Home / سنڌ افيئر / دل جي تھخاني مان  اچو ته ڪراچيءَ جي مالڪي ڪريون!
above article banner

دل جي تھخاني مان  اچو ته ڪراچيءَ جي مالڪي ڪريون!

نصير اعجاز 

مان به ڪو صفا چريو آھيان. ورھين جا ورھيه دل جي تھخاني ۾ بند ڪري رکيل اُڌمن ۽ جذبن کي کولي ڇڏيو اٿم. مون ته انھن کي سنگھرن ۾ ٻڌي دل جي قيدخاني جي سڀني ڳڙکين کي به تالا ھڻي ڇڏيا ھا. نٿي چاھيم ته ڪجھه لکان جو ورڻو ته ڪجھه به ڪين ھو. پر شايد گھُٽ ۽ ٻُوسٽ ڪجھه حد کان وڌي وئي آھي ۽ ھاڻي ته ھانءُ ڦاٽي ٿو. اھي اُڌما ۽ جذبا لفظن جو رُوپ وٺي نڪري نروار ٿي رھيا آھن. سوچيان ٿو ته اھي شايد وِسوسا آھن، جيڪي سُک سان ويھڻ به نٿا ڏين. سنڌ جو ڇا ٿيندو، سنڌين جو ڇا ٿيندو، سنڌي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو؟ اھي سوال بڙڇيون بڻجي ھانءَ ۾ چُڀي رھيا آھن. مارچ 26 تي اھا آنڌ مانڌ ان وقت اڃا وڌي وئي جڏھن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاھه عبدالطيف ڀٽائي چيئر پاران سرڳواسي لڇمڻ ڪومل جي 79 ھين جنم ڏينھن ۽ سندس آتم ڪٿا “وھي کاتي جا پنا” جي ٽنھي جِلدن کي ھڪ ئي ھنڌ ڇپرايل ڪتاب جي مھورت لاءِ نيشنل ميوزم آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ تقرير ڪندي امر جليل چيو : “سنڌ اسان جي آھي ۽ ڪراچي سنڌ جي دل آھي، پر پنھنجي ھڪ وڏي اديب ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ شخص لڇمڻ ڪومل جي ياد ۾ ھتي گڏ ٿيلن جو انگ ڏسي ڇا اھڙي دعوى ڪري سگھجي ٿي ته ڪراچي اسان سنڌين جي آھي ۽ اسان سنڌي به ھن شھر ۾ رھون ٿا؟” مون ان مھل ٻه اڍائي سئو ماڻھن جي گنجائش واري ھال تي نظر ڦيرائي ته اھو اڌ کان وڌيڪ خالي ھو. امر جي ان سوال جو جواب ڪنھن وٽ ڪونه ھو. اسان ته جيئري ڪنھن کي مانُ ڪونه ڏيون ته ھزارين ڪوھه پري ھندستان ۾ فوت ٿي ويل سنڌ جي ان ديواني کي ڪير ٿو ياد رکي ؟ ڪنھن کي پئي آھي جو پنھنجا ڪم ڪاريون ۽ يارن دوستن سان ڪچھريون ڇڏي ھتي تقريرون ٻُڌڻ لاءِ اچي؟ جيڪڏھن سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جا نمائندا به ھتي گڏ ٿين ھا ته اڌ ھال ڀرجي وڃي ھا پر انھن کي ھن قسم جي پروگرام مان ملڻو ته ڪجھه ڪونه ھو، سو ھڪ اڌ ٽي وي چينل جي نمائندي کانسواءِ ٻيو ڪو نظر ڪونه آيو.

ان کان اڳ 22 مارچ تي آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي 42 ھين سالگرھه جي پروگرام ۾ اوپن ايئر آڊيٽوريم، جتي اڳي ويھڻ جي جاءِ ڪانه ملندي ھئي، اُتي شروع ۾ سوا سئو ماڻھو موجود ھئا، جيڪي پڻ سگا جي مختلف برانچن کان آيل ھئا. ساڍي ڏھين ڌاري سنگيت جي محفل شروع ٿيڻ مھل ماڻھن جو تعداد وڌي چار سئو کن مس ٿيو. باقي سمورو آڊيٽوريم خالي پيو ھو. ڪنھن شخص مختصر لفظن ۾ تبصرو ڪندي افسوس ڏيکاريو ته سگا ھاڻي ايترو سُسُي وئي آھي جو سندن فنڪشن ۾ سئو سوا ماڻھو به مشڪل ٿا اچن. اھڙو ئي حال ھڪ ڏينھن اڳ گڏاپ جي پبلڪ اسڪول ۾ سگا جي سالياني ڪنوينشن جو ھو. (سگا، جنھن کي ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ سندس دوستن 42 ورھيه اڳ جنم ڏئي اوج تي پھچايو، تنھن کي اھڙي افسوسناڪ حال تائين پھچائڻ جي ذميوار سگا جي بي اثر قيادت آھي، جيڪا گذريل ڪيترن ئي ورھين کان ان کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران پوئتي ڌڪيندي پئي وڃي). ان کان به ٻه ڏينھن اڳ 20 مارچ تي سنڌ ثقافت کاتي جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خادم سومري پاران سورھيه بادشاھه شھيد پير صبغت الله شاھه راشديءَ جي ورسيءَ تي ڪوٺايل پروگرام ۾ ته شريڪ ماڻھن جو انگ اڃا گھٽ ھو. پنجاھه سٺ ماڻھن جي گنجائش واري ان ھال ۾ 25 کان وڌيڪ سنڌي سڄڻ ڪونه ھئا. جنھن شخص انگريزن سان جنگ جوٽي ۽ ڌرتيءَ لاءِ سُوريءَ تي چڙھڻ قبوليو، تنھن جي ورسي ايئن پنجويھن ماڻھن جي ميڙاڪي سان ملھائي وئي ۽ ساڳيو حال فيبروريءَ ۾ سنڌ جي ھڪ ٻي عظيم ھستي حشو ڪيولراماڻيءَ جي ورسيءَ جو ھو جو ساڳئي ھال ۾ ويٺلن مان اسٽيج تي ويھڻ لاءِ ڪوٺيو ويو ته پوئتي ٻُڌڻ وارا ڪي چند وڃي بچيا.

march B 38 15

مون پھرين جنوري 1976 کان وٺي ھيل تائين زندگيءَ جو سمورو عرصو ڪراچيءَ ۾ گھاريو آھي.مون ھتي آمر جنرل ضياءَ جي زماني وارو گھُٽ ۽ ٻُوسٽ جو ماحول به ڏٺو، جنھن ۾ ڪن سنڌي فردن توڙي تنظيمن پاران اسٽيج ڊراما، راڳ رھاڻ ۽ اھڙا ٻيا ثقافتي پروگرام آرٽس ڪائونسل، ابراھيم علي ڀائي آڊيٽوريم، آدمجي آڊيٽوريم، ٿياسافيڪل ھال ۽ ٻين ھنڌن تي ڪوٺايا ويندا ھئا، جن ۾ تمام وڏي تعداد ۾ سنڌين جي شرڪت ھوندي ھئي، پر وقت گذرڻ سان گڏ انھن پروگرامن جو انگ به گھٽجي ويو ته انھن ۾ شريڪ ٿيندڙن جو تعداد ان کان به گھڻو ڪري پيو.قومن جو حوصلو ۽ روحاني سگھه وڌائڻ لاءِ ثقافتي سرگرميون وڏو ڪردار ادا ڪنديون آھن، پر اسان سنڌي پنھنجا حوصلا ۽ ھمت وڃائي پستيءَ جي اونھائين ۾ غرق ٿيندا پيا وڃون. پنھنجو شھر ھوندي اسان گھر کان ٻاھر ايئن نڪرون ٿا ڄڻ اسان ختم ٿيندڙ پارسي برادريءَ جا فرد ھجون. پنھنجي ڌرتي، پنھنجي شھر جي مالڪي ڪرڻ جو نه ئي ڪو احساس آھي اسان منجھه ۽ نه ئي حوصلو.

تازو حيدر منزل تي سيد جلال حيدر شاھه جي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ پاران دعوت تي آءِ بي اَي جي پروفيسر ڊاڪٽر ھما بقائيءَ ڪراچيءَ جي آباديءَ جي بدلجندڙ صورتحال تي پريزينٽيشن ڏني ھئي، جنھن ۾ کيس ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن جي وڌندڙ تعداد ۽ شھر جي آباديءَ ۾ اردو ڳالھائيندڙ آباديءَ جي گھٽجندڙ تناسب تي ڳڻتي ھئي. وٽس ڪراچيءَ جي موجوده آباديءَ جا ڪي به مستند انگ اکر ڪونه ھئا پر ھن ڌُڪا ھڻي ڪراچيءَ جي آبادي سوا ٻن ڪروڙن تائين پھچائي ھڪ پاسي دعوى ڪئي ته ھيءُ شھر اردو ڳالھائيندڙن جو آھي ۽ ٻئي پاسي ڊپ ڏيکاريو ته ايندڙ پنجويھه ٽيھه ورھين ۾ پٺاڻن جو انگ وڌي ويندو ۽ اردو آبادي گھٽجي 38 سيڪڙو وڃي مس بچندي. محترما ھما بقائيءَ چاليھه ورھيه اڳ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي آباديءَ جو ڪجھه سيڪڙو تناسب ھجڻ جو سرسري ذڪر ته ڪيو پر موجوده وقت سنڌين جو تعداد ڪيترو آھي، ان ڳالھه کي گول ڪندي، پنھنجي مخصوص سوچ جو اظھار ڪندي پريزينٽيشن جي پڄاڻي ان جملي تي ڪئي ته “ڪراچي انھن حالتن ۾ به اردو ڳالھائيندڙن جو شھر آھي”. سندس خيال ۾ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سنڌين جو واسطو اندرون سنڌ سان آھي، تنھنڪري ڪراچيءَ تي سندن مالڪيءَ کي ھوءَ مڃڻ لاءِ ذھني طور تيار ئي ڪانھي.

ھما بقائيءَ جھڙن ھٿ ٺوڪين دانشورن ۽ پنھنجي دماغ مان غلط سلط انگ اکر ٺاھي، نتيجا ڪڍي پاڻ کي محقق سڏائيندڙن ڪراچيءَ کي اردو ڳالھائيندڙن جو شھر ڇو سڏڻ شروع ڪيو آھي؟ سندن ذھنن ۾ اھڙي سوچ ڇو گھر ڪري وئي آھي؟ ان جا ذميوار اسان پاڻ سنڌي آھيون، جن پنھنجي ڌرتي، پنھنجي شھر جي مالڪي ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي. وڏي عرصي کان اسان پاڻ سنڌ جي دل ڪراچيءَ کي ذھني طور ڌارين جو شھر ۽ خاص طور اردو ڳالھائيندڙن جو شھر سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو. بسن ۽ ويگنن ۾ سفر ڪندي ڀر ۾ ويٺل سنڌيءَ سان به اسان اردو ۾ ڳالھائيندا رھيا آھيون جو اسان جي خيال ۾ ڪراچيءَ اندر ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌين کانسواءِ باقي سڀ اردو ڳالھائيندڙ آھن. بيشڪ ورھاڱي وقت يا ان کانپوءِ مختلف مرحلن ۾ ھتان سنڌين جي ھندستان ۽ ٻين ملڪن ڏانھن لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو تعداد گھٽجي ويو ھو، پر ستر واري ڏھاڪي کان اندرون سنڌ مان نوڪرين ۽ ڪاروبار سانگي سنڌين جي ڪراچيءَ ڏانھن وڏي لڏپلاڻ ٿي آھي. سندن آباديءَ جي سروي ڪنھن به اداري نه ڪئي آھي پر ھاڻ ھر ھنڌ، ھر شعبي ۾، سيڪيورٽي گارڊ جي ڊيوٽي ڪندڙن کان ويندي رڪشا ۽ چنگچي توڙي پان ٻيڙيءَ جي ڪئبنن ھلائيندڙن تائين سنڌي نظر اچن ٿا. ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ سنڌين جا اڻ ڳڻت ڳوٺ آباد ٿي ويا آھن جيڪي چونڊن واري سياست ۾ به پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. پر الائي ڇو ايتري وڏي تعداد ۾ ھوندي به اھي پنھنجي “ھُجڻ” يا موجودگيءَ جو احساس پنھنجي اندر ۾ توڙي سندن ھن شھر تي قبضو ڪري راڄ ڪندڙن جي ذھنن ۾ پيدا نه ڪري سگھيا آھن. اھو احساس شايد “شڪست پسندي” آھي جنھن کي امر جليل ان ڏينھن چئي ڏنو ته اسان کي شڪست پسندي Defeatism مان جان ڇڏائڻي پوندي. ھن چيو: “اسان سنڌين کي پنھنجي پروگرامن ۾ وڌ ۾ وڌ شريڪ ٿي پنھنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻو پوندو. پنھنجي شھر جي مالڪي ڪرڻي پوندي ـ” ڪراچي اسان جي آھي، ۽ وقت ويو ڪونھي، بس ضرورت ھن ڳالھه جي آھي ته لٽا لاھڻ کان اڳ ئي ٻُڏڻ جو ڊپ پنھنجي ذھنن مان ڪڍڻو پوندو.

(دل جي تھخاني مان لفظ سائين امداد حسينيءِ جي ھڪ نظم مان ورتل آھي، جيڪو ھن لڇمڻ ڪومل لاءِ لکيو ھو ۽ سندس جنم ڏينھن واري پروگرام ۾ پڙھيو. جيئن ته امر جليل پنھنجي دل کولي اندر جون ڳالھيون ڪيون، تيئن مون به ھي اکر لکيا آھن، تنھنڪري ھن آرٽيڪل جو عنوان به مون ان مناسبت سان رکيو آھي )

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل )

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو