ھر پاسي جھنگلي ٻوٽا پکڙيل ھئا جن ۾ پِيش جا ٻُوٽا گھڻائيءَ ۾ ھئا جيڪي جبل جي ماڻھن لاءِ روزگار جو وسيلو به آھن. جبل جا ماڻھو پِيش مان ٻُھاريون ۽ ڇٻيون ٺاھي واھي پانڌيءَ ۾ وڪرو ڪندا آھن ۽ اُتان واري واپاري ٻين شھرن ڏي موڪلين.

گورک تي پھچندي ئي پري کان روشنيون جرڪندي نظر آيون. ويجھو وڃڻ تي ھڪ وڏي جديد عمارت ۽ ٻاھران ڪيتريون ئي جيپون ۽ ٻيون فور وِيل گاڏيون بيٺل ڏٺيونسين. اھا گورک اٿارٽيءَ جي ٺھرايل ريسٽورنٽ ھئي جنھن جو افتتاح ايم اين اي رفيق جمالي ۽ سياحت واري وزير شرميلا فاروقيءَ 14 اپريل 2014 تي ڪيو ھو. ان ريسٽورنٽ کان ڪجھه پرڀرو ھڪ ٽڪريءَ تي رھائش لاءِ اَٺ ڪمرا ٺھيل ھئا. انھن کان ٿورڙو ئي پريان ھڪ احاطي اندر ٻه ڪمرا ٻيا به ھئا جيڪي مرحوم بشير انصاريءَ ٺھرايا ھئا ۽ ھاڻي انھن کي وري بھتر نموني ٺھرائي ڊبل بيڊ ۽ صوفا وجھي سجايو ۽ ڊائريڪٽر جنرل جي ريسٽ ھائوس جو نالو ڏنو ويو ھو. اڃا به ھڪ ٻي ٽڪريءَ تي ارباب رحيم جي وڏ وزارت ۾ ٺھرايل فائبر جا ٻه ڪمرا موجود ھئا. ريسٽورنٽ جي احاطي ۾ پھچندي وائڙا ٿي وياسين جو اُتي جينس جون پينٽون پاتل ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ٽيلارا ڏئي رھيا ھئا. اھي ڪراچيءَ جي اين اِي ڊي يونيورسٽيءَ جا ستر کن شاگرد ھئا. سندن ھمت کي داد ڏنوسين جو ايڏو پري کان جوکم وارو سفر ڪري اتي نه رُڳو پھتا ھئا پر ڪمرا خالي نه ھجڻ سبب کليل آسمان ھيٺان ٽينٽ ھڻي توڙي ريسٽورنٽ جي ھال ۾ فرش تي ھنڌ وڇائي رھيا پيا ھئا. کين ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونه پي ٿيو ۽ ڪي ڇوڪريون ته اڪيليون يا ٽولن جي شڪل ۾ ريسٽورنٽ کان پري ٽڪرين تي گھمي رھيون ھيون. گورک جو سفر ته ايڊوينچر کان گھٽ نه ھو پر گورک ڪراچيءَ جي بدامني ۽ بي سُڪونيءَ جي ڀيٽ ۾ لکين ڀيرا وڌيڪ پُرامن ۽ پُر سڪون ھو ۽ اھائي خاصيت سياحن کي ڇڪي ھتي وٺي ايندي. اسان اڃا ريسٽورنٽ جي ورانڊي ۾ ئي موجود ھئاسين ته پوليس جي ھڪ پِڪ اَپ به اچي پھتي. ڪجھه دير ترسڻ بعد پوليس جي گاڏي واپس ھلي وئي ۽ وري صبح جو نظر آئي. آباديءَ کان پري جبل جي چوٽيءَ تي اسان کي گھر وارن سان فون تي رابطي جي ضرورت محسوس ٿي پر حيرت ٿي ته ڪنھن به موبائل فون ڪمپنيءَ جا سگنل ڪونه ٿي آيا. فون جا سگنل ته واھي پانڌيءَ کان نڪرڻ بعد ڪجھه پنڌ تي ئي بند ٿي ويا ھئا. عجيب ڳالھه ھئي ته نه سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ نه ئي گورک ھِلس ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ سياحن جي سھولت لاءِ موبائل ڪمپنين کي گورک تي ڪو ٽاور ھڻڻ جي صلاح ڏني ھئي. جيترا به ماڻھو گورک تي موجود ھئا انھن سڀني جون موبائل فونون ان مھل ڪنھن ڪم جون ڪونه ھيون. پيٽ ۾ ساھه ان وقت پيو جڏھن ريسٽورنٽ جي ورانڊي ۾ رکيل ھڪ ٽيبل تي پي ٽي سي ايل فون جو سيٽ نظر آيو جنھن تان اين اِي ڊيءَ جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پنھنجي گھرن ڏانھن فون ڪري رھيا ھئا. ريسٽورنٽ ھلائيندڙ نوجوان جمن جمالي منٽن جي حساب سان فون جا پئسا وٺي رھيو ھو. ريسٽورنٽ ۾ کاڌي پيتي جي ھر شئي موجود ھئي ۽ آرڊر ڏيڻ تي سڀ ڪجھه تيار ملي پيو. ھڪ ٽَڪ شاپ به ھو جنھن تي مناسب اگھه تي شيون ملن پيون. اسان جي رھائش جو انتظام ريسٽ ھائوس ۾ ھو. اسان کي رات جو دير تائين ريسٽورنٽ ٻاھران مچايل مچ جي روشني ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا آواز ايندا رھيا.

سومر 9 فيبروريءَ تي صبح جو تلخ تجربو اھو ٿيو ته ريسٽ ھائوس جي اٽيچڊ باٿ رومن ۾ پاڻي ڪونه ھو. اسان منرل واٽر جي بوتلن سان ھٿ منھن ڌوئي، ريسٽورنٽ تي نيرن ڪري بينظير وِيو پوائنٽ ڏانھن ھليا وياسين جتي چوٽيءَ جي ڪناري سان ريلنگ لڳل ٽائلڊ پاٿ ۽ ڪي ڇاپرا ٺھيل ھئا جتان آسپاس جي من موھيندڙ نظارن کي ڏسي سگھجي ٿو. ان ئي ھنڌ ڪي مزدور ڪم سان لڳل ھئا جن ٻڌايو ته پندرھن کن ڪمرن جي تعمير لاءِ بنياد وڌا ويا آھن. ان وِيو پوائنٽ تان ھڪ پاسي جبل جي دامن ۾ گاج نئن ۽ ٻئي پاسي ڪولاچي نئن جو نظارو ڪري سگھجي ٿو. گاج نئن برساتن ۾ گجگوڙ ڪندي وھندي آھي ۽ ان جو تيز وھڪرو ھر شئي کي لوڙھي ويندو آھي. انگريزن پنھنجي زماني ۾ گاج تي ڊئم ٺاھڻ جي به رٿا تيار ڪئي ھئي پر اڃا انجنيئرن جي رھائش لاءِ بنگلن جي اڏاوت شروع ٿي ته سندن تڏا ويڙھه شروع ٿي وئي. ھڪ دوست ٻڌايو ته ڪولاچي نئن به گاج وانگر جوڀن ۾ ھوندي آھي.

اسان ڪجھه دير کانپوءِ وري انھن پُر پيچ جوکائتين لاھين تان لھندا واپس پنھنجي گاڏين تائين پھتاسين ۽ ڀڳل رستن تان ڪارون ڊوڙائي پنھنجي ماڳ ڏانھن روانا ٿياسين، اھو سوچيندي ته جنھن رفتار سان ڪم ھلي رھيو آھي، چئي نٿو سگھجي ته سنڌ جي آسمان تي ايڪيھين صديءَ جو ھيءُ شھر ڪڏھن تڪميل تي پھچندو. گورک اٿارٽيءَ گورک چوٽيءَ تي ته ڪمن کي اوليت ڏني آھي پر رستن جي تعمير کي نظرانداز ڪري سياحت واري ھن خوبصورت نعمت کي ڄڻ ته دنيا کان اڃا به پري ڪري ڇڏيو آھي. رستن جي تعمير گورک تائين پھچڻ جي وقت کي گھٽائي سولو ڪري ڇڏيندي ته ٻيلي کاتي پاران وڻڪاري ساوڪ پيدا ڪري گورک کي سياحن لاءِ پُرڪشش ڪندي. گورک جي چوٽيءَ تي موبائل فون جي سھولت به اڻٽر آھي جنھن سان فاصلا بنھه گھٽجي ويندا ۽ ملڪي توڙي پرڏيھي سياح مري يا ٻين ھنڌن جو رُخ ڪرڻ بدران گورک اچڻ پسند ڪندا. گورک تائين فاصلا گھٽائڻ جا ٻيا به رستا آھن. مقامي ماڻھن موجب ٽنڊي رحيم واري پاسي کان رستو (جنھن تي اسان 1992 ۾ سفر ڪيو ھو) موجوده رستي کان گھٽ آھي. اھڙي طرح خاول لڪ جھڙي ڏنگي وڪڙ کان بچڻ لاءِ به ٻيو رستو ٺھڻ جي جاءِ آھي، پر اختيارين وارا ته ان رستي ۾ ئي اٽڪي پيا آھن. ڪو وقت ھو جڏھن ھڪ سروي موجب اسي سيڪڙو پرڏيھي سياح ڪراچيءَ ۾ لھندا ھئا پر سنڌ ۾ سياحت جون سھولتون نه ھجڻ ڪري اُترين علائقن ڏانھن ھليا ويندا ھئا. اڄ سنڌ جا اختياريءَ وارا چاھين ته انھن سياحن جو رُخ وري پاڻ ڏانھن ڪري آمدنيءَ جا وڏا وسيلا پيدا ڪري سگھن ٿاـ ھن مھل تائين سنڌ حڪومت ڪنھن به خانگي شعبي واري سيڙپڪار کي گورک تي سيڙپ ڪرڻ لاءِ آماده ڪونه ڪيو آھي. جيڪڏھن خانگي شعبي جا ماڻھو اُتي ايندا ته ترقياتي ڪم تيز ٿي ويندو ۽ مقامي ماڻھن جي معيشت به تيزيءَ سان سُڌرندي.

(خاص “افيئر” ميگزين لاءِ لکيل)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو