Home / اسپيشل افيئر / بجلي بحران: حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪرائي سگهي ٿو!
above article banner

بجلي بحران: حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪرائي سگهي ٿو!

زوفين ٽي ابراهيم

وزير اعظم نواز شريف لاءِ هلندڙ سال جي شروعات ڪا چڱي ڪانهي، ڇو ته بجلي بحران جو جِن هيلوڪي سال به قابو ۾ اچڻ بدران بي قابو ٿيندو پيو وڃي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جنهن 2013ع جي چونڊن ۾ فيصلائتي اڪثريت حاصل ڪئي هئي، ان اهو واعدو ڪيو هو ته اها 2017 تائين ملڪ مان بجلي بحران جو خاتمو آڻي ڇڏيندي. ليڪن وڌندڙ بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي هاڻي حڪومت جا بنياد لوڏي سگهي ٿي.

پاڪستان ۾ بجلي جو بحران ايترو گهڻو آهي جو ڪيترن ئي علائقن ۾ 20 ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ ٿئي ٿي. بجلي جي پئداواري صلاحيت 22،797 ميگا واٽ آهي، ليڪن پئداوار فقط 12 هزار ميگا واٽ تائين محدود آهي. ويجهڙ جي ڪجهه سالن ۾ بجلي جي گهرج 19 هزار ميگا واٽ کي وڃي پهتي آهي.

ووڊرو ولسن سينٽر ۾ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا لاءِ سينيئر پروگرام ايسوسيئيٽ مائيڪل ڪوگلمين جو چوڻ آهي ته توانائي جو بحران حڪومت جو تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته هڪ سگهاري فوج جي موجودگي ۾ شريف حڪومت لاءِ پاليسي سازي جا موقعا گهٽجي رهيا آهن.

march A 15-2015  28

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن بجلي بحران جي خلاف عوام جو وڏو انگ احتجاج ڪري ٿو ۽ اهي احتجاج سڄي ملڪ ۾ ڪيترن ڏينهن تائين هلن ٿا ته پوءِ فوج شايد نواز شريف کي جلدي عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ چوي. پاڪستان جي سياست ۾ فوج جو هميشه طاقتور ڪردار رهيو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي.

صورتحال وڌيڪ خراب ان وقت ٿي جڏهن جنوري ۾ پئٽرول جي بحران سبب پنجاب جي وڏن شهرن، اسلام آباد سميت ۾ زندگي هڪ هنڌ بيهجي وئي. تيل جو بحران ان ڪري پئدا ٿيو جو پاڻي ۽ بجلي جي وزارت پي ايس او کي 171 ارب روپين جون رهتون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. حيرانگي جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿيو جڏهن باقي دنيا ۾ تيل جا اگهه بنهه گهٽ سطح تي هئا. ان ئي مهيني حڪومت بلوچستان صوبي جي علائقي گڏاڻي ۾ رٿيل 6600 ميگا واٽ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پراجيڪٽس ختم ڪري ڇڏيا. چيني سيڙپڪار ميڊيا رپورٽن موجب ڇهن ئي پلانٽس مان اهو چئي سيڙپڪاري ڪڍي ورتي ته پراجيڪٽ انفرااسٽرڪچر موجود نه هجڻ ڪري مڪمل نٿو ڪري سگهجي. اهو پراجيڪٽ پاڪ چين اڪانامڪ ڪاريڊور نالي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي 45.6 ارب ڊالرز جي منصوبن جو حصو هئا.

مشهور معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي، جيڪو وزير اعليٰ بلوچستان جو پاليسي سڌارن واري يونٽ جو سربراهه آهي، ان جو چوڻ آهي ته انهن پراجيڪٽس سان ايئن ئي ٿيڻو هو. هن چواڻي پلانٽس لاءِ امپورٽيڊ مهانگو ڪوئلو اَن لوڊ ڪرڻ لاءِ جيٽيون ٺاهڻيون پون ها ۽ اهڙي هنڌ تي ڪوئلي جي پلانٽس جي تعمير سبب ڪوئلي جا ذرڙا سڌا ڪراچي ڏانهن اچن ها.

توانائي شعبي جي هڪ حڪومتي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته چيني حڪومت گڏاڻي پراجيڪٽ ۾ دلچسپي نه پئي رکي بلڪه فقط بلوچستان ۾ گوادر رپورٽ جي تعمير ۽ ترقي جي خواهشمند هئي. هن جو چوڻ هو ته کين خبر هئي ته اهو پراجيڪٽ فزيبل نه هوندو ليڪن ان باوجود اهي پاڪستان جي پريشر آڏو مجبور ٿي ويا. انهن کي اها به خبر هئي ته اهي پراجيڪٽ ٽيڪنيڪل ورڪنگ ڪاميٽي کان اڳتي نه وڌي سگهندا، ۽ اهوئي ٿيو.

فيبروري جي شروعات ۾ پنجاب ۾ چين جي مدد سان 6600 ميگا واٽ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس جو هڪ ٻيو منصوبو به رُڪجي ويو. ليڪن پاڪستان جي توانائي بحران جي ڪهاڻي اتي ختم نٿي ٿئي. پاڪستان جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪشمير ۾ تعمير ٿيندڙ 963 ميگا واٽ جو نيلم جهلم هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پراجيڪٽ جنهن کي 2016 ۾ مڪمل ٿيڻو هو، هاڻي 50 ارب روپين جي کوٽ سبب رولڙي جو شڪار نظر اچي ٿو. ڇو ته چيني ٺيڪيدارن پاڻي کي متبادل رستي تان گذارڻ واري زير زمين سرنگهه جي تعمير لاءِ مشنيون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڊيم نيلم درياهه جي پاڻي کي هڪ زير زمين سرنگهه وسيلي جهلم درياهه تائين پهچائيندو.

جهلم درياهه هندستان کان ٿيندو پاڪستان اچي ٿو ۽ ڊاڪٽر قيصر بنگالي موجب پراجيڪٽ جي تعمير ۾ دير ٿيڻ سبب هندستان کي موقعو ملي ويندو ته اهو پنهنجي حصي جي درياهه تي اڳواٽ ئي هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تعمير ڪري وٺي ۽ اڳواٽ استعمال ڪرڻ واري حق هيٺ دعويٰ ڪري وجهي، جنهن تي سنڌ طاس معاهدي هيٺ ٻئي ملڪ اتفاق ڪري چڪا آهن.

پاڻي يا تيل؟

ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته هائيڊرو پاور ملڪ جي توانائي بحران جي حل ڪرڻ جو انتهائي سستو طريقو آهي. اسلام آباد جي سسٽين ايبل پاليسي ڊيولپمينٽ انسٽيٽيوٽ جي طاهر ڌنڌسا جو چوڻ آهي ته 50 ارب روپيا ايترا گهڻا نه آهن ۽ ان جي بدران حڪومت 59 ارب روپيا هونئن ئي ٿرمل ذريعن مان بجلي پئدا ڪرڻ تي خرچ ڪري رهي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي پاڻي جي وسيلن ۽ ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۾ ناڪام آهي ڇو ته پاليسي ساز توانائي کي گهٽ مدي جي سياسي مسئلي طور ڏسن ٿا ۽ قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي اوليت ڏين ٿا.

هائيڊرو پاور پراجيڪٽس تعمير ٿيڻ ۾ وڌيڪ وقت ۽ سرمايو وٺن ٿا. ليڪن ڊگهي مدي ۾ انهن مان پئدا ٿيندڙ بجلي ڪافي سستي هوندي آهي. ڪوئلي سان هلندڙ امپورٽيڊ پاور پلانٽس ڪنهن سياستدان جي پنجن سالن جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ پنهنجو ڪم شروع ڪري سگهن ٿا.حڪومت به پئسا بچائڻ خاطر اها پراڻي ٽيڪنالاجي خريد ڪندي آهي جيڪا ڪمپنيون هاڻي پنهنجي ملڪ ۾ گدلاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پريشر تحت استعمال ڪرڻ ڇڏي چڪيون آهن. ان کانسواءِ ڪوئلي سان هلندڙ پلانٽس۾ هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪِڪ بيڪس موجود آهن.

ڌنڌسان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ٽي چار وڏا ڊيم تعمير ڪري وٺي ته ان جي توانائي جا مسئلا حل ٿي ويندا. نه رڳو اهو ته ايندڙ 50 سالن تائين بجلي پئدا ٿيندي بلڪه پاڻي ذخيرو ڪري زراعت لاءِ استعمال ڪري سگهبو.

ليڪن سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان وٽ مستقبل ۾ ايترو پاڻي هوندو جو اهو بجلي پئدا ڪري سگهي؟ پاڪستان جي بجلي۽ پاڻي واري وزير خواجه آصف ويجهڙ ۾ ئي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان پاڻي جي بدترين کوٽ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. خواجه آصف موجب ايندڙ ڇهن کان ستن سالن ۾ پاڪستان پاڻي کي محروم ٿي سگهي ٿو.

مائيڪل، ڪوگلمين جي نظر ۾ سڄو مسئلو اهو آهي ته پاڪستان جي توانائي بحران جا وڌيڪ حل ڪنهن نه ڪنهن وسيلي جي وڏي تعداد ۾ دستيابي تي منحصر آهن ۽ انهن جي موجودگي خود هڪ وڏو مسئلو آهي. هن جو چوڻ هو ته ايران سان تجويز ٿيل گئس پائپ لائن جو منصوبو فنڊنگ جي کوٽ جي ڪري رُڪجي ويو، جڏهن به وڏن ڊيمن جي اڏاوت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ماحولياتي ڪارڪن ۽ اين جي اوز احتجاج ڪن ٿيون ۽ پاڪستان وٽ ايتري ٽيڪنالاجي نه آهي جو پنهنجي ڪوئلي جا ذخيرا پاڻ استعمال ڪري سگهي.

ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ بجلي مهانگي امپورٽيڊ ٿرمل مان حاصل ڪئي وڃي ٿي. تيل ۽ گئس مان بجلي جي پئداوارا جو مطلب ڪسٽمرز لاءِ مهانگي بجلي آهي. 25 سيڪڙو توانائي ڊسٽريبيوشن جي نظام ۾ خامين، پراڻي انفرااسٽرڪچر، چوري ۽ خراب مئنيجمينٽ جي ڪري ضايع ٿي وڃي ٿي ۽ انهن خرابين کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو.

شمسي ۽ پن بجلي؟

نواز شريف حڪومت هاڻي اها اميد ڪري رهي آهي ته پاڪستان ۾ صاف سٿري شمسي ۽ پن بجلي گهٽ خرچ سان پئدا ڪئي وڃي ته جيئن بجلي جي بحران تي ضابطو آڻي سگهي. پاڪستان حڪومت ويجهڙ ۾ ئي سولر پئنلز تي درَآمدي ٽيڪس ختم ڪيو ۽ گرڊ سان ڪنيڪٽ ٿيندڙ سولر پئنلز۽ ڇتين تي سولرپئنلز هڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ملڪ ۾ شمسي توانائي جي حاصلات کي هٿي وٺرائي سگهجي. گذريل سال حڪومت ملڪ جو پهريون سولر پارڪ تعمير ڪيو جيڪو شروعاتي طور نيشنل گرڊ ۾ 100 ميگا واٽ ۽ جلد ئي 1000 ميگا واٽ جو واڌارو ڪندو.

ليڪن ماحول دوست توانائي ملڪ ۾ توانائي جي پئداوار ۾ ڪو خاص ڪردار ادا ڪندي نظر نٿي اچي. مائيڪل ڪوگلمين جو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ هوا ۽ اس مان بجلي پئدا ڪرڻ جي گهڻي سگهه نه آهي، ايتري ته بلڪل به ناهي جو ملڪي ضرورتون پوريون ڪري سگهي.

پاڪستان جي الٽرنيٽو انرجي ڊيولپمينٽ ڪراچي جو شفقين شاهد ان مان وڌيڪ پراميد آهي. هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 2017 تائين هوا ۽ سج جي روشني مان 1900 ميگا واٽ تائين بجلي پئدا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ هوا ۽ اُس تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهن، ان ڪري پئداوار وڌي سگهي ٿي.

شاهد ٻڌايو ته 50،50 ميگا واٽ جي هوا سان هلندڙ ٽي پراجيڪٽس نيشنل گرڊ کي بجلي مهيا ڪرڻ شروع ڪري چڪا آهن. جڏهن ته وڌيڪ 400 ميگا واٽ جا پراجيڪٽ پائيپ لائن ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آ هي ته اڃا به ريگيوليٽري ڏکيائيون آهن. سرمائيدار ونڊ ملز ۽ سولر پاور پارڪس ۾ دلچسپي رکن ٿا. ليڪن نيشنل پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) توانائي جي وڌ مان وڌ سڪت تي پنج پنج سيڪڙو ڪيپ هنيو آهي.

شاهد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن نيپرا ان کي اپريل 2015 تائين 10 سيڪڙو ڪري ڇڏي ته اسان وڌيڪ بجلي پئدا ڪري نيشنل گرڊ کي مهيا ڪري سگهنداسين.

ليکڪا فري لانس جرنلسٽ آهي، هي ليک Thirdpol.net جي سهڪار سان شايع ڪيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو