Home / سنڌ افيئر / بدين جا گدرا، لاهور کانپوءِ پشاور جي مارڪيٽ ۾!
above article banner

بدين جا گدرا، لاهور کانپوءِ پشاور جي مارڪيٽ ۾!

الهه بچايو جمالي

گذريل ڪجهه سالن کان هر سال مارچ جو مهينو ضلعي جي آبادگارن ۽ عوام لاءِ هڪ لحاظ کان بنهه اهم مهينو بڻجي ويو آهي. هن مهيني ۾ بدين ضلعي جي هزارين ايڪڙن تي پوکيل گدرن جو فصل جيڪو هاڻ سنڌ کان سواءِ سڄي ملڪ لاءِ ڄڻ ته سوغات ۽ بهار جي مند جو انتهائي مٺو سوادي ميوو بڻجي ويو آهي. پهرين بدين جا مٺا گدرا سنڌ کانسواءِ صوبي پنجاب جي اهم شهرن لاهور، ملتان، فيصل آباد، بهاولپور راولپنڊي ۽ اسلام آباد تائين پهچي وڏي اگهه سان وڪرو ٿيندا هئا. جنهن ۾ لاهور، بدين جي گدرن جي ملڪ جي سڀ کان وڏي منڊي هئي. جيڪا اڃا تائين پڻ آهي پر هاڻ گذريل سال کان غير معمولي طور تي بدين جا گدرا دهشتگردي جي وڪڙ ۾ آيل ڏوراهين شهر پشاور تائين وڃي پهتا آهن. هن کان اڳ ميرپورخاص جي سنڌڙي جا انب ۽ لاڙڪاڻي جي سپر زيتون جهڙن ميون جي گهڻي پيداوار ۾ سنڌ، ملڪ کانسواءِ دنيا ۾ مشهور آهي. باقي موسمي ميوا جن ۾ سياري جا ڳاٽي ٽوڙ اگهه وارا خشڪ ميوا پڻ شامل آهن. اهي صوف، انگور، نارنگيون وغيره خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کان سنڌ ۾ پهچن ٿيون.

هي پهريون ڀيرو آهي ته بدين جا گدرا لاهور، پشاور تائين پهچي رهيا آهن، جتي ٻنهي شهرن ۾ بدين جي گدرن جون وڏيون منڊيون قائم ٿي ويون آهن جتي جا واپاري گدرا خريد ڪرڻ لاءِ ڌڙا ڌڙ بدين پهچي رهيا آهن. هڪ اندازي موجب هن وقت بدين ضلعي مان ڏهاڙي اٽڪل هڪ سؤ ٽرڪون گدرن سان ڀرجي ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن وڃي رهيون آهن. هن وقت سڀ کان وڌيڪ ٽرڪون تعلقي ٽنڊي باگي جي هڪ ننڍڙي شهر کڏهرو موري مان گدرن سان ڀرجي نڪري رهيون آهن، جتي سڄي ملڪ جي گدرن جا واپاري وڏي انگ ۾ پهچي رهيا آهن. واپارين کانسواءِ گدرن جي مزدوري ڪرڻ لاءِ ملتان ۽ ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل ٿري ماروئڙن جا ڪٽڪ کڏهري ۽ ضلعي جي ٻين مرڪزن ۽ علائقن ۾ پهچي ويا آهن. گدرن جا ڪريٽ (پيتيون) ٺاهڻ ۽ انهن ۾ سٺن گدرن جي چونڊ ڪري پيتيون پيڪ ڪرڻ ۽ سستي مزدوري لاءِ ملتاني پورهيت هر سال سون جي تعداد ۾ سيزن شروع ٿيڻ وقت بدين ۾ گهڻو ڪري ٻارين ٻچي پهچن ٿا. جڏهن ته گدرن جي ٻني وارن آرڻن مان چونڊائي جي سستي پورهيي لاءِ آبادگارن ۽ واپارين کي ٿري ماروئڙا گهربل هوندا آهن، جيڪي هر سال ڳڀي جي ڳولا واسطي هزارن جي تعداد ۾ پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت گدرن جي مرڪزن ۾ پهچي بنهه سستي اجرت واري پورهئي ڪرڻ تي مجبور آهن. ملتاني ۽ ٿري پورهيت پنهنجي نوجوان ۽ پيرسن عورتن کان سواءِ هر سال پنهنجي بنهه معصوم ٻارن کان گدرن جي چونڊائي ۽ پيتيون ڀرڻ جو پورهيو ڪرائين ٿا.

ملتاني پورهيت جيڪي ڪريٽ ٺاهڻ ۽ گدرن جي ڇانٽي جي خاص مهارت رکن ٿا. جيڪو هنر هاڻ ٿري ۽ مقامي سنڌي پورهيت پڻ سکي ورتو آهي پر کڏهري جي آبادگارن ۽ واپارين کي خبر ناهي ڇو اڃا تائين ملتاني پورهيتن جي ضرورت پئجي رهي آهي. ان جو خاص بنيادي سبب مهارت ۽ سستي اجرت آهي. جن ٻنهي ضرورتن جي پورائي هاڻ ٿري پورهيت ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ٿري ڀيل ۽ ڪولهي پورهيت جيڪي آرڻن مان گدرن جي چونڊائي جا ته اڳ ۾ ئي ملتاني پورهيتن کان به گهڻا ماهر هئا. اهي هاڻ گدرن جي ڇانٽي ۽ ڀرائي جا به وڏا ماهر ٿي ويا آهن ۽ ان سان گڏ ڪاٺ جي تختين مان ڪريٽ ٺاهڻ جو فن پڻ ملتاني ماهر پورهيتن کان سکي ورتو آهي. گدرن جا آبادگار ۽ واپاري ٿري پورهيتن کي ڏهاڙي 300 کان 400 روپيا جڏهن ته معصوم ٻارڙن کي ڏهاڙي فقط 100 کان 150 روپيا اجرت ڏين ٿا، جيڪا هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي زماني ۾ بنهه گهٽ اجرت ۽ نا انصافي آهي پر مظلوم ٿري ماروئڙا اهڙو سستو پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن لاءِ بدين جي گدرن جو اهو پورهيو به ڄڻ ته نعمت بڻجي ويو آهي.

اٽڪل 20 سال اڳ بدين ۾ نين جنسن وارن اهڙن ڪاروباري گدرن جو جديد انداز سان پوکائي جي سڀ کان اڳ شروعات باغباني جي ماهر قديم سنڌي لوڪ باگڙين زميندارن کان ٺيڪي تي زمينون وٺي اچي ڪئي. انهن باگڙين جا به ٺيڪيدار واپاري اڪثر پنجاب جا هئا. ان بعد خود پنجابي واپارين اچي شادي لال ۽ مٺي ٿري واري وارياسي علائقي ۾ لڏا لاهي زمينون ٺيڪي تي حاصل ڪري گدرن جو سڄو ڪاروبار پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. جنهن بعد 2003 جي مها ٻوڏ جيڪا ڀيانڪ تباهي مچائي ان ۾ خريف جا ٻيا سمورا زرعي فصل جتي تباهه ٿي ويا اتي گدرن جي پوکائي پڻ سخت متاثر ٿي. ڪجهه سالن بعد ضلعي ۾ ٻيهر جڏهن گدرن جي پوکائي شروع ٿي تڏهن پنجابي ٺيڪيدار واپارين کي ڏسي ڪجهه مقامي آبادگار پڻ ان ڪاروبار ۾ گهڙي پيا ۽ تعلقي ٽنڊي باگي وارو پاسو گدرن جي گهڻي پيداوار جو مرڪز بڻجي ويو. هن وقت کڏهرو موري وارو شهر گدرن جي گهڻي پيداوار ۾ سڄي ملڪ جي مرڪز جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي.

80 کان 90 واري ڏهاڪي تائين جڏهن اوچتو ڪمند جي وڌيڪ پيداوار سان گڏ بدين ضلعي ۾ ٽماٽن جي رڪارڊ پيداوار ٿيڻ لڳي ۽ گدرن جيئان بدين مان هر سال ٽماٽن جون سوين گاڏيون ڏهاڙي بدين جي ٽماٽا منڊي مان ڀرجي صوبي پنجاب سميت ملڪ جي وڏن شهرن ڏانهن وڃڻ لڳيون. حڪومت جي نا اهلي سبب هاڻ بدين جو سڀ کان وڌيڪ لذيذ سپر ٽماٽو ٽڪي ڌڙي ٿي بدين ۾ ڪنو ٿي رهيو آهي ڪو به پڇڻ وارو ناهي. تعلقي ٽنڊي باگي ۾ کڏهرو موري کان سواءِ غلام شاهه موري ڏيئي، راڄو خاناڻي، دٻهڙو، نئون دنبالو وارا علائقا پڻ گدرن جي بيلٽ ۾ شمار ٿين ٿا. يوسي ڏيئي جي برعڪس شادي لال واري علائقي ۾ پڻ گهڻا گدرا پوکجي رهيا آهن. جڏهن ته يوسي ڪڍڻ ۾ حاجي شير جمالي، محمد خان چانڊيو ۽ رسول بخش جمالي گدرن جا وڏا آبادگار آهن جيڪي هر سال پنهنجي ۽ ٺيڪي تي ورتل زمينن ۾ گدرن جو فصل پوکين ٿا. محمد خان اڇڙائي چانڊيو هاڻ ته گذريل ڪجهه سالن کان پنهنجا هزارين مڻ مٺا سپر گدرا خود ئي کڻائي وڃي لاهور جي منڊي ۾ وڪرو ڪري ٿو. لاهوري واپارين هاڻ بدين جي گدرن مان ايترو ته گهڻو منافعو ڪمائي ڏٺو آهي جو اهي بدين جي مقامي آبادگارن ۽ ننڍن واپارين کي گهڻا گدرا پوکائڻ ۽ خريد ڪرڻ لاءِ لکين روپيا اڳواٽ بطور قرض ڏين ٿا.

هن وقت بدين جي کڏهري واري منڊي ۾ سپر گدرن جي 15 ڪلو گرام وارو ڪريٽ 800 کان 100 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، يعني ته گدري جو في ڪلو 50 روپين کان به وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهيو آهي. هڪ ٽرڪ ۾ 600 کان 700 ڪريٽ لوڊ ٿين ٿا بدين کان لاهور شهر تائين هڪ ٽرڪ جو ڀاڙو 70 کان 80 هزار روپيا آهن جڏهن ته پشاور شهر تائين هڪ ٽرڪ جو ڀاڙو هڪ لک روپين کان وڌيڪ آهي. اهو به ان ڪري جو هن سال تيل سستو ٿيو آهي، گذريل سال ٽرڪن جا ڀاڙا ان کان تمام گهڻا وڌيڪ هئا. کڏهري موري جا آبادگار ۽ واپاري ٻڌائين ٿا ته هن سال پشاور جي منڊي ۾ گدرن جو اگهه لاهور کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. مٿئين حساب سان پڪ سان اهو چئي سگهجي ٿو ته لاهور ۽ پشاور ۾ گراهڪن کي اهو گدرو 100 روپيا ڪلو کان به وڌيڪ اگهه تي ملندو هوندو.

گدرن جي هن ڪاروبار ۾ گهڻا آبادگار ۽ واپاري زميندارن کان ڇهن مهينن لاءِ 20 کان 40 هزار روپيا في ايڪڙ زرعي زمين مقاطعي تي حاصل ڪندا آهن. گدرن جا اهي آبادگار 70 هزار کان هڪ لک روپين تائين گدرن جي في ايڪڙ پوکائي تي خرچ ڪن ٿا. سڀ کان گهڻو خرچ جيت مار دوائن تي ڪيو وڃي ٿو. جن مان وري گهڻيون دوائون نقلي هونديون آهن جنهنڪري ڪيترن ئي آبادگارن کي هر سال لکين روپين جو نقصان پڻ ٿئي ٿو، گدرن جي فصل تي جيڪي مرض لڳن ٿا انهن ۾ سائي مک، اڇي گڏر، پائوڊري، اڇي پن جا مرض فصل کي تباهه ڪريو ڇڏين. بدين ۾ هن وقت گدرن جون جيڪي جنسون پوکيون وڃن ٿيون انهن تي مقامي آبادگارن هن قسم جا نالا رکيا آهن. ڌاريڌار، تمون، گولڊن، تيمٽو، شگر فري، گڊاف وغيره شامل آهن جن ۾ ڌاريڌار گدرو تمام گهڻو مٺو هئڻ ڪري وڏي اگهه تي وڪامجي ٿو. گدرن جو فصل چئن مهينن ۾ لهڻ شروع ٿئي ٿو. گدرن جي هن فصل بدين جي زراعت کي معمولي ٽيڪو ڏنو آهي پر هن فصل تي گهڻي پيسٽيسائيڊ جي استعمال ڪرڻ سبب ڀيانڪ ماحولياتي تباهي پڻ ٿي رهي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو