Home / ڪتاب / انسانذات جو مستقبل ۽ تبديليءَ جا ڇهه محرڪ!
above article banner

انسانذات جو مستقبل ۽ تبديليءَ جا ڇهه محرڪ!

ناصر علي پنهور

 انسانذات جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو زمانن کان اٿاريو ويو آهي. ان سوال جي جواب جي ڳولا اڄ به جاري آهي. مستقبل کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه عرصي کان باقاعده تحقيق شروع ڪئي وئي آهي. پر مستقبل جي حوالي سان اڃا تائين واضح جواب نه ملي سگهيا آهن. اڳوڻي آمريڪي نائب صدر الگور تازو هن موضوع تي مختلف نظر سان تجزيو ڪيو آهي. هن انهن شين جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي سندس نظر ۾ تبديلي جا اهم محرڪ آهن جيڪي مستقبل لاءِ انتهائي اهم آهن.

الگور پنهنجي ڪتاب “دي فيوچر: 6 ڊرائيورز آف چينج” ۾ انهن ڇهن ڪارڻن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي دنيا ۾ تبديلي جو سبب آهن. 1- معاشي عالمگيريت جهن سان معاشي هم آهنگي ٿي رهي آهي. 2- ڊجيٽل انقلاب جنهن سان معلومات ۾ هم آهنگي پيدا ٿي آهي. 3- موسمي تبديلي. 4- قدرتي وسيلن جو تيزي سان خاتمو. 5- عالمي طاقت جي توازن ۾ تبديلي ۽ 6- سائنس ۾ اڳڀرائي.

الگور پنهنجي ڪتاب ۾ موقعن سان گڏ خطرن جي به نشاندهي ڪئي آهي جيڪي عالمي تبديلي سان لاڳاپيل آهن. پنهنجي تجزئي جي روشني ۾ هن سفارشون به تجويز ڪيون آهن. هن خاص ڪري موقعن کي اجاگر ڪيو آهي. الگور جو چوڻ آهي ته اسين اهڙي دور ۾ رهون پيا جيڪو هائيپر- تبديلي جو دور آهي ۽ اها مهرباني آهي ٽيڪنالاجيءَ جي، جنهن کي مارڪيٽ جون قوتون ڀرپور طريقي سان استعمال ڪري رهيون آهن. ساڳئي وقت حڪمراني ۽ نظرداري جا ادارا تيزيءَ سان لا تعلق ۽ ڪمزور ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ادارا 19 ۽ 20 صديءَ جي پيداوار آهن ۽ اهو دور ڪنهن حد تائين ترقي جي حوالي سان ايترو تيز نه هو. الگور جو دليل اهو آهي ته برف واري دور کي اهڙي دنيا سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي جيڪو هر لحاظ کان تبديل ٿيو آهي ۽ بنيادي تبديلي جي مرحلي مان گذري رهيو آهي.

march A 15-2015  52

هي ڪتاب اڄ جي سياسي ۽ معاشي دور بابت حقيقت تي ٻڌل تنقيد ڪري ٿو. اڄ جي معاشي سرمائيداري نظام جو محور ڊگهي مدي جي پائيدار ترقيءَ بدران عارضي مقصد حاصل ڪرڻ آهي. الگور جمهوريت جي المئي جي نشاندهي ڪندي چئي ٿو ته سياسي اڳواڻ ڪارپوريٽ شعبي جي هٿن ۾ کيڏن ٿا. جڏهن ته هو ان ڍانچي تي به اعتراض واري ٿو جنهن تحت حڪومتون ۽ بين الاقوامي مالياتي ادارا مختلف ملڪن جي ترقيءَ کي ماپين ٿا.

هو ترقيءَ کي ماپڻ لاءِ “جي ڊي پي” واري طريقي تي به تنقيد ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته اهو طريقو اسانجي معاشري ۾ وڌندڙ معاشي فرقن کي لڪائي ٿو. موسمي تبديلين ۽ آباديءَ ۾ خطرناڪ واڌ تي به هن تفصيلي طرح لکيو آهي. بنيادي طور ڪتاب آمريڪي پڙهندڙن لاءِ لکيو ويو آهي. هو ان ڳالهه ۾ پڪو يقين رکي ٿو ته “آمريڪي جمهوريت هيڪ ٿي وئي آهي” ۽ ڪانگريس ڪارپوريٽ لابيز ۽ لاڳاپيل ڌرين جي اجازت کانسواءِ ڪا به قانونسازي نه ٿي ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته اهي لابيز اليڪشن مهم جو خرچ ڪنديون آهن.

الگور جو چوڻ آهي ته آمريڪي سياسي نظام وڏي پئماني تي “Big Money” جي اثر هيٺ آهي. بهرحال پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ اڃا به حڪمرانيءَ جو موروثي سلسلو جاري آهي ۽ قومي پاليسين تي ڪارپوريٽ ڪنٽرول شروع ٿي چڪو آهي. سڀني سرڪاري ادارن ۾ ضروري آهي ته اهڙا ماهر هجن جيڪي مستقبل جي للڪارن کي منهن ڏئي سگهن ۽ موثر پاليسيون جوڙي سگهن. هڪ اهڙي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي جنهن سان طرز حڪمراني سائنسي بنيادن تي ٻڌل هجي.

هن ڪتاب ۾ انهن مسئلن بابت حقيقتن تي تجزيو ڪيو ويو آهي جيڪي مسئلا انهن حالتن جو نتيجو آهن جن تحت هن دنيا کي هلايو پيو وڃي. ڪتاب ۾ انهن مسئلن جا ڪي انقلابي حل نه ڏنا ويا آهن ۽ نه وري موجوده نظام کي مڪمل ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي پر مخصوص مسئلي جي لاءِ خاص تجويزون شامل آهن. هي ڪتاب سنجيده تحقيق جو نتيجو آهي،

جنهن ۾ دنيا جا حقيقي مثال ڏنا ويا آهن. 592 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 145 صفحا فوٽ نوٽ تي مشتمل آهن. ڪتاب دنيا کي درپيش مختلف مسئلن جو اهم تجزيو پيش ڪري ٿو ۽ اهي مسئلا ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندا ۽ انهن کي ڪير به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي.

الگور جي هن تحقيق مان دنيا جي سياستدانن کي اتساهه وٺڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن الگور آمريڪا جو صدر ٿئي ها ته دنيا جي صورتحال مختلف هجي ها پر ڇا پوءِ هو اهڙو ڪتاب به لکي سگهي ها؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو