Home / اسپيشل افيئر / گيڙو رنگ، جنونيت خلاف طاقتور هٿيار!
above article banner

گيڙو رنگ، جنونيت خلاف طاقتور هٿيار!

Lateef Jamalڇا مُحبت به ڪنهن خوف جو نالو آهي؟ ڪو معصوم جذبو، خوف جي علامت ڪيئن ٿو بڻجي سگهي؟ هُو مُحبت جي ڏينهن کان خائف ڇو آهن؟ ڇا انسانن سان مُحبت ڌرتيءَ تي ساهه کڻندڙ مخلوق لاءِ امن جو آکيرو بڻجي نٿي سگهي؟ ڪراچيءَ جي هر چوڪ تي چِڙ ڏياريندڙ بينر لڳايا ويا. جن بينرن جو مقصد، مُحبت واري ڏهاڙي کي ملهائڻ کان روڪيو ويو آهي. هر چوڪ تي بينر چنبڙايا ويا. جن تي لکيل هو ته: ”Don’t celebrate valentine’s day.“ڇا هِن مُلڪ اندر نفرتن جي سڄي سال ۾ ساهه کڻندڙ انسانن لاءِ مُحبت جو هڪ ڏينهن به ممنوع بڻجي ويو آهي. ڪنهن ديوار يا چوڪ تي مارٽن لوٿر ڪنگ جا اُهي لفظ ڇو نٿا لکيا وڃن ته: I have decided to stick to Love. Hate is too great a burden to bear”“(مون اِهو فيصلو ڪيو آهي ته مان مُحبت سان جُڙيل رهان. نفرت برداشت کان وڌيڪ وڏو ٻوجهه آهي). اسانجو سماج جيڪو نفرتن جو مُستقل معبود بڻجي ويو آهي. اُن نفرت خِلاف نعرا اونداهين گِهٽين ۾ گُم ٿيندا پيا وڃن ۽ مُحبت ڪنهن مُجرم وانگر قيد ڪاٽي رهي آهي. جنهن کي هڪ ڏينهن جي پئرول تي به آزادي نصيب نٿي ٿئي ۽ نفرتن وارا نعرا هِن مُلڪ ۾ سيلابي صورتحال اختيار ڪندا وڃن ٿا. هر دور ۾ ڪو نه ڪو اورنگزيب اکيون پٽي جاڳي ٿو ۽ مُحبت کي ڪوٽن ۽ ڪڙن ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿو. ويلنٽائين واري ڏينهن جي پويان ته ڀلي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ قصا هُجن. ليڪن مُحبت ۽ نفرت جي ويڙهه ٽين صديءَ کان ڪلاڊيئس 2 شهنشاهه جي ظُلم جي نتيجي ۾ ويلينٽائين کي مليل سزا کان شروع نٿي ٿئي. اُها جنگ ازل کان آهي. نفرتن جون شيطاني شرارتون مُحبت جون ازل کان مُخالف رهيون آهن.هي مُلڪ به نفرتن جي باهه مٿان هٿ سيڪيندو رهيو آهي. جتي گانڌيءَ جي لفظن ۾ ”گُناهه کان نفرت ۽ گُناهگار سان مُحبت“ وارو نظام رائج آهي. هتي نفرتن جي سياسي باهه ۾ مُحبت ٻارڻ بڻجي ٻري رهي آهي.

44

هِن مُلڪ ۾ هڪ ئي موسم هلندي آهي، ٻي ڪا به موسم هِن مُلڪ مٿان مهربان بڻجي ناهي ايندي. اُن هڪ ئي موسم جو نالو آهي ”نفرت“ پوءِ اُها سياسي نفرت هُجي يا فرقيواريت يا ڪنهن ٻي انتهاپسنديءَ جي صورت ۾ هُجي. هِن مُلڪ جو عوام اُن نفرت جي نِشاني تي آهي. جتي مُحبت جي موسم پاپ بڻجي وئي آهي. عوام کي سيکاريو وڃي ٿو ته نفرت جي اطاعت ڪيئن ٿيندي آهي؟ پر اُن اطاعت جا بُنياد ڪمزور آهن، ڇاڪاڻ ته مُحبت اڳيان نفرت هر دور ۾ هارايو آهي. عوام لڳاتار اطاعت کان پوءِ جڏهن بغاوت ڪندو آهي ته اُن اڳيان نفرتن جون ڪمزور ديوارون ڪِري پونديون آهن. روم جي اسپارٽيڪس کان ڪاموڊس ۽ آفريڪا جي اسٽونو کان سنڌ جي شاهه عنايت شهيد ۽ شهيد مخدوم بِلاول تائين. تاريخ ڪيترن مثالن سان ڀري پئي آهي، جتي لڳاتار اطاعتن جي نتيجي ۾ بغاوت اڳيان ڪو به نظام بند ٻڌي ناهي سگهيو. اڄ جڏهن مُحبت اڳيان نفرتن جا مينار کڙا ٿيڻ لڳا آهن ۽ انسانن کي مُختلف گروهن، فِرقن ۽ عقيدن ۾ ورهائي، هڪ ٻئي خلاف نفرتن جي جنگ جي باهه دُکائي وئي آهي. تڏهن پائيدار امن خاطر مُحبت کي ڦهلائڻ لاءِ گروهن، عقيدن ۽ فِرقن جي ڦندي مان آجپو حاصل ڪرڻو پوندو. رواداريءَ جا بُنياد رکڻا پوندا. اهڙا بُنياد جن ۾ عيسائيت جي حِساسيت، اسلام جي رواداري، هِندو ازم جي امن ۽ شانتي شامل هُجن. مُحبتن جو عالمي ڏينهن اهڙي سوچ جو ڏينهن آهي. جنهن ڏينهن تي اندر جي ڪيني کي ڪڍي، گندگيءَ جي ڍير تي اُڇلائي ڦِٽو ڪرڻو پوندو ۽ ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي ويچارڻو پوندو ته مُحبت کي نفرتن جي مُحتاجيءَ مان ڪيئن ڪڍي سگهجي ٿو؟ ڪيئن هِن سماج جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ۾ شامل ٿي ويل انتهاپسنديءَ جي زهرمان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي ٿو. هن ديس جو سٻاجهو سڀاءَ جڏهن انتهاپسندن جي آڱرين تي اچي هڪ ئي جهٽڪي سان پُوري علائقي کي رت ۽ بارود ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ دوزخ جهڙي دونهين ۾ انساني عُضوا پکڙجندا نظر اچن ٿا. تڏهن اسان کي پيار جي پرچار ڪرڻي پوندي. اُهو پيار جنهن لاءِ ڀِٽائي سائينءَ جي سِٽن وانگر کامي، پچي، پُڄري، لُڇي ۽ لوچڻو پوندو. جنهن ۾ پنڌ پري هُجڻ جهڙا بهانا تلاش نه ڪرڻا پوندا.

ويلنٽائين ڊي کي اسان پنهنجي انداز ۾ به ملهائي سگهون ٿا. اُهو انداز اُن گيڙو رنگ ۾ ئي آهي. جيڪو رنگ خود مُحبت، امن ۽ پيار جو رنگ آهي. ڇا انسان سان مُحبت ۽ پيار به ڪو ئي پاپ آهي. جنهن لاءِ اسان جي شهرن جون ڀِتيون ڪاريون ڪري، چونڪن تي بينر لڳائي، اِهو سنيهو ڏنو وڃي ٿو ته اهڙي پاپ کان پرهيز ڪريو. جيڪڏهن پيار به پاپ آهي ته پوءِ مذهب جي نالي تي يزيدي عورتن جون بيحُرمتيون ڪهڙي ثواب جي دائري ۾ اچن ٿيون.؟ جيڪڏهن هِن مُلڪ ۾ امن جو مُطالبو ڏوهه آهي ته پوءِ معصوم ٻارڙن کان وٺي عورتن ۽ مردن جي ڪوس کي ڪهڙي زِمري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟

فطرت جي هر لقاءَ کي مصنوعي انداز ۾ هلائڻ وارا هٿ جبري طور پنهنجا مذهبي عقيدا مڙهڻ لاءِ نفرتن جو سهارو وٺي رهيا آهن ۽ عوام صحرا جيڏو صبر ڪري ويٺل آهي. موسيقي، رقص، مُحبت پاپ جي هيٺان پنڌ ڪندا رهن ٿا. قُدرت جي تخليق جو موت اهڙي ڀوائتي شِڪل اختيار ڪندو ڪنهن سوچيو به نه هوندو. جيڪڏهن موسيقي گُناهه آهي ته پوءِ وهندڙ ندين جي موسيقي، اُداس شام کي رنگينين ۾ تبديل ڪندڙ پکين جي آواز جي موسيقي، هوا جي ڇُهاءَ سان وڻن جي موسيقي، ٻارڙن جي ٽهڪن جي موسيقي، سمنڊ جي ڪنارن کي چُمندڙ لهرن جي موسيقيءَ جي پيرن ۾ زنجيرون ڪو وِجهي سگهندو.؟ ڇا ڪنهن کي ايتري طاقت آهي ته پنهنجي عقيدي کي جبري طور ٻين انسانن مٿان مڙهي سگهي؟ دُنيا ۾ اُهي سڀ نظريا ۽ فلسفا ناڪامين جي انڌيرين گِهٽين ۾ گُم ٿي ويا. جن جو بُنياد انسان دُشمنيءَ تي بيٺل هو.

جنهن دور ۾ سنڌ جو نئون نسل ساهه کڻي رهيو آهي. اُهو دور به ڪيترن محاذن تي ڇِڙيل جنگ جو دور آهي. جنهن جنگ ۾ سياست ڪمزور دل وانگر وينٽيليٽر تي ساهه کڻي رهي آهي ۽ انتهاپسند قُوتون مُحبت جي هڪڙي ڏينهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سڄو سال نفرتن ۾ ساهه کڻندڙ هن سماج کي مُحبت مُخالف قُوتون مُحبت جي هڪ ڏينهن جي مُهلت به ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. پر اسان کي روشن واٽ جو تعين ڪرڻو پوندو. هِن ديس جي ماڻهن کي روشنيءَ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ انتهاپسنديءَ جي اوندهه مان ڪڍڻو پوندو. هِن ديس جا ماڻهو جيڪي عرصي کان انتهاپسنديءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، مُحبت جو ڪو عقيدويا فِرقو ناهي هوندو. مُحبت ته وهندڙ نديءَ وانگر هوندي آهي. ندين جا ڪهڙا مذهب ۽ عقيدا؟! اُهي هر فرقي ۽ عقيدي جي اُڃ اُجهائينديون آهن. اُنهن جي دل ڪنهن دولاب جو شِڪار ناهي ٿيندي. تنهن ڪري بدترين حالتن ۾ مايوس ٿي موٽڻ، هار جي برابر هوندو آهي. جيڪڏهن سنڌي سماج جو هر فرد فقط هڪ عزم کڻي اڳتي وڌي ته، هر انسان مُحبت جي لائق آهي، هر عقيدي جو احترام لازمي آهي. تڏهن به نفرتن جي پکڙيل باهه کي مُحبت جي پاڻيءَ سان وسائي سگهڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳندو. ڇاڪاڻ ته مذهبي عقيدا ۽ نظريا انسانن کان اُتم ناهن هوندا.

مُحبت امن جو گيت آهي. جنهن گيت کي قيمتن جي تارازين ۾ توري نٿو سگهجي. اسان جيڪي عرصي کان رُڳو نفرتون ڪرڻ سِکيا آهيون۽ جن اونداهين جا سفر ڪيا آهن، روشنين کان محروم رهيا آهيون. سي مُحبت جي طاقت سمجهي سگهڻ جي صلاحيت کان محروم بڻجي ويا آهيون. سينٽ ويلنٽائين ڊي سڄي دُنيا ۾ ملهايو ويو. جنهن کي دُنيا مُحبت جو عالمي ڏينهن طور ملهايو. ليڪن شاهه جا سمورا سُر مُحبت جو درس ڏين ٿا ۽ تنبوري جي تنوار سان تلوارن جي مُقابلي جو درس ڏين ٿا. مُحبت جي رستي تي هلڻ لاءِ اهو واعدو ڪريون ته اسان پنهنجي نيتن ۽ دلين کي نفرتن واري رِوش جو هر هنڌ خاتمو آڻينداسين. اوهان ڏسندوءَ ۽ محسوس ڪندو ته شاهه سائين پنهنجي فِڪري واٽ سان اونداهن رستن تي اسانجو آخري سهارو ثابت ٿيندو. جهڙي ريت ”شيراز“ ۾ حافظ شيرازيءَ جو فِڪر ايران جي نئين نسل لاءِ وڏو اُتساهه بڻجي رهيو آهي. سنڌ ۾ به مُحبت جي ڦهلاءَ ۽ پرچار لاءِ نئين نسل جي دلين ۾ شاهه سائينءَ جي سُرن کي لاهڻ سان ئي نفرتون ڦهلائيندڙ قُوتون شِڪست کائي سگهن ٿيون.

شاهه سائينءَ جي لفظن ۾ ته نفرتن جا نيئر، نينهن کي اُجاري اڇو ڪندا آهن. ڏُکين حالتن ۽ ڏونگر جي گهڙين کان پوءِ ئي منزل مِلندي آهي. اِن وچن کي ورجائڻ لاءِ، دلين ۽ دماغن ۾ عرصن کان نفرتن جا ويٺل نانگ ماري مُحبت جي منزل ڏانهن وڌڻو آهي. اُها مُحبت ئي آهي جنهن کان انتهاپسند قُوتون خوفزدهه بڻيل آهن.

latifjamal@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو