Home / سنڌ افيئر / سنڌ جو ڪوهستان بدترين ڏڪار جو شڪار!
above article banner

سنڌ جو ڪوهستان بدترين ڏڪار جو شڪار!

رمضان شورو

ڪوهستان هن وقت ٿر جيان تاريخ جي بدترين ڏُڪار جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن ڪيترن ئي انساني ۽ ماحولياتي المين کي جنم ڏنو آهي. ٿر، ڪوهستان ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ايندڙ تازي ڏڪار ۽ ان سبب ٿيندڙ جاني نقصانن حڪومت جي حڪمرانيءَ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. ڏڪاريل ڏيهه جي غربت، بک، بيروزگاري، بيوسيءَ جي جهان ۾ رهندڙ انسانن، جانورن ۽ پکين جي موت سبب ٿيندڙ سنگين صورتحال قدرتي آفت چئجي يا وس وارن ۽ حڪمرانن جي غلط اقتصادي پاليسي، غير منصفاڻي وسيلن جي ورڇ، بد انتظامي يا سياستدانن ۽ ڪامورن جي سنگدلي، ڪرپشن يا نا اهلي؟ ڪنهن وزير مشير ۽ ذميوار ڪاموري کان جڏهن ڏڪاريل ڏيهه جي حالتن بابت سوال ڪجي ٿو ته اهي موسم جي خرابي، پاڻي جي کوٽ، برساتن جو نه پوڻ، ويم ڪرائڻ جا فرسوده طريقا استعمال ٿيڻ وغيره جو عذر ڄاڻائي ڄڻ آزاد ٿي وڃن ٿا، بنا ڪنهن سوچڻ جي ته اهي سهولتون پهچائڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ويم يا علاج جون جديد سهولتون مهيا ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ڏڪاريل ڏيهه جيڪو کارو ۽ ٻاڙو پاڻي استعمال ڪن پيا (جيڪو تمام نقصان ڪار آهي) ان جو نعم البدل مِٺو پاڻي پهچائڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ڇا اها ڪا راڪٽ سائنس آ، جيڪا ذميوارن کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي؟ هن سائنسي دور ۾ پاڻي پهچائڻ ڪو مسئلو آ؟ نوري آباد جي صنعتي علائقي کي جڏهن پاڻيءَ جي ضرورت پئي ته ان لاءِ جهمپير جي ويجهو ڪينجهر ڍنڍ مان اربين روپين جي لاڳت سان زبردست قسم جي واٽر سپلاءِ لائين ٿورڙي وقت اندر پهچائي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني علائقي ۾ لينڊ ڪروزر گاڏيون ڊوڙندي نظر آيون، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته نئين آباد ٿيندڙ شهر بحريه ٽائون لاءِ ڪينجهر ڍنڍ مان اربين روپين جي لاڳت سان ڪينجهر مان واٽر سپلاءِ لائين کڻي وڃڻ لاءِ سروي ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن اهڙا واٽر سپلاءِ جا ميگا پروجيڪٽ وڏن ماڻهن لاءِ اربين کربين روپين جي لاڳت سان ٿورڙي وقت اندر هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪري ڏئي سگهجن ٿا ته ڪوهستان جي غريب ۽ ڏڪاريل عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ انهن ئي واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن ۾ ٿوري ڦير ڦار سان واڌارو ڪري ضلعي ٺٽي ۽ ضلعي ڄامشوري جي ڪوهستاني علائقن کي ٿورڙي لاڳت سان پاڻي پهچائي سگهجي ٿو. پر هتي نيت جي خرابي ۽ ڪميشن خوريءَ جي حوَس واسطيدارن ۽ لاڳاپيل ادارن کي اهو ڪرڻ نٿي ڏي.

march B 40 15

سنڌجي ڪوهستاني پٽي هن وقت ٿر جيان بک ۽ بدحاليءَ سميت ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي. ڪراچيءَ جي گڏاپ، ڪاٺوڙ ۽ ڪنڊ جهنگ کان وٺي ٺٽي، ڄامشوري، دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي علائقن تي مشتمل جابلو پٽي جو وسيع علائقو ڊولو مائيٽ، لائيم اسٽون، ڪوئلي، گئس، تيل، ڪِلي، چرولي، ميٽ سميت اعليٰ قسم جي پٿر، ريتي ۽ بجريءَ وغيره سان مالا مال آهي، جن جو صوبي توڙي ملڪ جي معيشت ۾ خاصو حصو آهي. هاڻي ته ٺٽي ضلعي ۾ هزارين ميگاواٽ بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ جمهپير واري جابلو علائقي ۾ ونڊ ملز لڳايون پيون وڃن، جنهن سان ايندڙ ڪجهه وقت اندر ڪافي حد تائين مُلڪ ۾ بجليءَ جي کوٽ وارو مسئلو حل ٿي ويندو. پر انهن سڀني نعمتن جي باوجود به سنڌ جي هن جابلو پٽيءَ کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي. برساتون نه ٿيڻ ۽ زرعي فصل (باراني زراعت، جنهن ۾ جوئر، ٻاجهر، گوار، تر، مڱ وغيره ٿين ٿا) نه ٿيڻ جي ڪري غذائي کوٽ به پئدا ٿي وئي آهي ۽ ظاهر آهي ته جتي غذائي کوٽ هوندي اُتي ته خطرناڪ بيماريون به پکڙبيون. ٿر ان ڳالهه ۾ ڏاڍو خوش نصيب آهي ته اُتي گهٽ ۾ گهٽ مرندڙ ٻارڙن ۽ ماڻهن جي رپورٽ ميڊيا تي رپورٽ ٿئي پئي پر ڪوهستان ۾ مرندڙ ٻارڙن ۽ ماڻهن جي رپورٽ ئي نه پئي ٿئي. اعلانيل امدادون خبر ناهي ته ڪيڏانهن پيون وڃن پر آفت سٽيل علائقن لاءِ جيڪي اُپاءَ ورتا ويندا آهن، انهن جو نالو نشان ناهي ۽ هيل تائين ڪا اميد به ناهي. ان ڪري جو ٿر ۾ امداد جي نالي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، بدعنواني ۽ بيحسي اسان جي سامهون آهي. ڪروڙين روپين جو منرل واٽر حڪمرانن طرفان صرف فوٽو سيشن نه ٿيڻ جي ڪري گُدام ۾ پئي پئي خراب ٿي ويو ۽ ماڻهن ۾ ورهائجي نه سگهيو. ابتو پنهنجي نا اهلي لڪائڻ لاءِ چيو ويو ته ماڻهو منرل واٽر نٿا پيئن، پاڻي هاريو صرف بوتل رکيو ڇڏين. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ جيڪا ڪڻڪ ورهائي وئي اها به مٽي مليل، سڙيل بدبوءِ واري. 50 ملين کان به وڌيڪ دوائن لاءِ مليل پئسن مان دوائن بدران مختلف آفيسن لاءِ اعليٰ قسم جو فرنيچر ۽ اي سيز خريد ڪيون ويون. جن جو اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس به هلي پيو پر يقينن ان ڪيس جو حشر به “ڏنو پٽ ڇُٽي جو” وارو ٿي ويندو. موبائيل ڊسپينسريون ايئرڪنڊيشنڊ هئڻ سبب مختلف ڪامورن جي سير سفر ۾ مصروف آهن. ڪروڙين، اربين روپين جي لاڳت جا آر او پلانٽ ڏيکاري، انهن جي افتتاح تي به ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا. پر مٺي، عمر ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏيپلو وغيره جي پائپ لائينز جي بحاليءَ لاءِ ڪي به اُپاءَ نه ورتا ويا. تعليم جي نالي ۾ ٿرياڻي نياڻي آسو ٻائيءَ پاران رضاڪارانه طور سالن کان قائم اسڪول جي وزٽ ڪري، ان سان سرڪاري نوڪري، اسٽاف وڌائي ڏيڻ ۽ بلڊنگ وغيره ٺاهي ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا، پر نتيجو اهوئي ته “اهو واعدو ڪهڙو جو وفا ٿئي”.

ڪوهستان ۾ ته صحت ۽ تعليم جي صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. اسپتالون ته بلڪل نه هئڻ جي برابر آهن. هاڻي پي پي ايڇ آءِ پاران ڪجهه هيلٿ ڊسپينسريون کوليون ويون آهن، پر جيئن ته ڪوهستان جي انساني آبادي پري پري ۽ ڏتڙيل پکڙيل آهي، ان ڪري جيڪڏهن هن علائقي ۾ موبائل هيلٿ يونٽ قائم ڪيا وڃن ته وڌيڪ فائديمند رهندا. تعيلم اڳ ئي پوري ساري پر ڏڪارن هيڪاري رهي سهي ڪثر پوري ڇڏي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آءُ هڪ اداري سان گڏ ڪوهستان جي ڪجهه علائقن ۾ ويس. جنهن ڪلاس پنجين ۽ اٺين جا امتحان پئي ڪرايا، ته سٺ کان ستر سيڪڙو ٻار غير حاضر مليا. پڇڻ تي خبر پئي ته انهن ٻارڙن جو وڏو انگ تازو ٿيل سالياني امتحان ۾ به نه ويهي سگهيو. ڏڪار سان جتي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي، اُتي چوپايو مال جيڪو هتي جي ڪاروباري وهنوار جو اهم جز آهي به سخت متاثر ٿئي ٿو. ڪوهستاني پٽيءَ ۾ لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال (جن ۾ گهڻائي رڍن ۽ ٻڪرين جي آهي) آهي، جيڪو سوڪهڙي سبب سُڪي ويل گاهه ۽ ٻوٽين جي ڪري بک ۾ مري رهيو آهي ۽ بچيل سچيل مختلف بيمارين جي ور چڙهي ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، انهن کي بچائڻ لاءِ نه ته ڪو گاهه ۽ ڏارو وغيره مُهيا ڪري ڏيڻ جي منصوبابندي ٿي آهي ۽ نه ئي هنگامي بنيادن تي وئڪسين ۽ علاج مُعالجي جو ڪو بندوبست ڪيو ويو آهي.

سنڌ جو ڪوهستان حياتياتي ۽ ماحولياتي لحاظ کان به هڪ اهم علائقو آهي، هن علائقي ۾ گورک هل اسٽيشن به آهي ته هنگول نيشنل پارڪ کان پوءِ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو کير ٿر نيشنل پارڪ به آهي. ان کان سواءِ هزارين قسمن جون ٻوٽيون، وليون ۽ گاهه به ٿين ٿا، انهن سڀني کي ڏڪار جي ڪري خطرا درپيش آهن. سائنسي طرح کير ٿر جي ولين/ٻوٽين کي “صحارا-سنڊين بائيوجيوگرافڪس گروپ” ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي آفريڪا جي عظيم صحارا ريگستان کان وٺي انڊيا ۽ سنڌ-پنجاب جي ريگستاني ۽ جابلو علائقن ۾ هڪ ئي وقت ٿين ٿيون، جيڪي چوپائي مال سميت جهنگلي جيوت لاءِ چاري جو ڪم ڏين ٿيون. هن تاريخي ڏڪار ۾ انهن جي ڪيترين ئي جنسن جي ختم ٿي وڃڻ جو خطرو آهي. کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ سرهه، گڊ ۽ هرڻ سميت مختلف جانورن جي ناياب نسلن کي رکيو ويو آهي، جيڪي هن صورتحال ۾ سخت متاثر ٿي مري رهيا آهن. پر حڪومت جيڪا ڏڪاريل ڏيهه ۾ ڏڪار ۽ غذائي کوٽ سبب مرندڙ ٻارڙن جي ملندڙ انگن اکرن کي ئي مڃڻ لاءِ تيار ناهي، اها صحرائي دنيا جي حَسين ترين مخلوق مورن جيان، ڪوهستان جي مرندڙ سونهن لاءِ ڇا ڪندي…؟ يقنن ڪجهه به نه.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو