Home / اسپيشل افيئر / گورک ھِل اسٽيشن سنڌ جي آسمان تي 21ھين صديءَ جوجديد شھر ڪڏھن ٺھندو؟
above article banner

گورک ھِل اسٽيشن سنڌ جي آسمان تي 21ھين صديءَ جوجديد شھر ڪڏھن ٺھندو؟

نصير اعجاز

 

جيئن سومناٿ جي مندر تي محمود غزنويءَ ڪيترائي حملا ڪيا ھئا، تيئن مون ۽ منھنجي دوستن توڙي ٻين گھڻن ئي ماڻھن به گورک ھل اسٽيشن تي پھچڻ لاءِ کوڙ چڙھايون ڪيون. اسان جھڙن ماڻھن جون گورک تي چڙھايون ان کي دنيا آڏو اُجاگر ڪرڻ لاءِ ھيون ۽ سنڌ جي ڪامورن جون چڙھايون محمود غزنويءَ وانگي مال ھضم ڪرڻ لاءِ ھيون. گورک جي قسمت به اھڙي آھي جو انگريزن 1860 ڌاري اھو پُر فضا ھنڌ ڳولي لڌو ۽ پنھنجي ئي زماني ۾ گورن ۽ گورين کي سنڌ جي ساڙيندڙ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ اُتي ھِل اسٽيشن جي اڏاوت جي رٿا ٺاھي پر ان تي عمل ڪرڻ کان اڳ ٽپڙ ويڙھي ھليا ويا. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به سنڌ وارن نئين ملڪ جي حڪمرانن جو ڌيان ان پاسي ڇڪائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي زماني ۾ کيرٿر جبل جي ھڪ ٻي چوٽي “ڪُتي جي قبر” تي به ھِل اسٽيشن ٺاھڻ جو جائزو ورتو ويو ھو پر اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ ۾ راڄ ڪندڙ پنجابي ڪامورا وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيا ۽ ان رٿا تي عمل ٿيڻ ڪونه ڏنائون. تن ڏينھن ۾ ڀُٽي صاحب جي حڪمن تي عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ مون پنھنجي صحافتي ذميواري محسوس ڪندي واسطيدار صوبائي کاتي جي پنجابي سيڪريٽري (ڪياني) سان ملاقات ڪئي ھئي جنھن سان ملڻ کانپوءِ مونکي يقين ٿي ويو ھو ته پنجاب ڪڏھن به نه چاھيندو ته سنڌ سندن ھِل اسٽيشنن جي مقابلي ۾ اُڀري اچي ۽ سياحت مان ٿيندڙ سندن ڪمائي متاثر ٿئي. سيڪريٽري ڪيانيءَ چيو ھو: “پھاڙون پي سڙڪين بنانا اور ھِل اسٽيشن تيار ڪرنا ڪوئي آسان ڪام ھي ڪيا؟ ”

سائين جي ايم سيد به ھڪ ڀيري محترما فاطمه جناح کي ساڻ کڻي گورک جي چوٽي سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر واٽ تي رات پئجي وڃڻ سبب ڪئمپ ھڻي سُتا ته طوفاني ھوائن سندن ڪئمپ به اُڏائي ڇڏي ۽ ھُو واٽ تان ئي موٽي آيا. اھڙي ئي حالت جنوري 1992 ۾ اسان سان به ٿي جڏھن دادو ضلعي جي تڏھوڪي ڊپٽي ڪمشنر گل محمد عمراڻيءَ جي سڏ تي مان، بدر ابڙو، مرحوم انور پيرزادو، جايد سومرو ۽ عزيز رانجھاڻي گورک جي چوٽي سر ڪرڻ نڪتا ھئاسين. گل محمد عمراڻيءَ پنھنجي ذاتي دلچسپي وٺي مقامي زميندارن ۽ فوجي اختيارين جي مدد سان ٽنڊي رحيم واري پاسي کان گورک تي وڃڻ لاءِ جبلن کي بارود سان ڀڃي جيپ جي ھلڻ جھڙو پٿريلو رستو ٺھرايو ھو. اسان ڊپٽي ڪمشنر جي پجيرو ۾ سوار ٿي جوھي ۽ ڇِنيءَ کان ٿيندا ٿيندا منڇُر ڍنڍ جي ڪپ تي انگريزن واري زماني جي ٺھيل شاھه حسڻ ريسٽ ھائوس ۾ رات رھي ٻئي ڏينھن صبح جو آخري ڳوٺ ٽنڊي رحيم مان ڪجھه سونھَنِ سان گڏ ماني پاڻي کڻي گورک جي چڙھائين تي سفر مس شروع ڪيو ھو ته پندرھن سئو کن فُٽ اُوچائيءَ تي تِکن پٿرن پجيرو جو ھڪ ٽائر ڦاڙي وڌو. ڊرائيور ٽائر بدلائي گاڏي ٿورو ئي اڳتي وڌائي ته وري ٽائر برسٽ ٿي ويو. ھاڻ ٿورڙو اڳتي ھڪ ميدان ۾ گاڏي بيھاري خُدائي امداد جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانه ھئي. سخت ٿڌ، مٿان مينھن، ٻنھي ھڻي اسان کي سيڪاٽي ڇڏيو ھو. ان مھل ڊرائيور خدائي امداد جو اطلاع ڏيندي ٻڌايو ته پجيرو ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي وائرليس لڳل آھي. ھن ھڪدم دادوءَ واسطيدار عملدارن سان ڳالھائي کين صورتحال کان آگاھه ڪيو ۽ اسان پوءِ بي فڪرا ٿي موسم جو مزو وٺندا رھياسين. جبل تي ھر پاسي ھزارن جي تعداد ۾ ڄاڱري ٻيرن جا ٻُوٽا پکڙيل ھئا. مانيءَ جي کوٽ ڪانه ھئي پر مچ ٻاري ڄاڱري ٻير کائڻ جو مزو ئي ٻيو ھو. اُھو سمورو ڏينھن اسان انتظار ۾ گذاريو ۽ ان وچ ۾ پري کان پيچرن تان اُٿندڙ ھر ڌُوڙ کي اسان پاڻ ڏانھن ايندڙ امدادي گاڏي سمجھندا رھياسين. سانجھيءَ ڌاري جڏھن اُميدن جا ڏيئا وسامڻ وارا ھئا تڏھن پوليس جي پِڪ اَپ ڊاٽسن جوھيءَ جي ڪنھن زميندار جي پجيرو مان ڪڍيل ٽائر کڻي اچي پھتي. ھاڻي سوال اُٿيو ته گورک ڏانھن پيشقدمي جاري رکجي يا پويان پير ڪجن؟ جيڪڏھن اڳتي ھلي وري ٽائر ڦاٽي ته پوءِ ڇا ڪبو؟ اھو سوچي اسان موٽ کاڌي ھئي.

34

گورک ھِل اسان سنڌين جي سپنن ۾ سمايل ھئي. اھو ئي ڪارڻ ھو جو اخبارن ۾ ھِل اسٽيشن جي تعمير جي مطالبن تي مرحوم وزيراعظم محمد خان جوڻيجي پنھنجي مختصر حڪومت دوران سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ (سازدا) کي پنج ڪروڙ رُپيا ڏنا ته ھِل اسٽيشن جي ترقيءَ لاءِ فزيبلٽي رپورٽ ٺاھي وڃي پر سازدا جي بدعنوان سنڌي ڪامورن ۽ سندن ھڪ من پسند ٺيڪيدار گڏجي پنج ڪروڙ ھضم ڪري ڇڏيا. ھيليڪاپٽر ۾ گڏجي گورک جو سير ڪرڻ کان وڌيڪ ھنن ڪجھه به نه ڪيو. ساڳيو حشر ھنن شھيد بينظير ڀٽو جي پھرين حڪومت ۾ مليل پنج ڪروڙ رُپين جو ڪيو ھو. ان وقت به (1989 ۾) ھنن بينظير صاحبه کي ھيليڪاپٽر ۾ گورک جي چوٽي گھمائي ھئي جتي سندس آجيان لاءِ آبپاشي کاتي جي ملازمن کي پيرين پنڌ ڪرسيون ۽ ٻيو ڳرو سامان چوٽيءَ تي پھچائڻ جو ڪم ڏنو ويو ھو ۽ اھو ھنن 24 ڪلاڪ پنڌ ڪندي پير پٿِون ڪري پورو ڪيو ھو. بينظير صاحبه جي ٻي حڪومت ۾ مرحوم بشير انصاري، سيوھڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل ھو ۽ پنھنجي ذاتي دلچسپي وٺي ھن وندر واري ماڳ کي ترقي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گورک جي چوٽيءَ تي پٿرن ۽ گچ پلستر سان ٻه ڪمرا، اسٽور روم ۽ رڌڻو تيار ڪرائي پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکرائي ڇڏڻ سان گڏ پنھنجي سوزوڪي جيپ کولرائي اُٺن تي کڻائي مٿي پھچرائي ته جيئن اُتي جيپ ۾ چڙھي جبل گھمي سگھجي. ھن 1996 ڌاري ڪراچيءَ کان گورک تائين موٽرسائيڪل ريلي به آرگنائيز ڪئي ۽ ڪجھه صحافين کي جيپ ۾ وٺي وڃڻ جو پروگرام به رٿيو ويو. مان ڪن مصروفيتن سبب ان وقت گورک لاءِ نڪري نه سگھيس پر بدر ابڙي ۽ مرحوم انور پيرزادي کي (اسان ٽئي ان وقت برسات اخبار ۾ گڏ ڪم ڪندا ھئاسين) گورک لاءِ روانو ڪيوسين. موٽر سائيڪل ريلي ڏکئي رستي سبب جھانگارا باجارا تائين محدود ڪئي وئي پر باقي دوست جيپن ۾ گورک گھمي آيا.

تن ڏينھن ۾ مرحوم بشير انصاريءَ ٻڌايو ھو ته سعودي عرب، تُرڪي ۽ آمريڪا جي ٽن ڪمپنين جي ڪنسورشيم گورک تي ايڪيھين صديءَ جو جديد ترين شھر اَڏي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ھئي. ڪنسورشيم Build, Operate and Transfer (BOT) بنيادن تي اھو پروجيڪٽ تيار ڪري ھا. ڪراچيءَ کان ھڪ روڊ سڌو گورک تائين تعمير ٿئي ھا؛ گورک کي سيوھڻ ۽ موھن جو دڙو ھوائي اڏن سان ڳنڍيو وڃي ھا؛ سموري علائقي ۾ سيڪيورٽيءَ جو انتظام به ڪنسورشيم جي حوالي ھجي ھا. ھر سال سنڌ حڪومت کي ڪمائيءَ مان مخصوص حصو ملي ھا ۽ ٺيڪي جو مُدو پورو ٿيڻ تي اھو جديد شھر سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي ھا. سنڌ جي بدقسمتي ڏسو ته اسان جي بدعنوان سياستدانن ۽ ڪامورن ڪنسورشيم سان معاملا طئي ٿيڻ کان اڳ ئي پنھنجي ڪميشن طئي ڪرڻ جي ڳالھه اُٿاري ۽ نتيجي ۾ ڪنسورشيم ان رٿا تان ئي ھٿ کڻي ويو.

ان کانپوءِ گورک تي ھڪ چڙھائي نواز شريف به ڪئي ھئي ۽ ھيليڪاپٽر ۾ وڃي اُتي لٿو ھو. چَوَن ٿا ته ميان صاحب لاءِ وڏي محفل مچائي وئي ھئي ۽ کيس ھڪ رات انھن ڪمرن ۾ ترسايو ويو ھو جيڪي مرحوم بشير انصاريءَ ٺھرايا ھئا. ايئن اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ صوبائي حڪمران به وقت بوقت گورک گھمندا رھيا پر چون ٿا ته ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير به گورک گھمي چڪو آھي جو اھو سمورو جبل يورينيم، گرينائٽ ۽ ٻين معدني وسيلن سان مالا مال آھي. ان عرصي ۾ گورک جي ترقيءَ لاءِ فنڊ به جاري ٿيندا رھيا پر ڪم جي رفتار ڪڇُونءَ جھڙي به ڪانه ھئي. سرڪاري انگن اکرن موجب 1994 ۽ 1995 واري مالياتي سال ۾ ئي گورک جي ترقيءَ لاءِ 1708 مِلين رُپيا بجيٽ ۾ منظور ڪيا ويا ھئا. مونکي جڏھن مئي 2008 ۾ گورک تي وڃڻ جو موقعو مليو ته ان مھل تائين روڊ جي ڪجھه ٽُڪرن، ڪجھه پُلين، بجليءَ جي ٿنڀن ۽ گورک جي ھڪ چوٽيءَ تي فائبر گلاس مان ٺھرايل ٻن ڪمرن کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه ٿيو ھو. بشير انصاري مرحوم جا ٺھرايل ڪمرا ڊھڻ تي ھئا جن جي ڇت کي ڪاٺ جون ڪامُون ڏئي ڪِرڻ کان جھليو ويو ھو. ائڪشن ايڊ ۽ جوھيءَ جي ھڪ اين جي او پاران گورک فيسٽيول کليل ميدان ۾ ٿيو ھو ۽ رات جو ماني به پٽَ تي ويھي کائڻي پئي ته ان ميدان ۾ ئي پٽَ تي گدو وڇائي کليل آسمان ھيٺان سمھڻو پيو ھو. خطرناڪ وَروَڪڙن واري اُڀي خاوَل لڪ کان ڪجھه ھيٺ ھڪ پمپنگ اسٽيشن ۽ ھڪ اڌ ٻي عمارت اڏاوت ھيٺ ھئي. پمپنگ اسٽيشن کان مٿي گورک تائين پاڻيءَ جي پائيپ لائين به وڇائي پئي وئي جيڪا گاج نئن ۽ ھينگڻ وارن قدرتي چشمن مان پاڻي مٿي آڻڻ لاءِ ھئي. خوشي ٿي ته دير سان ئي سھي پر ڪجھه ته ڪم شروع ٿيا آھن، پر 2010 ۽ 2011 جي ٻوڏن ۽ طوفاني برساتن روڊن جي ٽُڪرن ۽ پُلين کي لوڙھي سمورين خوشين تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ڪامورا ۽ سياستدان ته خوش ٿيا ھوندا جو وري فنڊ وٺڻ ۽ ڪمائڻ جو بھانو پيدا ٿي چُڪو ھو. ٻوڏن جي تباھيءَ کان ھڪ سال پوءِ 2012 ۾ گورک ھِلس ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي تڏھوڪي ڊائريڪٽر جنرل نذير چاڪراڻي، تڏھوڪي سيڪريٽري سياحت کاتي ۽ وزير صاحب جي وچ ۾ انھن فنڊن تان وڏي ڇڪتاڻ ھلندي رھي ھئي. “حڪومت فنڊ جاري ڪري ڇڏيا ھئا ته جيئن تباھه ٿيل رستن ۽ پُلين جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪجي پر سيڪريٽريءَ جو زور ھو ته ترقياتي ڪمن جا ٽينڊر سندس کاتي معرفت ٿين.

پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پاران 29 آگسٽ 2008 تي سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرڻ ۽ 24 سيپٽمبر تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري گورک ھِلس ڊيولپمينٽ اٿارٽي ٺاھڻ ڏاڍو چڱو ڪم ھو ۽ اُميد پيدا ٿي ته ھاڻي گورک تي تيزيءَ سان ڪم ٿيندو پر جيڪو انڌو منڊو ڪم ٿيو اھو به ٻوڏن ۾ لُڙھي ويو ۽ گورک چوٽي وري پُراڻي پوزيشن تي ھلي وئي. گورک اٿارٽيءَ جا عملدار اخباري بيانن ذريعي وڏيون دعوائون ڪندا رھيا ته تباھه ٿيل رستن ۽ پُلين جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان ھلي رھيو آھي. جنوري 2014 ۾ اٿارٽيءَ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر گلزار خشڪ دادوءَ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي دعوى ڪئي ته بجلي، پاڻي ۽ روڊن جون رٿائون مڪمل ٿي چڪيون آھن جڏھن ته رستن کي ويڪرو ڪرڻ جو ڪم به 85 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آھي. اھڙي طرح خاوَل لڪ، جيڪو جبل جو نھايت ڏکيو اُتانھون موڙ آھي، اُتي لينڊ سلائيڊنگ کان بچڻ لاءِ Retaining Wall تعمير ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ ھو ته 2005 ۾ وفاقي حڪومت جي واسطيدار اداري گورک ھِل اسٽيشن جي ترقيءَ لاءِ 999 مِلين رُپين جون رٿائون منظور ڪيون ھيون جنھن لاءِ پنجاھه سيڪڙو فنڊ وفاقي حڪومت ۽ باقي فنڊ سنڌ حڪومت کي ڀرڻا ھئا پر وفاقي حڪومت پاران ان مھل تائين ڪابه رقم جاري نه ڪئي وئي ھئي. گلزار خشڪ اھا به دعوى ڪئي ھئي ته گورک چوٽيءَ تي 8 ڪمرا تعمير ڪيا ويا آھن، ھڪ جديد ريسٽورنٽ اڏاوت جي مرحلي ۾ آھي جنھن جي تڪميل جُون 2014 ۾ ئي ٿي ويندي جڏھن ته واھي پانڌيءَ کان گورک تائين ھر پنجن کان ڏھن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پوليس ٿاڻا تعمير ڪيا ويا آھن جنھن لاءِ اٿارٽي پنھنجي الڳ فورس ٺاھيندي . (سندس اھو بيان اخباري رڪارڊ تي موجود آھي).

ساڳئي سال ۽ مھيني ۾ گورک ھِلس ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي گڏجاڻي ان جي چيئرمن ايم اين اي رفيق احمد جماليءَ جي صدارت ھيٺ ٿي ھئي جنھن ۾ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندي ٻُڌايو ويو ھو ته گورک تي سياحت جي ترقيءَ لاءِ نه رُڳو ھيليڪاپٽر سروس شروع ڪئي ويندي پر 16 ٽوئرسٽ ھَٽ، 6 بيڊس وارو ريسٽ ھائوس ۽ 10 بيڊس جي اسپتال به تعمير ڪئي ويندي. گورک اٿارٽيءَ مختلف رٿائن لاءِ حڪومت کان 2400 ايڪڙ زمين جي گھُر ڪئي ھئي پر ان گڏجاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته اٿارٽيءَ کي ٻه لک ايڪڙ زمين ڏني ويندي ته جيئن مختلف رٿائن تي ڪم ڪري سگھي. اھڙي طرح فنڊ ملڻ شرط ھيليپيڊ ۽ لفٽ چيئر جي تعمير جو به ڪم شروع ٿيڻو آھي. (اھا خبر به اخباري رڪارڊ تي موجود آھي).

اخباري رپورٽون ٻڌائن ٿيون ته سنڌ جي ٻيلي کاتي کي ھزارين ايڪڙن ۾ وڻڪاري ڪرڻي ھئي. ڪجھه مھينا اڳ اخباري اشتھارن جي مُھم به ھلائي وئي ته ھاڻي گورک ھِل اسٽيشن مڪمل ٿي وئي آھي ۽ سياح نئين تعمير ٿيل رستي ذريعي گورک تي وڃي وندر ڪري سگھن ٿا. (هلندڙ)

سمنڊ جي سطح کان 5688 فُٽ اُچائيءَ تي رات جو پنج ڊگريون ۽ ڏينھن جو 15 کا 20 ڊگريون سينٽي گريڊ گرمي پد واري ھن خوبصورت ھنڌ تي وڃڻ لاءِ دادوءَ کان اولھه ۾ نوي ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو. اٿارٽيءَ جي آفيسرن شايد اھو نه سوچيو ته ماڻھو سچ ۾ گورک تي ويندا ۽ کين خبر پئجي ويندي ته ڪيترو ترقياتي ڪم ٿيو آھي. يا شايد ھنن سوچيو ھوندو ته عوام کي ڀلي خبر پوي، بس مٿي حڪمرانن کي رڪارڊ جي پورائي ڪري خوش ڪرڻو آھي. ڪامورن جي دعوائن جو ڀانڊو ان وقت ڦاٽو جڏھن 8 فيبروري 2015 تي مان، مظفر چانڊيو، اشتياق انصاري، ھمسفر گاڏھي، عزيز رانجھاڻي ۽ اڪبر لاشاري گورک لاءِ روانا ٿياسين. دادوءَ کان جوھيءَ تائين پندرھن ڪلوميٽر رستو نئون ۽ چڱيرڙو ٺھيل ڏسي خوش ٿي وياسين پر جڏھن جوھيءَ جي مُھڙ وٽ واھي پانڌيءَ ڏانھن وڃڻ واري باءِ پاس جو بورڊ ڏسي ان رستي تي مڙياسين ته ڀڳل ٽُٽل رستي جي حالت ڏسي دماغ ڦري ويو.

باءِ پاس ختم ٿيڻ کانپوءِ بند ٽپي اڳتي وڌياسين ته حالت ويتر خراب ھئي جتي ڪجھه ٽُڪرن جي شڪل ۾ رستو ٺھيل ھو ۽ ڪن ھنڌن تي پٿر لٿل ھئا ۽ باقي سموري واٽ اڃا به اھو ڏيک پئي ڏئي ڄڻ ٻوڏن کانپوءِ ھن علائقي جو ڪو ڌڻي سائين به ڪونھي. گاڏين کي ڪٿان ڪچي ۾ لاھڻو ٿي پيو ته ڪنھن مھل جوکو کڻي پٿرن تان گاڏين کي چاڙھڻو ٿي پيو. ايئن سترھن ارڙھن ڪلوميٽر طئي ڪري جڏھن واھي پانڌيءَ پھتاسين ته لھندڙ سج جي لامُن ۾ ايئن لڳو ڄڻ قديم زماني جي ڪنھن وستيءَ ۾ پھتا ھجون جتي ايڪيھين صديءَ جي ترقي يافته دنيا جو ڪوبه اُھڃاڻ ڪونه ھو. جھوپڙا ٽائپ ھوٽلن ۽ دڪانن جي وچ مان گندگي ۽ غلاظت سان ڀريل سوڙھي رستي تان ٿيندي اسان ان ھنڌ پھتاسين جتي گورک تي وڃڻ لاءِ فور وِيل سوزوڪي جيپون ڀاڙي تي ملنديون آھن. واھي پانڌيءَ ۾ ان ھنڌ ھڪ وڏي نئين عمارت ڏسي پڇڻ تي خبر پئي ته اھو پوليس ٿاڻو ھو. واپاري لحاظ کان وڏي اھميت رکندڙ ھن ٽائون ۾ بس اھا ئي ھڪ وڏي عمارت ھئي.

واھي پانڌيءَ کان گورک تائين 54 ڪلوميٽر پنڌ ھو جنھن مان 34 ڪلوميٽر پنڌ ڪار ۾ ھلڻ جھڙو ھو ۽ ان کانپوءِ جبل جون اُتانھيون چاڙھيون شروع ٿين ٿيون جن تان سفر ڪرڻ لاءِ فور وِيل گاڏين جي ضرورت پوي ٿي. گورک اٿارٽيءَ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل نذير چاڪراڻيءَ 2012 ۾ ٻڌايو ھو ته 54 ڪلوميٽرن جي ان روڊ جي اڏاوت لاءِ PC-I تيار آھي. گذريل سال اٿارٽيءَ جي اشتھارن مان به سمجھيو ھيو سين ته اھو روڊ ٺھي ويو ھوندو، پر ان مھل نراسائي ٿي ۽ اٿارٽيءَ جي سکڻين دعوائن تي ڪاوڙ آئي جڏھن واھي پانڌي ڇڏي گورک واري دڳ تي ھلڻ لڳاسين. شروع جي ڪجھه ڪلوميٽر پراڻي روڊ کانپوءِ روڊ نالي ڪا شئي ڪانه ھئي. سانجھيءَ کانپوءِ اونداھيءَ ۾ انھيءَ ڀڳل رستي تان ھلندي اسان کي ڪٿي به ڪو بلب ٻرندي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. ان سُڃ مان ھلندي ڊپ ھو ته گاڏي ڪٿي ڦاسجي پوي ته ڇا ٿيندو؟ برساتي وھڪرن ۾ لُڙھي ويل رستا جيئن جو تيئن ھئا. واٽ تي ھڪ عمارت ڏسي سمجھيوسين ته اتي ڪا وسنھن ھوندي پر ڪو ماڻھو ڇيڻو نظر ڪونه آيو.

وڏي خرچ سان ٺھرايل عمارت خالي پئي ھئي. ايئن 30 ڪلوميٽر پنڌ اسان ٻن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري اھڙي ڀڙڀانگ ھڪ ٻي عمارت وٽ پھتاسين جتي ھڪ ٽريڪٽر بيٺل ھو ۽ ڪي مزدور مچ ٻاريو ويٺا ھئا. اھا عمارت به پوليس ٿاڻي لاءِ ٺھرائي وئي ھئي جتي ڪنھن پوليس واري جي موجودگيءَ بدران ڪنھن ٺيڪيدار جا مزدور اَجھو ٺاھيو ويٺا ھئا ۽ ڀر ۾ ڪجھه ڳئون ۽ گڏھه ٻڌل ھئا. اسان اڌ ڪلاڪ اُتي پنھنجي لاءِ جيپ جو انتظار ڪري ساڍي اٺين وڳي جيپ ۾ مٿي روانا ٿياسين ۽ ڏھه لڳي ڪجھه منٽن تي گورک تي پھتاسين. واٽ تي ڪروڙن جي خرچ سان وڇايل پاڻيءَ جي پائيپ لائين کي ڪيترن ئي ھنڌن تان ڀڳل ڏٺوسين. ان سموري پنڌ ۾ ڪنھن ھنڌ لڳو ته ڪڏھن اتي به ڪو رستو ٺھيو ھوندو، باقي ته مِڙوئي خير ھو. خاوَل لڪ وٽ Retaining Wall به نالي ماتر ٺھيل ھئي. واٽ تي سنڌ جي ٻيلي کاتي جا بورڊ ۽ آفيس جي نالي ۾ ھڪ جاءِ ته ڏسڻ ۾ آيا پر ڪٿي به ٻيلي کاتي پاران ڪيل ڪا وڻڪاري نظر نه آئي. ھر پاسي جھنگلي ٻوٽا پکڙيل ھئا جن ۾ پِيش جا ٻُوٽا گھڻائيءَ ۾ ھئا جيڪي جبل جي ماڻھن لاءِ روزگار جو وسيلو به آھن. جبل جا ماڻھو پِيش مان ٻُھاريون ۽ ڇٻيون ٺاھي واھي پانڌيءَ ۾ وڪرو ڪندا آھن ۽ اُتان واري واپاري ٻين شھرن ڏي موڪلين.

گورک تي پھچندي ئي پري کان روشنيون جرڪندي نظر آيون. ويجھو وڃڻ تي ھڪ وڏي جديد عمارت ۽ ٻاھران ڪيتريون ئي جيپون ۽ ٻيون فور وِيل گاڏيون بيٺل ڏٺيونسين. اھا گورک اٿارٽيءَ جي ٺھرايل ريسٽورنٽ ھئي جنھن جو افتتاح ايم اين اي رفيق جمالي ۽ سياحت واري وزير شرميلا فاروقيءَ 14 اپريل 2014 تي ڪيو ھو. ان ريسٽورنٽ کان ڪجھه پرڀرو ھڪ ٽڪريءَ تي رھائش لاءِ اَٺ ڪمرا ٺھيل ھئا. انھن کان ٿورڙو ئي پريان ھڪ احاطي اندر ٻه ڪمرا ٻيا به ھئا جيڪي مرحوم بشير انصاريءَ ٺھرايا ھئا ۽ ھاڻي انھن کي وري بھتر نموني ٺھرائي ڊبل بيڊ ۽ صوفا وجھي سجائي ڊائريڪٽر جنرل جي ريسٽ ھائوس جو نالو ڏنو ويو ھو.

اَڃا به ھڪ ٻي ٽڪريءَ تي ارباب رحيم جي وڏ وزارت ۾ ٺھرايل فائبر جا ٻه ڪمرا موجود ھئا. ريسٽورنٽ جي احاطي ۾ پھچندي وائڙا ٿي وياسين جو اُتي جينس جون پينٽون پاتل ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ٽيلارا ڏئي رھيا ھئا. اھي ڪراچيءَ جي اين اِي ڊي يونيورسٽيءَ جا ستر کن شاگرد ھئا. سندن ھمت کي داد ڏنوسين جو ايڏو پري کان جوکم وارو سفر ڪري اتي نه رُڳو پھتا ھئا پر ڪمرا خالي نه ھجڻ سبب کليل آسمان ھيٺان ٽينٽ ھڻي توڙي ريسٽورنٽ جي ھال ۾ فرش تي ھنڌ وڇائي رھيا پيا ھئا.

کين ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونه پي ٿيو ۽ ڪي ڇوڪريون ته اڪيليون يا ٽولن جي شڪل ۾ ريسٽورنٽ کان پري ٽڪرين تي گھمي رھيون ھيون. گورک جو سفر ته ايڊوينچر کان گھٽ نه ھو پر گورک ڪراچيءَ جي بدامني ۽ بي سُڪونيءَ جي ڀيٽ ۾ لکين ڀيرا وڌيڪ پُرامن ۽ پُر سڪون ھو ۽ اھائي خاصيت سياحن کي ڇڪي ھتي وٺي ايندي. ريسٽورنٽ ۾ کاڌي پيتي جي ھر شئي موجود ھئي. اسان جي رھائش جو انتظام ريسٽ ھائوس ۾ ھو. اسان کي رات جو دير تائين ريسٽورنٽ ٻاھران مچايل مچ جي روشني ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا آواز ايندا رھيا .

سومر 9 فيبروريءَ تي صبح جو تلخ تجربو اھو ٿيو ته ريسٽ ھائوس جي اٽيچڊ باٿ رومن ۾ پاڻي ڪونه ھو. اسان منرل واٽر جي بوتلن سان ھٿ منھن ڌوئي، ريسٽورنٽ تي نيرن ڪري بينظير وِيو پوائنٽ ڏانھن ھليا وياسين جتي چوٽيءَ جي ڪناري سان ريلنگ لڳل ٽائلڊ پاٿ ۽ ڪي ڇاپرا ٺھيل ھئا جتان آسپاس جي من موھيندڙ نظارن کي ڏسي سگھجي ٿو. ان ئي ھنڌ ڪي مزدور ڪم سان لڳل ھئا جن ٻڌايو ته پندرھن کن ڪمرن جي تعمير لاءِ بنياد وڌا ويا آھن. ان وِيو پوائنٽ تان ھڪ پاسي جبل جي دامن ۾ گاج نئن ۽ ٻئي پاسي ڪولاچي نئن جو نظارو ڪري سگھجي ٿو.

اسان ڪجھه دير کانپوءِ وري انھن پُر پيچ جوکائتين لاھين تان لھندا واپس پنھنجي گاڏين تائين پھتاسين ۽ ڀڳل رستن تان ڪارون ڊوڙائي پنھنجي ماڳ ڏانھن روانا ٿياسين، اھو سوچيندي ته جنھن رفتار سان ڪم ھلي رھيو آھي، چئي نٿو سگھجي ته سنڌ جي آسمان تي ايڪيھين صديءَ جو ھيءُ شھر ڪڏھن تڪميل تي پھچندو. گورک اٿارٽيءَ گورک چوٽيءَ تي ته ڪمن کي اوليت ڏني آھي پر رستن جي تعمير کي نظرانداز ڪري سياحت واري ھن خوبصورت نعمت کي ڄڻ ته دنيا کان اڃا به پري ڪري ڇڏيو آھي . (خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو