Home / اسپيشل افيئر / رُهي کان روهيءَ جو پنڌ!
above article banner

رُهي کان روهيءَ جو پنڌ!

خالد ڪنڀار

 پاڻ واري ٿر ۽ اڇڙي ٿر ۾ ڪا ڪا جڳهــ اهڙي هوندي آهي، جتي پکي جو پير به ڳوليو ڪونه لڀندوآهي. انهي کي وري پاڻ واري ٿر ۽ اڇڙي ٿر ۾ رُهي چون. اڃا جي ڪير ڀولاري ۾ آهي، ۽ هي ڳالهه نٿي سمجهــ ۾ اچيس تــ پوءِ ڀلا سڃ ئي سڃ هجي، جتي گهڻو وڻ ٽڻ ۽ پاڻي لڀڻ مشڪل هجي ته اها ٿي رُهي. جي ڀلا اڃا به نٿي ڳالهــ ٺانٺي ۾ ويهي تـه وڃي ڪنهن ٿر ئي جي ڀر جهليو، اهو اوهان کي رُهي واري ڳالهــ سمجهائيندو. خير رُهي اوهان ٻڌي هجي يا نــ ٻڌي هجي. پر “روهي ” فريد واري اوهان سڀني ٻڌي هوندي. سو پاڻ اتان مسعود لوهار جي مهربانين سان گهمرو ڏئي آيا آهيون. روهي ڏانهن ويندي واٽ تي ڪٿي هلڪي ڦلڪي ساهي پٽي تــ پٽي پر ڪو خاص ڊاٻو ڪونــه ڪيوسين. بس سراڙي ۾ پئي وياسين. انهي ڪري انهي سفر ۾ واٽ واري ڪاڳالهــ تـه نٿي ڪري سگهجي . بس جي شيشن مان سائي سنڌ جي کيتن جو ديدار ڪندا وياسين. اها رُهي ۽ روهي جي وچ ۾ ايئن سمجهو اکين کي ساهي پٽاڻي هئي. ڪٿي ڪٿي عباس کوسي سان سماجي دنيا جو طلسم ڪيئن آهن. ماڻهو جي هن دنيا ۾ پرک ڪيئن آهي. مٿان کان هيٺ ۽ هيٺان کان مٿي ڪيئن اچجي ۽ وڃجي ٿو. ٿر ۾ ڪيئن ماڻهو راتو رات وڏا اين جي اوسٽ ٿي ويا. انهي تي پئي سورپٽياسين. ڪڏهن وري امير منڌري سان ادب جي دنيا ۾ گروهه بندي تي ڳالهه پئي ٿي. صبح جو نڪتل رات آڌي کان مٿي ٽپي هئي، لڳ ڀڳ هڪ ٿيوهو.

march B 50 15

اسان جو قافلو جيئن فريد سائين واري جهوڪ جي سيم ۾ ويو تــ منهنجي هئين ڇڪ کاڌي ۽ ڇرڪ ڀري بس جي سيٽ تي سڌو ٿي ويهي رهيس. ڄڻ واري جي خوشبو منهنجي حواسن تي ڇائنجي وئي. اهو مون سان ئي ٿيو. شايد انهي ڪري جو اسان ٿرين جي اندر ۾ واري جا دڙا آهن. خير اسان فريد واري جهوڪ تي لٿاسين تــ واري تي پير پيا. وجود ۽ واري جو رشتو پاڻ ۾ جڙيو. اتي پهچڻ کان اڳ۾ منهنجي ذهن ۾ هو ته اتي ڪا اڀري سڀري ئي سهي پر هوٽلڙي هوندي، جتي رهڻو پوندو. پر لهندي ئي خبر پئي ته “جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي، ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري ،” اسين به ڪنهن اهڙي جوءِ ۾ هئاسين. لهندي ئي پاسي ۾ لڳل ڪناتن ۾ ماني لڳي پئي هئي. گوشت ڇيلي جو هو الائي گهيٽي جو، حق فريد ڪري بک ۾ سٽڪو ڏئي کائي وياسين. نه ته پاڻ ٻيلي پکي جو گوشت کايو وڃون پر مال ڀٽاري جو گوشت يا ٻي ڪنهن جناور جو گوشت کائون ڪونه. اتي خواجه فريد جي ڪڙم مان خواجه ڪليم الله ڪوريجو هٿ ٻڌيو هرڪنهن اڳيان بيٺو هو.

هيڪر ته آئون حيران به ٿيس ته اسان واري مرشدن جي ڪڙم ۾ صرف گادي ڌڻي نه پر سڀ مرشد هوندا آهن. کٽن تان هيٺ ڪونه لهن هي همراه ته هرڪنهن اڳيان هٿ ٻڌيو بيٺوآهي. ماني پنهنجي هٿن سان اسان جهڙن گناهگارن کي کڻيو پيو کارائي. وڃ، ڪٿي فقير اسان جا ٻئي جنم نه ٻوڙي پر خواجه صاحب ته ايسين جيستائين هئاسين اوستائين خدمت گذار هو. شايد فقيري اها ئي آهي. ماني کائي اسان دنگ ڪئي ته اسان کي همراه ٻڌايو ته اوهان جو خيمو نمبر ڦلاڻو آهي. نه هوٽل نه ٻي بس واري تي پکيراجن وانگر پکا لڳل هئا. هر پکي ۾ ڪونه ڪو رهيو پيوهو. هي عجيب پر اسرار رات هئي. واري جي دڙي تي پکيراج جي رات ٽڪڻ. اسان جي خيمي ۾ مولوي نيڪ محمد، چاچا اسحاق مڱريو جيڪو منهنجو سنڌي صحافت ۾ پسنديده صحافي رهيو آهي. انهي رات پرکيو به سهي ته چاچو اسحاق اوترو دلبر ماڻهو به آهي ۽ ڏوڪرو جان خاصخيلي هجي، ڏوڪري جان کي دل جو عارضو به هو. پوءِ به جهوڪ ڇڪي آئي. جهوڪ جي انهي رات ۾ اسان کي ڪيترن ئي موضوعن تي چاچي اسحاق، جان ۽ مولوي نيڪڻ جي ڪچهري مان سکڻ جو موقعو مليو. اسان واريءَ تي رليون وڇائي پيا هئاسين. تيستائين مسعود فقير به ٻين خيمن مان ڦرندو اسان واري خيمي ۾ پهتو. بس جيئن پيار ۽ پنهنجائپ مان پڇڻ هن جي عادت آهي.

ايئن ئي ڏيو خبر ڪيئن آهيو. بسترا ڪيئن آهن. اسان چيو بس رات ته ٽڪڻي آهي، سهي آهن. نه تنهنجي سوڙ سهي ناهي وري ڪنهن کي سڏ ڪيئن هي تبديل ڪري ڏي. پر مون چيو سائين اسان جهنگ جا ماڻهو ڇڏيو کڻي، نه نه جهنگ جو ماڻهو ته کڻي آهين پر جهنگلي ته ناهين. ايئن ڪندو هليو ويو. مسعود فقير سان ڪيئن لئون لڳي ڪا خبر مونکي ته ڪونه پئي.

بس پاڻ هن کي ڏسي مرشد جو اهو شعر پڙهي ڇڏيندا آهيون. “ڪڙو منجهـ ڪڙي جيئن لوهار لپيٽيو، منهنجو جيءِ جڙي سپيريان سوگهو ڪيو” هن سان اختلاف رکڻ وارا به جام آهن ، استاد به رکي ٿو ،پر پاڻ وري ٻنهي ۾“ هت به راهن رس هت به گڏيون هوت کي” ٻنهي سان پريم واري ڏور ۾ ڳنڍيل آهي. ڪير ڇني ته پاڻ ڇني پاڻ ڇنڻ سکيو ڪونهي. پر هڪڙي ڳالهـ مڃڻ کپي، اڄ لکڻ پڙهڻ واري دنيا ۾ جتي بيٺا آهيون، جنهن بـ حالت ۾ آهيون اتي انهي همراه جو هٿ ضرور آهي.

اتي خيمن ۾ واري جي دڙي تي رات ٽڪي سوچيندو رهيس هي ٿر ڪهڙو هوندو مون واري ٿر جهڙو هوندو؟ يا وري اڇڙي ٿر جهڙو. بس صبوح ٿئي ته هي ٿر ڏسان انهي اوت جوت ۾ هئس. واري تي پاڻ کي ننڊ به واه جي ايندي آهي. سو اڃا چاچي اسحاق، ڏوڪري جان ۽ مولوي نيڪ محمد جي گڍڙي جو شهر ڪيئن ٺهيو، پوءِ رڍ ٻچو ڪيئن بچايو، ڳالهه هلي پئي ته اک لڳي وئي. صبوح سويلو اٿي مُلي نيڪو چيو هل، سو سڌ ڪئي سين انهي جڳهه ڏانهن جتي فريد سهڻي پنهنجي طويل پريم جو چلو پچايو هو. ٻئي هيڪلا ئي هيڪلا ايترو پنڌ به ڪونه هو بس سڏ پنڌ کان ٿورو گهڻيرو هو. سو سڌ ڪري وڃي انهي ڪنڊي جي وڻ وٽ بيٺاسين جتي انهي پوڙهي ڪنڊي جي وڻ جي ٿڙ ۾ پور ٺهي ويو هو. انهي ڪنڊي کي هلڪي چوديواري ڏنل هئي ٿلهو ٺهيل هو. انهي ٿلهي تي خواجه فريد جا فقير“ حق فريد ” جي نعرن سان فريد جو ڪلام ڳائي رهيا هئا. وڻ تي ڪجهه پکي به ويٺا هئا. اتي ئي پاسي ۾ خواجه جو کوه به هو پر انهي کي کوه نٿو چئي سگهجي .

انهي کي“ ويري” يا “پار ” چئي سگهجي ٿو، جنهن تي ڏول ٽنگي پئي هئي. اتي ئي اڃا ڪنڊي جي وڻ ۾ گهوريم پئي، تيستائين مُلي کي سڏ ٿيو. پريان مسجد جي ڀر مان جيڪا مسجد ڪنڊي واري ديوار سان لڳو لڳ هئي. اتي انهي ڀت کي پٺا ڀرايو هڪڙو همراه ڪجهه سامان کٺمٺڙا ٻيا رکيو ويٺو هجي. انهي جو مُلي کي سڏ ڪيو ته مُلي روڙ ڪئي. اهو همراه گوڏ ٽوال جي ٻڌل اگلو ڪڇرو وڏي ڏاڙهي، مُلي ڪئي هم نڪو تم انهي مهر فقير کي چيائين چانهه به پئينداسين. نيرن به ڪنداسين . پوءِ ته انهي همراه پنهنجو ڪتاب به ڇپيل مُلي کي ڏنو جنهن تي روهيڙي جو گل ٽائيٽل تي هو. انهي وري چانهه پي به دعا گهري ته ماني کائي به. ٿورڙو انهي ڪنڊي جي وڻ کان اڀرنديان ڪرڙ جو وڻ هو، انهي کي هلڪڙو لوڙهو ڏنل هو. خبر پئي ته سهڻو فريد سائين هتي به ڪجهه عرصو ويٺو هو. خواجه جي جهوڪ وٺڻ، اتي چلي ڪشي جي پٺيان جيڪو صورت جي سوجهري جي ڇڪ ۽ اندر وارو پنڌ ڪتابن ۾ پيو آهي. 18 سال اتي ويٺو هو لالڻ کي ليلائڻ لاءِ ٿيو خير اهو ڪنهن ٻي ڀيري. اتي اهي ٻئي ماڳ ڏسڻ کان پوءِ جيڪو مُلي نيڪو سان ٿيو انهي جو ذڪر هتي ڪرڻ سهي نٿو لڳي. اتي وري اسان پنهنجي انهي جوڳي بستي خيمن واري بستي ڏانهن روانا ٿياسين.

هتي وڏي ڀٽ يا دڙو ڪٿي ويجهڙ ۾ ته مونکي نظر ڪونه آيو. هڪڙي ننڍڙي ڊٻ تي چڙهي چوڌاري نظر به ڦيري پر ٿي سگهي ڪٿي ڀٽون هجن به سهي. ٻيو هتي جو پاڻي ته “هريار”منهنجي ناناڻن جو ڳوٺ آهي اتي جو کارو پاڻي پوري ٿر ۾ مشهور آهي. انهي هريار جي پاڻي کان به کارو ٽڙه هجي. وات ۾ وجهي نه سگهجي. وڻ پاڻ واري ٿر جا سڀ جا سڀ بيٺا هئا. خير وري خيما بستي ۾ اچي پنهنجي خيمي ۾ ساهي پٽي سين. پوءِ شوڪت ميمڻ کي چيم ٻيلي هل ته هلي هن امن ميلي جا رنگ ڏسون. هي جهوڪ فريد تي امن ميلو هو. جنهن ۾ پوري ملڪ کان ماڻهن جا ٽولا هئا. ويندي هڪڙي چانڊئي ته ٻڌايو آئون ڏيساور کان هتي ڪجهه ڏينهن لاءِ لاهور آيل هئس، سنگت هڪل ڪئي ته آيل آهين ته هي ميلو ضرور ڏسي وڃ، انهي ڪري آيس ۽ آئون سمجهان ٿو ته منهنجو پنڌ سجايو ويو. هن امن ميلي ۾ مسعود فقير جو جيستائين وس هليو هن جي ڪوشش هئي ته پوري ملڪ مان ماڻهو پهچن سو، هريپور، ڪوئٽه، قلات، اسڪردو، لاهور، فيصل آباد، گجرانولا، اسلام آباد، معنيٰ هي پوري ملڪ جي سوچڻ سمجهڻ واري خلق هئي. تڏهن مسعود ڏانهن ۽ هن تي سنڌ ۾ ٿيندڙ تنقيد وارو سوال به ذهن ۾ اٿيو. هن ماڻهو پوري ملڪ کي اتي ڀيڙو ڪيو هو. اتي امن ڪانفرنس به ٿي. جنهن ۾ مولوي نيڪڻ فقير ٿري ڏور جهونگاريو ۽ وري مولوي گهمرو ڏئي ڳالهه ڪئي ته هي ڏورو انهي ڪري جو هتي سڀ اهي ذاتيون ويٺيون آهن جيڪي سنڌ جون آهن.

مڱريا، مهر، ڀيا، خير هي سنڌ ئي آهي. اتي هڪڙي لاهور مان آيل ڪهاڻيڪاره چيو هوته هتي اچڻ کان اڳ ۾ آئون پنهنجي دماغ جي ان باڪس کي خالي ڪري آئي آهيان. ڪمال جي ڳالهه انيتا شاه به ڪئي ته سرائڪي ٻولي کي سنڌي الفا بيٽ ۾ ئي لکي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. انهي ڪري انهي کي سنڌي ۾ لکيو وڃي. هڪڙي لمحي سڀ فريد جي جهوڪ ۾ هڪ ٿي ويا هئا. وحدت وارو رنگ سڀني تي چڙهي ويو هو. انهي امن ڪانفرنس مان ٻاهر نڪتاسين ته بس حق فريد حق جا آواز گونجي رهيا هئا. حق فريد سچ فريد چوڏسا وجد واري ڪيفيت هئي. هي جهوڪ فريد هئي، راڻا جتي روح رمز ۾ هو. بس چوڏسا فريد جي ڪافين تي هرڪو رقص ۾ هو، هي اهو رقص ڪونه هو جيڪو يڪتاري ۽ چپڙي وارن سنڌي فنڪارن جي اڳيان ڳاڙها لسڙا ڇوڪرا ڪندا آهن.

هي رقص درويش جي ٿلهي جو هو. جهومر ناچ ڪندڙ هي فريد جا غلام هئا. جهومر ناچ گول دائري ۾ ڍول جي ٿاپ تي پر انهي ۾ به فريدي رنگ هجي ته ٿيندو، جيڪو هجوم مان اچي انهي دائري ۾ اچي شامل ٿئي. وري ٿوررو پريان طبلي تي به ناچ، عجيب سماع هو. اتي ڪوئي اڪيلو پئي پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي نچيو. تصوف ۾ ناچ جي وڏي معنيٰ آهي. هو پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي نچندڙ سهڻو ڇوڪرو ڪيئن نچي رهيو هو، مونکي لڳو يار نه ايندس ڀلي مُرين مان رت ٺينڍيون ڪري وهي هلي. پر هن جي پيرن نچڻ نه ڇڏيو گهنگهرو ڪونه ٽٽا.

پريان هڪڙو ٻيو ڇوڪرو اهو به نچيو پئي. هن جا وار عورتن جي وارن کان به وڏا هئا. هن ته مرڳو حق فريد سچ فريد ڪري پنهنجي هڪڙي ٽنگ ڪنڌ تان ورائي پوءِ هڪڙي پير تي نچڻ شروع ڪيو. بس گهڙي کن لڳو آئون اتي پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي واري تي عمر ڀر لاءِ نچڻ شروع ڪريان. اڃا اتي ئي بيٺو هئس ته اها چيني عورت جنهن هتي هڪڙي پوڙهي پنجابي سان شادي ڪئي آهي اهو جوڙ به اچي پهتو. پوڙهي ٻڌايو هڪ ته آئون هن جي ٻولي سمجهي ويندو آهيان پر اسان جو عشق ايستائين آهي جو هن جي چهري کي ڏسي ٻڌائي سگهان ٿو ته هي ڇا پئي سوچي.

اتي ئي پريان هڪڙو چونئرو ٺهيل هو پر اهو پاڻ واري ٿر جي چونئرن جهڙو خوبصورت نه هو. اتي پاسي ۾ جيف سمال گرانٽ وارن جا ڊسپلي سينٽر هئا، جتي هرڪا شئي ڊسپلي ٿيل هئي. شام جو وري انهن ئي اسان جي خيمن اڳيان گهوڙن جي ڊانس هئي. هي سڀ منهنجي لاءِ پهريون ڀيرو ۽ نئون هو. مون گهوڙن جي ڊانس هن کان اڳ۾ ٻڌي ضرور هئي پر ڏٺي نه هئي. پنجن ڇهن گهوڙن ڊانس ڪئي، رڳو مهار جي ڪاريگري هئي. پٺيان هڪڙو همراه ٽاٽ کڻي بيٺو هو. جي ڪنهن گهوڙي ڪا اڙي ٿي ڪئي ته هن ٽاٽ ٺڪا ٿي ڪرايو. وڏي ڪاريگري سوار ۽ ڌني جي هئي. انهي کان پوءِ هڪڙي رسم هئي “ڪُٽي ” جي جنهن کي پاڻ مهاٽيل ماني چئون انهي جي. اتي جي ماڻهن جي هٿن ۾ مهاٽيل ماني جا ٿالهه ڀريل هئا ۽ ڪجهه ٿالهن ۾ پٽڪا رکيل هئا.

اٺن جو وڳ به اچي بيٺو، اٺن کي ڏسندي مونکي اٺن جي ويهڻ واري جڳهه کي جهوڪ چوڻ به ذهن تي اچي ويو. اتان اهو قافلو اٺن تي چڙهي گادي نشين جي اڳواڻي ۾ روانو ٿيو. اسان تي وري چترو هميشه وانگر مهرباني ڪئي جو گاڏي ۾ ويهاريو نه ته اوستائين ڪاڙهي ۾ واري جو پنڌ ڪري ته وڃون ها پر چتري قرب ڪيو. وڏو هجوم هجي ڪافي ماڻهو اٺن تي چڙهيل هئا. گهڻا پنڌ ڪجهه وري گاڏين ۾ اتان اهو قافلو ۽ ڪُٽي ۽ پٽڪن وارا همراه ڪنڊي وٽ پهتا. جتي گادي نشين آيل ڪافي مهمانن کي پٽڪا ٻڌايا ۽ فريدي ٽوال ڪلهي ۾ وڌا، تبرڪ طور اها ڪُٽي ماڻهن ۾ ورهائي وئي. اتان اسان وري ميلي ڏانهن وياسين جتي سرڪس وغيره هئا.

اتان چڪر لڳايو سين گرهوڙن جو تيل پئي وڪرو ٿيو. اتي ئي گرهوڙا ڪهي پيٽ چيري انهي مان وه ڪڍي گئس واري چلهي تي گرم ڪري عطر وارين ننڍڙين شيشين ۾ ڀري پنجاه روپيا شيشي ٿي ڏنائون، سوين گرهوڙا پيا هئا. اتان ڪاڪي اسحاق پنهنجي لاءِ ڦوٽو اسٽوڊيو تي اسان سڀني سان گڏجي ڦوٽو ڪڍرايو. ورندي واپس خيمن ڏانهن ايندي پنڌ هئاسين، ميلي جا مزا جهڙا هوندا آهن اهڙا ئي هن پاسي. بس پوءِ واپس پهتاسين ته چترو چيو بابا هاڻ واپس ٿا هلون سو واپس ورياسين.

هڪڙو ڪوٽ دراوڙ ڪونه گهمي سگهياسين، دل ۾ رهجي وئي. مُلي ۽ چاچي اسحاق کي مون چيو به سهي هاڪڙي تهذيب جو بنياد ته ڏسون، ٻيو اتي ڪٿي ئي هاڪڙي جو پيٽ هجي ها-ڪونه ڏسي سگهياسين. باقي روهيلا ۽ ٿريا ساڳيا بس پٽڪي جو ڀير ٻيو ۽ گوڏ ٻڌڻ جو طريقو. اسان انهي رات حق فريد سچ فريد ڪري نڪتاسين سج اچي موري ۾ اُڀريو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو