Home / اسپيشل افيئر / 100 اسمگلرن جي ڪرائيم گزيٽ لکندڙ ماما يارو عرف بي بي سي لنڊن !
above article banner

100 اسمگلرن جي ڪرائيم گزيٽ لکندڙ ماما يارو عرف بي بي سي لنڊن !

الياس ٿري

امراڻي کان آڌيگام تائين ٿرن، برن توڙي ناري پٽ ۾ عام لوڪ ۽ عمرڪوٽ واسي يار محمد منڱريو کي ماما يارو عرف بي بي سي لنڊن طور سڃاڻين ٿا پنهنجي جوڀن واري دور کان وٺي 70 سالن جي ڄمار کي پهچندڙ ماما يارو در اصل پوليس کاتي ۾ گهڻو عرصو ريڊر رهندي رٽائرڊ ٿيو ۽ ريِڊر واري پوسٽ جو مطلب ته ”پنئون ٻارنهن“ همراهه جون ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ پر يارو لکاسڻي تي ئي رٽائرڊ ٿي ويو ان دوران سي ايس پي آفيسرن کان وٺي يو ٽي سي ( انڊر ٽريننگ ڪمانڊ) توڙي پروموٽي رينڪر آفيسرن جا دڙڪا ۽ ڇڙٻون سهندي هن پنهنجي ڀاءُ جمعدار خير محمد مڱريو جي لاش کي به ڪلهو ڏئي گهر آندو جيڪو ڌاڙيلن جو پيڇو ڪندي مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو هو

مڱرين جي ڏهيسر پاڙي سان تعلق رکندڙ يار محمد مڱريو 1985ع دوران ان وقت جي وڏي وزير غوث علي شاهه پاران قائم ڪيل ايس آر پي پوليس ۾ ڊائريڪٽ جمعدار طور سليڪٽ ٿيو ۽ سندس پهرين پوسٽنگ 86،85 ڌاري ڪمانڊنٽ حبيب الله نيازي ايس آر پي ۾ ٿي ( حبيب الله نيازي سنڌ جي مشهور ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي ڪيس جو مُک ڪردار رهيو آهي ). سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ ڌاڙيل فيڪٽري طور مشهور رهندڙ ضلعي نو شهرو فيروز ۾ پڻ ماما يارو ٻه سال گذاريا.

ماما يارو عرف بي بي سي لنڊن “افيئر” سان ساروڻيون شيئر ڪندي ٻڌايو. هن ٻڌايو ته ان 80 ۽ 90 جي وچ واري زماني ۾ ڌاڙيلن سڌوجا ( نوان جتوئي) پوسٽ تي حملو ڪيو ۽ هڪ پوليس جمعدار سميت ست سپاهي مارجي ويا، سنڌ جي ڪچي، ناري ۽ وچولي ڪلچر ۾ پوليس وردي پهري ڏوهن جي دنيا کي هن ”ليفٽ رائيٽ“ ٿيندي ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو آهي.

50

حيدرآباد جي ڦول عرف کدڙا گلي ويجهو موجود بازار حسن جون به سندس وٽ ڪئي يادون محفوظ آهن، بر صغير جي عظيم گلوڪارا لتا منگيشڪر پاران گايل گيت آنک ڀڙڪي هي سري شام سي جلتا هي بدن. کي جهونگاريندي ماما يارو ٻڌايو ته ها ڳاڙهي بازار تي به ڇاپا هڻندا هئاسين ڪڏهن چڱا ڀلا سفيد پوش ته ڪڏهن وري پوليس کاتي جا جمعدار ۽ ننڍا وڏا منشي پڪڙجي پوندا هئا پر سفيد پوشن کي خانداني پسمنظر ۽ پوليس وارن کي اسٽاف جو سمجهي ڇڏڻو پوندو هيو .

02 آڪٽوبر 1988ع واري پڪي قلعي آپريشن جون يادون ٻڌائيندي ماما يارو عرف بي بي سي لنڊن ٻڌايو ته ڌاڙيل دادن چانڊيو، گل حسن پرهيار، ۽ مصطفي ڪورائي ويسٽ جمڙائو تي هڪ جمعدار ۽ چئن سپاهين کي قتل ڪرڻ بعد ميرپوخاص طرف اچي رهيا هئا، مهاجر ڪالوني روڊ تان ڪار ۾ ايندڙن پوليس پيڇي سبب ڪار کي جمڙائو ڪئنال ۾ اڇلي پاڻ ڪمند ۾ لهي ويا. ان دوران ڌاڙيلن جي گولين لڳڻ سبب ڦلو خاصخيلي سپاهي مارجي ويو ۽ منهنجو ڀاءِ جمعدار خير محمد منڱريو به شهيد ٿيو. گذريل دور ۾ ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي ڪرمنل ڪيسن کي خارج ڪيو ويو ته منهنجي شهيد ڀاءَ جو ڪيس به راشي ڪامورن لوڙهي ڇڏيو .

جان باز بينظير ڀٽو صاحبه جي اسڪواڊ ۾ بهتر ڪارڪردگي تي انعام ماڻيندڙ ماما يارو ٻڌايو ته پوليس کاتي ۾ هيل تائين سوين ايوارڊ مليا آهن پر هو چوي ٿو ته رڳو ويري گوڊ سان پاپي پيٽ جي بک ته نٿي ختم ٿئي.

مامي يارو عرف بي بي سي ٻڌايو ته هن پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي هڪ سئو سون، چاندي، ڪيميڪل ۽ ڪپڙي جي اسمگلرن جي لسٽ ترتيب ڏني هئي. هونئن ته پوليس وارو پنهنجي ٽريننگ کان وٺي رٽائر ٿيڻ تائين زندگي ليفٽ رائيٽ ڪندي گذاريندو آهي پر ريڊرن تي وري وڏا صاحب ڀوتار ۽ چونڊيل نمائندا ڪجهه وڌيڪ مهربان رهندا آهن. تنهنڪري جڏهن به منهنجي بدلي ٿيندي هئي ته پويان ايندڙ نئون ريڊر پنهنجي برادري سان تعلق رکندڙ توڙي واسطيدار اسمگلر وارو پنو ڦاڙي ڇڏيندو هو اهڙي دو نمبري تي تنگ اچي مون گزيٽ لکڻ ئي ڇڏي ڏني. ضيا جي دور ۾ جتي سنڌ ۾ هيروئن ۽ هٿيار جي وڪري ۾ تيزي آئي اتي ٿر جي بارڊر واري علائقي ۾ اسمگلرن جا پڻ ٺٺ هوندا هئا اتي ڄڻ پنهنجي پنهنجي علائقي کي رياست سمجهي وڏي داٻ ۽ دڙڪي سان اوتارا هلائيندا هئا. وارياسين ڀٽن ۾ پوٽوهار ۽ لانگ جيپن تي ته اسمگلرن جا نالا رکيل هوندا هئا اهي اسمگلر اڄ ڪلهه سياستدان، سفيد پوش آباد گار ۽ پٽيل بڻجي ويا آهن پر سندن ماضي ڪاري ناڻي جهڙي ڪڌي عمل سان ڀريو پيو آهي.

شيخ اياز جي مشهور نظم ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو واري شهر سان تعلق رکندڙ ماما يارو عرف بي بي سي لنڊن ٻڌايو ته 17 ڊسمبر 1971ع تي پاڪ ڀارت جنگ جو ٻنهي ملڪن ۾ سيز فائر ٿيو ته سوڍي لڇمڻ سنگهه اسان کي چيو ته اوهان نڪري وڃو ڇاڪاڻ جو اوهان منهنجي رعيت رهيا آهن ۽ اسان اچي عمرڪوٽ ۾ آباد ٿياسين پر 70 ع دوران پورو سال مون ميرپورخاص ۾ گذاريو.

پنهنجي جوڀن وارين يادن کي سهيڙيندي هن ٻڌايو ته ميرپورخاص ۾ تصوير مهل، پاشا ۽ قائم ٽاڪيز سينيمائن جو عروج هيون 70 واري ان دور ۾ ميرپور ۾ 300 ٽانگا هلندا هيا. سلطان راهي ۽ رنگيلي جون فلمون وڻنديون هيون سلطان راهي جون فلمون ان ڪري وڻنديون هيون جو پوليس وارو ٿيڻ جو شوق هيو ۽ رنگيلو کلائيندو هيو وحيد مراد ۽ شبنم به وڻندا هئا. سينيمائن ۾ گيلري جي ٽڪيٽ اڍائي روپين ۾ ملندي هئي. جوڙ جوانادي، دوستي ، پڳ تيري هٿ ميرا، ۽ پگڙي سنڀال جٽا، فلمون مونکي اڄ به ياد آهن ۽ رنگيلي هڪ فلم ۾ شعر چيو هو ته “چل چلئي دنيا دي اس نڪري. جت بندا نه بندي دي ذات هوئي.” ريڊيو ۽ زميندار هوٽلون مشهور هيون. ميرن جو اڏايل اهو شهر به پوپرين ۽ اپسرائن جي جهرمٽ ۾ وسندو هو جتي اڄ ڪلهه گهٽي گهٽي ۾ هيروئن جا موالي پيا گهمن ۽ هاڻ ته لڳ ڀڳ عمرڪوٽ به منشيات مافيا جي ور چڙهيل آهي. 1971ع تائين به امراڻي جو عروج هيو ماڻهو سک ۽ شانتي ۾ وسندا هيا پر هاڻ هي خطو به انسانن لاءِ مقتل گاهه بڻجندو ٿو وڃي.

below article banner
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو