Home / اسپيشل افيئر / تعليم کان محروم ٻار، حڪومت ۽ نالي ۾ نهال سول سوسائٽي!
above article banner

تعليم کان محروم ٻار، حڪومت ۽ نالي ۾ نهال سول سوسائٽي!

اصغر سومرو

اسان وٽ عام طور تي ڪنهن به حقيقي صورتحال ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حقيقت پسنداڻي سوچ جي کوٽ آهي. اسان جي بحث جو موضوع اسڪول کان محروم ٻارن بابت آهي، ان سلسلي ۾ ڪوششون ته ورتيون پيون وڃن پر ڪا تصديق ٿيل معلومات ميسر ناهي ته اهي ٻار ڪير آهن ۽ آهن ڪٿي؟ ويجهڙ ۾ ئي هڪ خانگي اداري ڪراچي ۾ اسڪول نه وڃي سگهندڙ ٻارن (Out of School Children) بابت سروي ڪئي آهي. شهر جي 178 يونين ڪائونسلن مان 50 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن جي سروي ڪئي وئي. سروي جا نتيجا نهايت عجب ۾ وجهندڙ آهن، ڇو ته ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مشڪل سان هڪ لک ٻارڙا (0.1 ملين) اسڪول نه پيا وڃي سگهن! پوءِ سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏهن پاڪستان جي وڏي شهر ۾ اسڪول کان محروم ٻارن جو انگ ايترو آهي ته پوءِ اهي لکين ٻار جيڪي اسڪول کان محروم آهن، اهي ڪٿي آهن؟ جيستائين درست ڊيٽا ۽ اعتماد جوڳو ميڪينزم موجود نه هوندو ته ان سلسلي ۾ ترقي خود هڪ وڏو چئلينج آهي. ايئن درست ڊيٽا ۽ ميڪينزم جي غير موجودگي ۾ ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌڻ ۽ رٿابندي، هوا ۾ تير هڻڻ برابر آهي.

اسان وٽ 1998ع کان آدمشماري نه ٿي آهي، تڏهن کان وٺي پاليسيون ٺاهيندڙ، هڪ آرگنائيزيشن کان ٻي آرگنائيزيشن سهاري ڪاٿا ۽ انگ اکر ڪتب آڻين ٿا. آئيني طرح هر ڏهن سالن کانپوءِ آدمشماري ٿيڻ ضروري آهي پر هتي ايئن نه پيو ٿئي. پهرين ته اسانکي اها آئيني ضرورت پوري ٿيڻ تي ڳالهائڻ گهرجي. پوءِ مفت ۽ ضروري تعليم تي. عام طور تي سياستدان “جنرلن” جي آئين ڏانهن روش بابت گفتگو ڪندي ملندا آهن پر اهي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار وساري ٿا ويهن.

اصل مسئلو ٻارن جي داخلا، حاضري ۽ غير معياري تعليم جو آهي. اڪثر سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪيل ٻارن مان 30-40 سيڪڙو مشڪل سان اسڪول اچن ٿا. ان کانسواءِ ٻٽي داخلا به هڪ مسئلو آهي، اهو ايئن ته ساڳيائي ٻار سرڪاري اسڪولن سان گڏ، خانگي يا اين جي اوز جي طرفان هلندڙ اسڪولن ۾ پڻ داخل ٿيل ڏيکاريا وڃن ٿا. ان ڪري بحث اهو آهي ته ٻارن جي سؤ سيڪڙو حاضري سندن پهرين اسڪول ۾ ڪيئن يقيني بڻائي وڃي ۽ تعليم کي درپيش چئلينجز کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي.

نه وسارڻ کپي ته تعليم جي لحاظ کان سول سوسائٽي به سرگرم اسٽيڪ هولڊر آهي. ڪجهه تنظيمون ته ملڪ ۾ تعليمي بحران جي حوالي سان تمام سٺو ڪردار نڀائي رهيون آهن. اهوئي سبب آهي جو حڪومت کين تعليم جي سڌاري لاءِ ٺاهيل ڪميٽين ۾ شامل ڪري رهي آهي. ليڪن ڏٺو وڃي ته انهن جو ڪردار علامتي هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي اهم تنقيدي نُڪتا اٿارين ٿيون، جيڪڏهن ڪوئي ڪجهه ڪرڻ چاهي به سهي ته ان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. آخرڪار نتيجو نالي ۾ نهال وارو نڪري ٿو، اهي اهوئي ڪن ٿيون جيڪو حڪومت ٿي چاهي يا ڊونر ٿو چاهي.

march B 28 15

بدبختي اها آهي ته سول سوسائٽي سان لاڳاپيل فردن ۽ گروپن جا به پڻ پنهنجا پنهنجا مفاد هجن ٿا، جن ۾ اهي پنهنجي ويجهن ماڻهن لاءِ ملازمتون، اڳواڻي وارو ڪردار، ڪنسلٽيز ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته فنڊنگ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هجن ٿا. اهوئي سبب آهي جو اهي بورڊ ميمبرز ۽ اهم عملدارن سان لاڳاپا بهتر رکڻ جي چڪر ۾ تحقيقات ڪرڻ ۾ به محتاط هوندا آهن. سول سوسائٽي جي انهن نمائندن جو اهم مقصد حڪومت ۽ ڊونر ادارن سان لاڳا وڌائڻ هوندو آهي، جيئن اهي فنڊنگ، بهتر عهدا ۽ مراعتون حاصل ڪري سگهن. ڪجهه ڪنسلٽنٽ ته بنهه ڪمرشل انداز سان ڪم ڪن ٿا. مثال طور هڪ ڪنسلٽنٽ کي سنڌ ايجوڪيشن سيڪٽر پلان جو هڪ باب ٻن مهينن ۾ لکڻ جا 50 لک روپيا (5 ملين) ادا ڪيا ويا. ليڪن جڏهن اهو ڪم ٻن مهينن ۾ پورو نه ٿيو، ته ان خاتون ڪنسلٽنٽ کي وقت وڌائي ڏيڻ لاءِ تڏهوڪي چيف سيڪريٽري طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ کيس اهو ڪم رضاڪاراڻي طور ڪرڻ جو ڄاڻايو ويو. نيٺ ان خاتون طرفان 50 لک عيوض ڪيل ڪم کي رضاڪاراڻي مڃتا ڏني وئي! اهڙو رضاڪاراڻو ڪم اڳ نه ڏٺو، نه ٻڌو. نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته سماجي ڪم کي ڪمرشلائيز ڪيو ويو آهي، ان ڪري ڊيولپمنيٽ سيڪٽر ۾ مفاد کان خالي ڪمٽمينٽ وارو ماڻهو مشڪل سان ئي نظر اچي ٿو.

حقيقت ۾ ڏوڪڙ ۽ سير سپاٽي جا موقعا ڏسڻ سبب سرڪاري عملدارن جو سمورو رجحان ان پاسي هجي ٿو، نتيجي ۾ سندن ملازمت وارو ڪم به متاثر ٿئي ٿو. اهي ڪامورا ڊونر کان پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ويجهو ٿين ٿا، جنهن ڪري سندن کاتن کي ان مان ڪو به لاڀ نٿو ملي. ان ڪري سندن موٽ به صورتحال مطابق هجي ٿي. حالت اها آهي ته ڪجهه سرڪاري ڪامورا پنهنجي کاتي مان بنا پگهار جي ڪجهه سالن جي موڪل وٺي ڊونرز جي پراجيڪٽس ۾ ملازمتون وٺن ٿا. ڊونرز طرفان سرڪاري عملدارن کي پاڻ وٽ ملازمت ۾ رکڻ پٺيان منطق اهو آهي ته اهي حڪومت سان معاملا سولي نموني اُڪلائڻ ۾ کين سهولت مهيا ڪن ٿا.

آخري ڳالهه اها ته مسئلا حل ڪرڻ جي معاملي ۾ حڪومت جي سوچ مونجهارن جو شڪار آهي. آءُ توهان سان هڪ دلچسپ ڳالهه شيئر ڪندو هلان ته گذريل هفتي مونکي ڪئمبرج انٽرنيشنل ايگزامينيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو مائيڪل او سلون (Michael O sullivan) سان ملڻ جو موقعو مليو. مونکي هن کان اهو ٻڌي نهايت خوشي ٿي ته ڪراچي دنيا جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي جيڪو شاگردن کان ڪئمبرج سسٽم تحت امتحان وٺي ٿو، دنيا ۾ پهرين نمبر تي سنگاپور آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اسان اهڙا سٺا ذهن پئدا ڪري رهيا آهيون جيڪي عالمي سطح تي چٽا ڀيٽي ڪري سگهن ٿا. ٻئي طرف ملڪ ۾ غريب طبقي جي ٻارن جو وڏو انگ آهي جيڪو بدتر تعليم جو شڪار آهي. ڇا اسان اهو محسوس ڪنداسين ته اهو هڪ لحاظ کان سماج ۾ وڏو خال آهي؟ سوال اهو آهي ته حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪي مثبت تبديليون آڻڻ لاءِ حقيقي قدم کڻندي-يا اهو سڀ ڪجهه ايئن ئي روايتي طرح جاري رهندو، جيئن ورهين کان هلندو اچي.

soomro211@hotmail.com

ليکڪ فري لانس صحافي آهي. هو ڪيترن ئي عالمي ۽ قومي سطح جي ادارن سان ڪم ڪري چڪو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو