Home / اسپيشل افيئر / سنڌي وڏيرن جي سي بي اي يونين ۽ WhatsApp جنريشن!
above article banner

سنڌي وڏيرن جي سي بي اي يونين ۽ WhatsApp جنريشن!

مظهر

march A 15-2015  16

پنجاب جو خادم اعلي حبيب جالب جو اهڙوئي غلط استعمال ڪري رهيو آهي جهڙو سرمائيدار دنيا چي گويرا جي تصوير جو ڪري رهي آهي. هر حرامپائيءَ تي چي جي تصوير ڇپيل آهي. مغربي ملڪن ۾ نوجوان چي کي اسٽائيل آئيڪان سمجهن ٿا. اڄ جي زماني ۾ سندس آئيڊيالاجيءَ جي گهڻن کي خبر ڪانهي. يورپ ۾ ڪيل هڪ سروي مطابق گهڻن نوجوان ماڻهن جو خيال هو ته چي شايد ڪنهن زماني جو ڪو مشهور فٽبالر هو!

اسان سان به ته ساڳي صورتحال رهي آهي. ڪجهه ورهيه اڳ تائين اسان وٽ به ته ماڻهن پنهنجي مقامي ليڊرن کي چي گويرا ۽ ابوجهاد سڏڻ شروع ڪيو هو باوجود ان جي ته بدلجندڙ زمانن ۾ نه رڳو چي جي آئيڊيالاجي پر سندس پنهنجي شخصيت سوال جوڳي بڻجي وئي آهي. اهو به ته چي گويرا هو جنهن ڪيوبا ۾ ليبريونينز کي غيرقانوني قرار ڏنو ۽ پنهنجي زماني جي ميوزڪ تي اهو چئي بندش وڌي ته اهو سرمائيداراڻي نظام جو ترجمان ميوزڪ هو.اهو چي گويرا جنهن 1959 ۾ اخبارن ۽ رسالن تي بندش وجهڻ وقت اهو سبب ٻڌايو ته :“We must eliminate all newspapers. We cannot make a revolution with free press.”

1962 ۾ پاڻ فرمايائون ته:

“We executed many people by firing squad without knowing if they were actually guilty. At times, the Revolution cannot wait to conduct investigations.”

سرمائيدار دنيا گانڌيءَ جو به اهو حشر ڪيو آهي. ڪجهه ورهيه اڳ تائين ايپل ڪمپنيءَ جي اشتهار ۾ يوگا جي آسڻ ۾ ويٺل گانڌيءَ جي تصوير ان ميسيج سان ڇپيل هوندي هئي ته “Think differently!”۽ چي اهو ٻڌي پنهنجي قبر ۾ ڪيترا پاسا ورائيندو ته سندس سمبال بڻجي ويل ڳاڙهي ٽوپي راڪ اسٽار فلم جا هيرو يا مرڳو زيد حامد جهڙا ماڻهو پايو پيا هلن.

هي هڪ الميو به آهي ۽ ساڳئي وقت ان ڳالهه جو اشارو به ته وقت گذرڻ سان ماڻهو ۽ تاريخ ڪيڏي خطرناڪ حد تائين irrelevant۽ مسخ ٿي ويندا آهن ۽ ڪن صورتن ۾ پنهنجي حقيقت جي بلڪل ابتڙ فينامينا جا استعارا بنجي ويندا آهن. سنڌ ۾ ته وري به اڪثريت اهڙي آهي جيڪي شاهه لطيف کي انقلابي شاعر سمجهن ٿا پر پنجاب ۾ اهڙن ماڻهن جي اڪثريت آهي جيڪي بلهي شاهه کي پير، مرشد يا مذهبي مبلغ سمجهن ٿا. مون ڪيترين جاين تي بلهي شاهه جو ذڪر سرسيد احمد خان جي ذڪر سان گڏ ٻڌو آهي. پنجاب جي انقلابي سوچ جي اڏام اشفاق احمد جهڙن ڪنفيوز بابن تي انت ڪري ٿي جنهن جو چوڻ هو ته ”مانني ڪي لئي جاننا ضروري نهين هي!“

ستر جي زماني کان آمريڪا جي باري ۾ هڪڙو narrative هلندو پيو اچي ته ”آمريڪا اهو جيڪو انقلاب جو دشمن آهي.“دلچسپ زمانا اچي ويا آهن. سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ اهي مذهبي ڌريون به هاڻي آمريڪا جون مخالف ٿي پيون آهن جيڪي اڳي ان کان ڊالر وٺي تحريڪون هلائينديون هيون. پاڻ ڊالر وٺي جهاد ڪندڙن تازو يو ٽيوب تي جنرلن خلاف ساڳيءَ ڌن ۾ گانو رليز ڪيو آهي ته: ”بڙا جنرل بنا ڦرتا هي، ڊالر لي ڪي لڙتا هي!“

جيڪڏهن ڏسجي ته پختون قوم پرستن پنهنجي موقف ۾ تبديلي آندي آهي ته ملائيت جي مقابلي ۾ آمريڪا وري به هڪڙي پروگريسو قوت آهي. البته پنجاب جا کاٻا توڻي ساڄا پاڻ ۾ ڪتن وانگر وڙهيل هجڻ جي باوجود پنهنجي پنهنجي سببن جي ڪري آمريڪا کي گاريون ڏين ٿا. بلڪه حقيقت ته اها آهي ته ٻنهي وٽ هڪ ئي سبب آهي ته آمريڪا هن خطي ۾ چوڌري چراغ دين جي هڪ هٽي ۽ نيو رنجيت سنگهه ازم لاءِ خطرو آهي. سموري ترقي پسند سوچ جي باوجود پنجاب جي کاٻن جي اها بهرحال خواهش آهي ته نئين زماني ۾ رنجيت سنگهه جي راڄ جي جيڪڏهنexpansionٿي ئي وئي آهي ته اها هاڻي برقرار رهي. پر اهو ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته 1970 جي زماني ۾ fossilized ٿيل سنڌي انقلابي ليڊرشپ اڄ به پراڻي زور شور سان آمريڪا کي گهٽ وڌ چوي ٿي. تبديلي البته اها نظر اچي ٿي ته ايم ڪيوايم جي ڳڙهه نائين زيرو تي ڇاپو هڻڻ واري عمل تي چيو ويو ته اسان کي رينجرز تي فخر آهي. يا پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميچ کٽڻ تي قومپرست ليڊرن به ”قومي ٽيم“ کي واڌايون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. خبر ڪانهي ته هي رڳو Tactics جي تبديلي آهي ۽ يار engagement ۾ وڃي رهيا آهن يا مرڳو نظرئي ۾ ئي نائنٽي ڊگريءَ جو ڦيرو آيو آهي.

سمجهيو وڃي ٿو ته هن وقت سنڌ جي ڪاٿو ڪيل آباديءَ جو لڳ ڀڳ 56 سيڪڙو نوجوان ماڻهن تي ٻڌل آهي. سنڌ جي ميڊيا جي ڦهلايل شعور جي ڌاڪ پري پري تائين ٻڌجي ٿي پر اهڙو ڪوبه سروي موجود ڪونهي جيڪو اهو ٻڌائي ته سنڌ ۾ نوجوان ماڻهن جو ڪيترو تعداد اهڙو آهي جنهن کي ون يونٽ، کهڙي، حيدربخش جتوئي ۽ هاري تحريڪ جي خبر آهي. سروي ٿئي ته پتو لڳي ويندو ته 36 يا ان کان گهٽ ورهين جي عمر جي ماڻهن مان ڪيترا اهڙا آهن جيڪي 1971، مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽي، غفار خان، ولي خان ۽ جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد جي اهم پاسن کان واقف آهن. انهيءَ پسمنظر ۾ پاڪستان جي پيپلز پارٽي پنهنجي باني ذوالفقار علي ڀٽي جي ورسي ملهائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي ته پڇي سگهجي ٿو ته اڄ جي نوجوان سنڌي ماڻهن کي ان شخص جي باري ۾ ڪيتري خبر آهي؟ هڪ نوجوان کان مون جڏهن پڇيو ته هن ابتو مون کان سوال ڪيو ته ”توهين ان ڀٽي جي باري ۾ پڇي رهيا آهيو جنهن لاءِ چون ٿاته آج ڀي ڀٽو زندهه هي؟“ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌي ماڻهو ۽ خاص طور تي سنڌي عورتون اهو پڇن ته: ”بينظير ڪهڙي؟ انڪم سپورٽ واري؟“

نه رڳو پيپلز پارٽيءَ تان سياسي سڃاڻپ جي سڃائيءَ جو دور گذري رهيو آهي پر قومپرستن سان ته ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال آهي. ايندڙ ڏهن ورهين کان پوءِ WhatsApp جنريشن کي اهو سمجهائڻ ڏکيو ٿي پوندو ته جيڪڏهن جي ايم سيد پاڻ پاڪستان ٺاهيو هو ته پوءِ اڳتي هلي ان جي مخالفت ڇو ڪيائين؟ ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪن اهڙا ”هلڪٽ سوال“ پڇڻ شروع ڪيا ته ڇا مسجد منزل گاهه واري فساد ۽ ايوڌيا يا گجرات واري فساد پٺيان ساڳي نوعيت جي ذهنيت ڪارفرما ڪانه هئي؟ ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هاڻي جڏهن اهي سياسي ورڪر ئي مري کپي ويا آهن جيڪي تاويلون ٺاهڻ جا ماهر هئا، ته هاڻي اهڙن سوالن جون وضاحتون ڪير ڪندو؟

پر شايد معاملو قومپرست پارٽين لاءِ وڌيڪ آسان ٿيندو پيو وڃي. نئين نسل جي سوال پڇڻ جي صلاحيت بهتر ٿي آهي ۽ I.Q به سڌريو آهي پر نئون نسل هاڻي پراڻن سياسي ڪارڪنن کان سوال پڇڻ بدران گوگل کان پڇي وٺي ٿو. نئون نسل هاڻي پراڻن معاملن تي سوال پڇڻ بدران نون مامرن تي سوال پڇي ٿو جن جا جواب پراڻي ۽ رٽائرڊ سياسي ورڪر وٽ آهن ئي ڪونه. ان صورتحال تمام تيزيءَ سان سنڌ ۾ هڪ زبردست قسم جو سياسي disconnect پيدا ڪيو آهي. ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جي قومپرست سياسي جماعتن وٽ هاڻي ڪوبه businessڪونه بچيو آهي.

رڳو پيپلز پارٽي ئي نه هر شعبي ۾ ”وڏڙن جون نشانيون“ موجود آهن جيڪي ايندڙ ويهن ورهين ۾ گم ٿي وينديون. ”انقلاب جي باقيات“ جو خاتمو به ويتر نئون خلا پيدا ڪندو. هاري جدوجهد تي ڪتاب ريڙهي تي به ڪونه ملندا. اڳي ”لکي لکانو، پڙهي الهانو“ واري صورتحال هئي. هاڻي لکڻ وارو لکانو به ڪونه رهندو ۽ جي لکاني لکيو ته پڙهندو به لکانو جو نئين زماني جو الهانو لکاني جي ليک پڙهڻ بدران ٽوئٽر تي ڪنهن سيليبرٽيءَ کي فالو ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته چئن صفحن واري چيٿڙي جهڙيون اخبارون بلڪل ئي گم ٿي وڃن ۽ بيڪرين وارن جا چينلز مصالحا چينلز ۾ تبديل ٿي وڃن. سنڌي ماڻهن جو ڪجهه خرچ بچي وڃي، اهي نوان شوق پالڻ شروع ڪن. ”تنهنجو نصيب ٺهي وڃي، منهنجو به قرض لهي وڃي!“

پر وڏي تبديلي ان ڪري ويجهڙ ۾ اچڻ ممڪن ڪانهي جو سنڌ جي ٽيڪس چور زميندار شاهي زراعت جي non-profitable هجڻ جو narrative جاري رکندي پنهنجي زرعي سرمائيداري ۽ غلام داري کي قائم رکندي.سنڌي وڏيرن جي collective bargaining agent سي بي اي جماعت پيپلز پارٽي ان غلام داريءَ کي قائم دائم رکڻ لاءِ رنجيت سنگهه کي پنهنجون خدمتون پيش ڪندي رهندي. سولي سنڌيءَ ۾ اهو ته نارا ڪينال تي ستر هزار مشينون رات ڏينهن وڏيرن جي زمينن ڏانهن پاڻيءَ جو رخ موڙينديون رهنديون، زرعي زمين مسڪين ماڻهن ۾ ڪانه ورهائي ويندي،۽ سنڌ اندر سڀ کان وڏي سائيز ۾ موجود اها واحد ملڪيت ٿورن ماڻهن جي ئي قبضي ۾ رهندي جنهن جي نتيجي ۾ غريبيءَ جي سائيز فقط وڌندي ئي رهندي. مارڪس جي نظرئي موجب ”پيداواري لاڳاپا“ تبديل نه ٿيندا ته سنڌ ساڳي رهندي جنهن ۾ ماڻهن جا ڌڻ وڏيرن جي اوطاقن تي بيٺل رهندا يا سندن لينڊڪروزرس پٺيان ڊوڙندا رهندا. ۽ ”محترمه بينظير ڪارڊ“سنڌ جي غلام ماڻهن کي هڪ درجو اڃا هيٺ آڻي فقير به بنائيندو رهندو.

ان منظرنامي ۾ WhatsApp جنريشن پنهنجي دائري ۾ سنڌي دانشور جي لفظن ۾ ”ويڳاڻپ جو شڪارڇو نه رهي. ڪيڏو نه سڪون آهي موبائيل اسڪرين تي ”چٽيان ڪلائيان وي……“ يا ”دنيا پتل دي“ جون وڊيوز ڏسڻ ۽ فارورڊ ڪرڻ ۾!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو