Home / شوبز / ديپڪا “ماءِ چوائس“ ۾ نظر ايندي
above article banner

ديپڪا “ماءِ چوائس“ ۾ نظر ايندي

sho 1فلمساز هومي ايڊجاني عورتن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ واري جاڳرتا مهم لاءِ ٺاهيل 2 منٽن 34 سيڪنڊن واري فلم سان واپس آيو آهي، فلم عام ماڻهن ۾ عورتن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ جو حصو آهي، ڀارتي خابرو اداري هندستان ٽائمز جي سهڪار سان ٺهندڙ هيءَ ٽين شارٽ فلم آهي. ان کان اڳ واري وڊيو ۾ ماڌوري ڊڪشٽ ۽ عاليه ڀٽ حصو ورتو هو، جڏهن ته تازي بليڪ اينڊ وائيٽ وڊيو ۾ ممبئيءَ سان تعلق رکندڙ 98 عورتن سان گڏ دپيڪا پڊوڪون به شامل آهي، ”ماءِ چوائس“ جي نالي سان ٺاهيل ان وڊيو ۾ عورتن جي برابريءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان جي ڪرسي کمباٽا لکيو آهي، جيڪا ”بين ڪرائسز اينڊ فائنڊنگ فيني“ جھڙين فلم جي ڪو رائيٽر به رهي چڪي آهي، وڊيو ذريعي ممبئيءَ جون هر شعبي سان تعلق رکندڙ 99 عورتون پنهنجي حقن برابري، سياسي، سماجي ۽ معاشي حقن بابت آواز اٿارين ٿيون. دپيڪا عورتن بابت مردن جي ذهني اميج کي مٽائڻ ۽ عورتن جي ڪپڙن جي پسند، پيشي ۽ زندگي سان سندس جنسي لاڳاپن جي چونڊ کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وڊيو ۾ فرهان اختر جي گھر واري آڌنا، ڀيڻ زوا ۽ هومي ڊزائينر جي زال انيتا به وڊيو ۾ نظر اينديون.

و

ڊيو ۾ سڀ 99 عورتون ڪاري ڊريس پهريل آهن، وڊيو جو ڪمپوزر اي آر رحمان، اداڪارن ۾ عامر خان، دپيڪا پڊوڪون، رنبير ڪپور، ڪنگنا رناوت، ڪرڪيٽر يووراج سنگھه ۽ فلمساز ڪرن جوهر پڻ ان مهم جو حصو بڻيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو