Home / اسپيشل افيئر / انساني دور ڪڏهن شروع ٿيو؟
above article banner

انساني دور ڪڏهن شروع ٿيو؟

سائنسدانن هڪ نئين ارضياتي دور جو تعين ڪيو آهي. تحقيق موجب اهو 1610۾ شروع ٿيو. انهي دور کي انساني دور يا اينٿروپوسين جو نالو ڏنو ويو آهي.

سائنسدانن خيال ظاهر ڪيو آهي ته آمريڪا کنڊ ۾ يورپي رهواسين جي اچڻ سان سموري سياري تي بي مثال اثر ٿيو، جنهن سان هڪ نئين ارضياتي دور جي شروعات ٿي. اها تحقيق سائنسي ميگزين “نيچر” ۾ شايع ٿي آهي.

ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اهو دور اصل ۾ يورپ ۾ 18 هين صدي ۾ ايندڙ صنعتي انقلاب کان شروع ٿيو هو. ارضيات جا ماهر ڌرتيءَ جي تاريخ کي مختلف دورن ۾ ورهائن ٿا، جن جي دوران سياري تي مختلف تبديليون ٿيون. انهن تبديلين ۾ مختلف کنڊن جي چرپر ۽ موسم ۾ وڏي تبديلي شامل آهن. اسان هاڻي به “هيلوسين” نالي دور ۾ جي رهيا آهيون جيڪو 1500 سال اڳ برفاني دور جي خاتمي کانپوءِ شروع ٿيو هو.

march A 15-2015  54

ليڪن هاڻي سائنسدان چون ٿا ته انسانن به زمين کي ڊرامائي طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ارضيات جا ماهر ڌرتيءَ جي گولي تي انسانن جي واضح اثرن جي نشاندهي جي ڪنهن واضح نشاني جي ڳولا ۾ آهن، جنهن کي سونهري اشارو چيو وڃي ٿو. ان جا اثر جبلن، برف ۽ گاهه وغيره ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا.

تحقيق جي شريڪ ليکڪ ۽ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي پروفيسر مارڪ ميسلن چوي ٿو ته: اسان اهڙن اشارن جي ڳولا ڪريون ٿا جيڪي ان وقت ظاهر ٿين ٿا جڏهن توهان ٻڌائي سگهو ته ان دوران سموري ڌرتي تبديل ٿي.

جيڪڏهن توهان سمورن ارضياتي دورن کي ڏسندا ته اسان انهن مختلف دورن جون سرحدون به انهن ئي اصولن تي ترتيب ڏنيون آهن.هن تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته انساني دور جي شروعات تي 1160ع ۾ اهڙوئي هڪ سونهري اشارو ظاهر ٿيو هو. سائنسدان چون ٿا ته آمريڪا کنڊ ۾ يورپ واسين جي آمد عالمي تبديلي جو ذريعو ثابت ٿي.

تحقيق جو هڪ ٻيو ليکڪ ڊاڪٽر سائمن ليوس چوي ٿو ته ان کانپوءِ عالمي وڻج واپار شروع ٿي ويو جنهن ڪري جانورن ۽ ٻوٽن جا نسل سڄي دنيا ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا.

وچ آمريڪا کان ڪڻڪ آڻي جيڪا يورپ، آفريقا ۽ چين ۾ پوکجڻ لڳي. ڏکڻ آمريڪا جا پٽاٽا برطانيا، يورپ ۽ چين ۾ پئدا ٿيڻ لڳا. اهي جنسون ٻين پاسن ڏانهن به ويون. ڪڻڪ اتر آمريڪا ۽ ڪمند ڏکڻ آمريڪا پهچي ويو. دنيا ۾ جنسون گڏ وچڙ ٿي ويون.

اسان ڏٺو ته جانورن جي نسل مختلف کنڊن ڏانهن وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڪم هن کان اڳ به ٿيو هو. ان سان ڌرتيءَ جي هڪ نئين رخ ۾ ارتقا شروع ٿي وئي.

سائنسدانن جي ٽيم هڪ ٻيو اشارو ڳولي ورتو، ۽ اهو هو بيمارين جي شڪل ۾ جيڪي يورپ کان آمريڪا ويون. ڊاڪٽر ليويس پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪا کنڊ ۾ لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا، جن جي گهڻائي هاري هئي.

سندن مرڻ کانپوءِ اهي ٻنيون ٻيهر جهنگ بڻجي ويون. خشڪ جهنگ يا گاهه جا ميدان. ڪنهن وڻ جو اڌ سڪل وزن ڪاربان تي ٻڌل هوندو آهي. ان ڪري انهن سمورن وڻن فضائي گولي تان ايتري ڪاربان هٽائي ڇڏي جو ان سان عالمي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار ۾ واضح گهٽتائي آئي ۽ اها شيءَ برف جي تهن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

انهن جو چوڻ هو ته اها ڳالهه اسان کي انساني دور جي بلڪل صحيح شروعات جو ڏس ڏئي ٿي، يعني 1610- اها ان دور جي برفاني تهن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو انتهائي گهٽ مقدار آهي.

انهي تحقيق تي تبصرو ڪندي يونيورسٽي آف سيٽر جي ڊاڪٽر جان زالاسائيوچ جو چوڻ هو ته انهن تحقيق ۾ ڪافي دلچسپ خيال پيش ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته “ان سان انساني دور بابت ٿيندڙ بحث ۾ واڌارو ٿئي ٿو. 1610- جي تجويز تاريخي اعتبار کان هڪ اهم واقعي ڏانهن اشارو ڪري ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو