Home / اسپيشل افيئر / دنيا ۾ نازڪ عضوي جي پهرين ڪامياب پيوندڪاري
above article banner

دنيا ۾ نازڪ عضوي جي پهرين ڪامياب پيوندڪاري

ڏکڻ آفريقا ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم نازڪ مرداڻي عضوي جي ڪامياب پيوندڪاري ڪئي آهي. هڪ 21 ورهين جي شخص جو مرداڻو عضوو طُهر دوران ضايع ٿي ويو هو، جنهن شخض جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي، ان جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.

ڊاڪٽرن جي ٽيم جو چوڻ آهي ته اهو آپريشن دل جي پيوندڪاري وانگر زندگي بچائڻ لاءِ نه ڪيو ويو هو ۽ ان حوالي سان بحث به جاري هو ته، ڇا ان جو اخلاقي جواز موجود آهي.

واضح رهي ته اهڙي قسم جون ڪوششون اڳ به ڪيون ويون آهن، چين ۾ به هڪ ڀيرو اهڙو آپريشن ڪيو ويو هو، اهو آپريشن ته ڪامياب رهيو ليڪن نازڪ عضوو بعد ۾ ڪارائتو نه رهيو.

ڏکڻ آفريقا ۾ نازڪ عضوي جي ڪامياب پيوندڪاري ٿيل شخض جي عمر 18 ورهيه هئي ۽ ٻيا ڇوڪرا طهر وقت جنسي طرح ٺيڪ ٺاڪ هئا. ڏکڻ آفريقا جي ڪجهه علائقن ۾ ڇوڪراڻي عمر کي جواني طرف آڻڻ لاءِ طُهر جو اهو رواج موجود آهي. واضح هجي ته طُهر کانپوءِ نازڪ عضوي جي سائز فقط هڪ سينٽي ميٽر رهجي وئي هئي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ نازڪ عضوي جي پيوندڪاري باقي سڄي دنيا کان وڌيڪ آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته طُهر جي رسم دوران سوين ڇوڪران اپاهج ٿي ويندا آهن يا موت جو کاڄ ٿي ويندا آهن.

اسٽيلن بوش يونيورسٽي ۽ ٽيگربرگ اسپتال جي سرجنز نون ڪلاڪن تائين ڊگهو آپريشن ڪري عطيو ڪيل نازڪ عضوي جي پيوندڪاري ڪئي.

ڊاڪٽرن جي ٽيم جي ميمبر آندري وين مروي جيڪو عام طور تي گُردن جي پيوندڪاري ڪندو آهي، ان ميڊيا کي ٻڌايو ته بنا ڪنهن شڪ جي اهو انتهائي ڏکيو ڪم هو. ان جي رڳن جي ويڪر 1.5 ملي ميٽر هئي. جڏهن ته گردي ۾ اها هڪ سينٽي ميٽر هوندي آهي.

هن پيوندڪاري ۾ انتهائي سنهين رڳن کي جوڙڻ لاءِ پهريون ڀيرو چهري جي پيوندڪاري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه ٽيڪنڪس جو پڻ استعمال ڪيو ويو.

اهو آپريشن گذريل سال 11 ڊسمبر 2014 تي ٿيو هو ۽ ٽي مهينا گذرڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته تيزي سان صحتيابي ٿي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پيوندڪاري ڪيل نازڪ عضوي کي فنڪشنل ٿيڻ ۾ ٻن سالن جو عرصو لڳي سگهي ٿو. تنهن هوندي به اهو همراهه پيشاب وغيره ڪري سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو