Home / پروفائيل / ارشاد گلاباڻي- ايندو نه وري هي وڻجارو!
above article banner

ارشاد گلاباڻي- ايندو نه وري هي وڻجارو!

همسفر گاڏهي

 ڀانيان ٿو ته اِهو 2010 جو سال هو جو ڪراچي پريس ڪلب جي “ڪارڊ روم” ۾ هڪ ميرانجهڙي شام جو ارشاد گلاباڻي سان منهنجي آخري ملاقات ٿي هئي، جتي هو مرتضيٰ سولنگي سان گڏ آيل هو. مرتضيٰ تڏهن ريڊيو پاڪستان سان واڳيل هو ۽ حسب دستور هو مونکي هُجت وچان “هيلو مسٽر فيلو ٽريولر” ٿي مخاطب ٿيو. ڪافي دير تائين مزيدار ڪچهري ٿي، ارشاد تن ڏينهن ۾ “ڪاوش” سان گڏ ريڊيو پاڪستان لاءِ به فري لانس صحافي طور ڪم ڪندو هو. پر پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن خبر پئي ته هو سخت بيمار آهي، آءُ ذاتي طور بيمار دوستن جي مزاج پرسي کان گهٽ گسندو آهيان پر پياري ارشاد جي مزاج پرسي لاءِ نه وڃي سگهيس، اهو ارمان رهجي ويو.

جيتوڻيڪ ارشاد گلاباڻي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ڪراچي ۾ ٿي جڏهن هو هتي ڪاوش جي بيورو آفيس ۾ ڪم ڪندو هو، ساڻس گهاٽي سنگت نه هجڻ باوجود هو نهايت قربائتو ۽ مان مريادا وارو ماڻهو هو، جتي به مليو وڏي پاٻوهه ۽ قرب سان ملندو هو. ساڻس کوڙ ڪچهريون رهيون، جن ۾ سنڌ جا سياسي ۽ سماجي مسئلا گفتگو هيٺ ايندا هئا. هڪ رپورٽر جي حيثيت ۾ سندس سنڌ جي مسئلن تي نهايت گهري اک هوندي هئي.

 Hamsafar 00هڪڙو ارشاد گلاباڻي اهو هو، جنهن کي ڪراچي جي صحافت سان واڳيل دوستن هڪ برجستي صحافي طور ڏٺو پر هڪڙو ارشاد گلاباڻي اهو به هو جنهن سرگرم سياست ڪئي، جنهن کي وري سياسي کيتر جا سڀ سرگرم دوست سڃاڻين ۽ پوءِ جڏهن هن پنهنجو سياست ۾ ڪارج نه سمجهيو ته صحافت ڀيڙو اچي ٿيو، “ارشاد گلاباڻي 80 جي ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي سياسي ٻيڙيءَ تي سوار ٿيو، پر جڏهن اها ٻيڙي اڳتي هلي زماني جي لاهن چاڙهن سبب پرزا پرزا ٿي ته پوءِ هو صحافت جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي ويو” ايل ايم سي مان ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ پنهنجون ساروڻيون ساري ٿو.

ارشاد جو تعلق سانگهڙ ضلعي جي ننڍڙي شهر کڏڙي سان هو، هن شروعاتي تعليم شهدادپور جي اسڪول مان حاصل ڪئي، پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ هن زندگيءَ ۾ ايئن ئي مختلف تجربا ڪيا جيئن اڪثر ماڻهو ڪندا آهن. هو سانگهڙ ۾ نظاماڻين جي ڦٽين جي ڪارخاني تي ملازم به رهيو، اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ شروع ٿيل “روشني اسڪول” رٿا هيٺ مير حسن مري ۾ استاد به رهيو. ڄامشوري ۾ ناڪي تي به نوڪري ڪيائين-پر هو جتي به رهيو، مان مريادا سان رهيو، نيچ ٿي رهڻ کيس قطعي نه وڻندو هو. اهائي خاصيت کيس پنهنجي ٻين همعصرن ۽ هم عمر دوستن کان مٿاهون ڪري بيهاريندي هئي.

جڏهن سياست جي لحاظ کان پنا اٿلائبا ته ارشاد گلاباڻي جي سرگرم سياسي دور جي شروعات جيئي سنڌ آرگنائيزنگ ڪميٽي کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان دور ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ عطا محمد نظاماڻي ۽ ٻيا دوست سرگرم هئا. هو حيدر شاهه وارن سان جيئي سنڌ کڙتالي گروپ ۾ به شامل رهيو، پر جڏهن ڏٺائين ته سندن مقصد سنڌ لاءِ سياست ڪرڻ کان وڌيڪ سياست کي وکر طور کپائڻ آهي، تڏهن اتان هٿ ڪڍي اچي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (DSF) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، جنهن جو تڏهن صدر امداد چانڊيو هو (جيڪو اڄڪلهه شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ استاد آهي). هن حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ڀرپور زندگي گذاري. “ارشاد راتين جو رولاڪ هو، سڄي سڄي رات حيدرآباد جي روڊن تي پيو رلندو هو، راتيون جاڳڻ، سنگت سان ڪچهريون ڪرڻ ۽ پياڪي سندس محبوب مشغلا هئا” ارشاد جو گهاٽو سنگتي علي بخش مئو ٻڌائي ٿو. “DSF ۾ سياست ڪرڻ دوران سندس هڪ اردو ڳالهائيندڙ ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو، مڱڻي به ٿي پر پوءِ ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي. گهڻو پوءِ هن پنهنجي هڪ عزيز ڇوڪريءَ سان قاسم آباد ۾ پرڻو ڪيو، شاديءَ رات گهوٽ هجڻ باوجود هو ڇني ۾ راڳ دوران سڄي رات نچيو هو” علي بخش مونکي وڌيڪ وضاحت سان ٻڌائي ٿو.

ارشاد کي صحافت ۾ آڻڻ جو سهرو محمد خان سولنگي جي سر تي آهي، بعد ۾ کيس دوست سنڌ اخبار وٺي ويا پر هو ڦري گهري وري ساڳي گروپ ۾ موٽي آيو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. هو جڏهن جيئي سنڌ ۾ هوندو هو ته لڳ ڀڳ جيئي سنڌ جي سمورن پروگرامن ۾ شريڪ هوندو هو، ايئن DSF واري زماني ۾ ساڻن ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪيائين. پر پوءِ جڏهن اتي به ڦيٽهاڙو پيو ته پوءِ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ۽ امداد چانڊئي سان گڏجي قومي انقلابي پارٽي ٺاهڻ ۾ سرگرم ڪردار نڀائين پر اتي به معاملو جڏهن اختلافن جي ور چڙهيو ته گلاباڻي جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ وانگر سياست کي خيرآباد چئي مڪمل طور صحافت جي شعبي ۾ اچي ويو.

ڪراچي ۾ رهندي ڪيترين ئي تقريبن ۾ گلاباڻي کي نچندي ڏٺو، کيس ڪمال جي ڊانس ايندي هئي، سڀ دوست سندس ڊانس تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا هئاسين. هو سئنيمائن ۾ فلمن ڏسڻ جو به ڏاڍو شوقين هو، سندس انهي شوق جي تصديق ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ هيئن ڪري ٿو: “89-88ع ۾ ارشاد اسان وٽ LMC ۾ ڄامشوري ڦاٽڪ تان وي سي آر کڻي آيو، تڏهن عامر خان ۽ جوهي چاوله جي نئين فلم “قیامت سے قیامت تک” آئي هئي، اها اسان گڏجي ڏٺيسين، ايئن هو هر آيل نئين فلم شوق سان ڏسندو هو.”

ڀلي ڀلئون جو ڇيهه ڪونهي پر ارشاد نهايت محنتي ماڻهو هو، جڏهن سياست ۽ ٻيا ڌنڌا خفا ڇڏي صحافت ڪيائين ته ان خفي کي جِن ٿي لڳو. شايد اسان مان گهڻن دوستن کي خبر نه هجي ته ارشاد کي صحافت ۾ مڃتا ڏياريندڙ واقعو ٽنڊو بهاول ڪيس هو، جنهن جي هن نهايت تحقيقي انداز ۾ رپورٽنگ ڪئي هئي. اهوئي واقعو هو، جنهن کيس صحافت جي دنيا ۾ سڃاڻپ ڏني ۽ ارشاد، ارشاد گلاباڻي بڻيو.

ارشاد کي ساريندي مونکي سندس اها ادا به نٿي وسري ته هو سونهن جو صفا پوڄاري هو، جنهن جي خبر مختلف محفلن ۾ سندس انداز مان پڻ پوندي هئي. ان جي تصديق سندس ويجهو سنگتي علي بخش مئو هيئن ٿو ڪري “پيارو ارشاد سونهن جو صفا عاشق هو، کيس سهڻا ماڻهو وڻندا هئا، اهڙن ئي سهڻن ماڻهن مان معصوم سانگهڙائي مرحوم سندس گهاٽو يار هو”.

اسان مان گهڻن کي خبر نه هوندي ته رپورٽنگ دوران حيدرآباد جي راڻي باغ ويجهو مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو، پر باوجود ان جي زندگي سندس ساٿ نه ڇڏيو، پر بيماري کيس نهوڙي وڌو ۽ هو ان کي مات ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. ڪنهن شاعر ڪيڏو نه سچ چيو آهي

“ھزاروں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پہ دم نکلے”

وانگر پياري ارشاد گلاباڻي جون به ڪجهه خواهشون هيون، جيڪي اڌوريون رهجي ويون. “مون کي نياڻيءَ جو ڏاڍو شوق آهي، پٽ ته آهن، پر نياڻي ڄمي ته ان جو بينظير نالو رکندس-ٻچن جو اجهو به ناهي، سوچيان ٿو ته موت ايتري مهلت ڏئي جو ٻچڙن کي گهر ٺاهي ڏئي سگهان” ارشاد گلاباڻي جو هڪ ٻيو نهايت گهرو سنگتي ۽ ساڻس بيماريءَ دوران گڏ گهاريندڙ ارشاد کوکر ٻڌائي ٿو. ارشادکوکر چواڻي سندس اها به وڏي خواهش هئي ته هو ننڍڙي ۽ سڀ کان دادلي پٽ ثقلان کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي سگهي پر مار پوي موت کي جنهن کيس اها به مهلت نه ڏني. جيتوڻيڪ سندس هم ڪلاسي رهندڙ لالا رحمان، رشيد راڄڙ، گهنور لغاري ۽ محب علي ڪاڪڙي سميت کوڙ سارا دوست، يار اڄ به کيس دل جي حضور ۾ ياد ڪن ٿا، پر هي وڻجارو 7 جولاءِ 2011 تي اهڙي سفر تي رمتو ٿي ويو، جتان اڄ تائين ڪو به واپس ناهي وريو.

شيخ اياز جي لفظن ۾:

“هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو

ايندو نه وري هي وڻجارو

ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪريو

هي شور اجايو آ پيارا.

ڇا چئجي جون ۽ جولاءِ جهڙن ظالم مهينن جو جن اسان کان طارق عالم، حسن درس ۽ ارشاد گلاباڻي جهڙا دلبر دوست کسيا، جيڪي اسان کان وڇڙيا ضرور آهن، پر وسريا ناهن، نه وري ڪڏهن وسري سگهندا.

hamsafargadehi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو