Home / سياسي افيئر / سنڌ جي قومي سياست جا مختلف لاڙا ۽ تاريخي پسمنظر
above article banner

سنڌ جي قومي سياست جا مختلف لاڙا ۽ تاريخي پسمنظر

سحر گل

[هي مضمون سحر گل جي پي ايچ ڊي ٿيسز تان کنيل هڪ پهلو آهي. هي تحقيقي مقالو گهڻَ-شناختي،گهڻ گِروهي سنڌي سماج جي پرامن جياپي ۽ واڌاري جي امڪانن کي حقيقت پسنديءَ ۽ تاريخيتَ سان ڏسڻ جي هڪ علمي ڪوشش آهي. [

سنڌ جي قومي سياست تي جيتوڻيڪ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي پر اُن جي باوجود به ڪيترن ئي پاسن کان ان تي تجزياتي طور لکڻ جي وڌيڪ اهميت ۽ گهُرج آهي، خاص طور تي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نه رڳو ان جي مختلف روايتن ۽ لاڙن تي تجزياتي طور لکيو وڃي پر سنڌ جي قومي تحريڪن، قومي سياسي روايتن، لاڙن ۽ محرڪن يا سوچ ۽ فِڪر جي اندازن تي دنيا جي قومي سياست جي نظرين جي روشنيءَ ۾ به ان جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي.

حقيقت ۾، سنڌي قوميتي سياست کي هڪ طرف تاريخي طور حقيقت پسنديءَ سان ۽ ٻئي طرف جڏهن بين الاقوامي نظرين ۽ تجربن تحت ڏسبو، تڏهن ئي انکي جديد نظرين ۽ سرزميني حقيقتُن تحت درست طريقي سان سمجهي ۽ بيان ڪري سگهبو ۽ پرڏيهه ۾ قوميت (Nationalism) جي موضوع تي ڪم ڪندڙ دانشورن ۽ محققن کي به سنڌ جو ڪيس سمجهائي سگهبو.

ان جو هرگز اِهو مقصد نه آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻين ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي مڪمل ۽ حتمي طور ڌاريو ڪري پيش ڪجي يا سنڌين کي هڪ نسل پرست ۽ قومي نرگسيت ۾ ڦاٿل قوم ڪري پيش ڪجي، پر حقيقت ۾ هيءَ تحقيق ان امڪان ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ٿي ته سنڌ جي گڏيل قومي آبادي ۽ گهَڻَ-نسلي سڃاڻپ سنڌ جو قومي حُسن ٿي سگهي ٿي، پر شرط اِهو آهي ته سنڌ جي حقن جي حوالي کان سنڌ ۾ رهندڙ هڙئي گروهه (مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ) رياست ۽ مرڪز آڏو يڪراءِ ۽ يڪ مفاد ٿي سامهون اچن ۽ مرڪز کي اثرائتي طريقي سان مڃائين ته سنڌ هڪ پرامن ۽ گڏيل قومي صوبو بڻجڻ جي راهه تي به هلي سگهي ٿي.

march B 32 15

جيئن ته هي تحقيق سنڌ جي ڪيس جي شهريت (سِٽيزن شپ) جي جديد تصور جي بنياد تي قومي تصور يا گهڻ نسلي قوميتي سماج بابت پنهنجي نوعيت جي پهرين تحقيق آهي، ان کي سنڌي قوميتي سوال تي هڪ نئون ۽ جامع موقف ڪري کڻي سگهجي ٿو، هڪ اهڙو موقف جيڪو گهڻ-گِروهي سنڌ جي سهپ واري صورت کي نه رڳو پيش ڪندو پر انجي بهتر تشڪيل لاءِ مختلف امڪانن کي ڦلهورڻ لاءِ اتساه به ڏياريندو، گڏوگڏ هيءَ تحقيق سنڌ جي گهڻ نسلي گِروهن ۽ مختلف سياسي پارٽين لاءِ هڪ عقلي ۽ سائنسي قسم جو موقف پيش ڪري ٿي.سنڌي قوميتي سوال کي ٿلهي ليکي هنن ٽِن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ۽ ان ئي ترتيب کي بيان ڪندي، ان تحت سنڌ جي قوميتي موقف جي تاريخ جي جوڳي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي:

1. پهريون دور: سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي جدوجهد – 1906-1936ع

2. ٻيو دور: ورهاڱي کان اڳ 1937ع کان 1947ع جو دور.

3. ٽيون دور: پاڪستان اندر سنڌ جي جدوجهد، ون يونٽ خلاف جدوجهد ۽ قومي وجود جي بقا جي جدوجهد. پاڻي، وسيلن ۽ دائمي اڪثريتي حيثيت لاءِ جدوجهد – 2010-1947ع

سنڌ جي موجوده قوميتي موقف (نيشنلسٽِڪ نئريٽِو) کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي ڪيس کي تاريخي طور تي سمجهجي، يعني ان تاريخ جو معاشي، سماجي ۽ سياسي پسمنظر ۾ ڳُوڙهو جائزو وٺجي، ته جيئن اهو واضح ٿئي ته سنڌ جي موجوده قوميتي موقف جي ارتقا پويان ڪهڙا محرڪ رهيا آهن. هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ تي ٻاهرين حملي آورن جون انيڪ ڪاهون ٿيون، ۽ سنڌ جي عوام مختلف دورن ۾ ۽ مختلف شڪلين ۾ ان جي ڀرپور مزاحمت به ڪئي، ۽ اهو سلسلو جيڪو وچ ايشيا کان آيل آرين جي سنڌ تي ڪاهه کان شروع ٿيو هو، اهو سڪندرِ اعظم کان عربن، عربن کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جي دور کان ٿيندو جيتوڻيڪ موجوده دور ۾ پنهنجون شڪليون مٽائي چڪو آهي، پر بدستور هلندڙ آهي. پر سنڌ جي تاريخ جي ويجهي ماضيءَ ۾ قوميتي سوال تي واضح نقطئه نظر تحت جدوجهد 1843ع ۾ سنڌ جي انگريزن هٿان فتح ۽ ان کان پوءِ 1847 ۾ بمبئي سرڪار سان جبري طور ڳنڍجڻ کان پوءِ شروع ٿيندي نظر اچي ٿي، قوميتي نظريي تي لکندڙ قومن ۽ قوميتي حقن جي ماهر اُمُت اورِڪزِيمِليءَ جو قوميتي سُوال بابت اهو خيال درست نه آهي جيڪو هن پنهنجي ڪتاب “قوميت پسنديءَ جا نظريا” (ٿيورِيز آف نيشنلزم)جي پهرئين جملي ۾ ايلي ڪيڊوري جي نقطئه نظر جو حوالو ڏيندي لکيو ته: ” قوميت پسندي هڪ اهڙو نظريو آهي جيڪو يورپ ۾ 19هين صديءَ جي شروعات ۾ وجود ۾ آيو. ان جي ابتڙ منهنجي خيال ۾ قوميتي نظريو ننڍي کنڊ ۾ اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري جُڙڻ شروع ٿي چڪو هو، جنهن جو مثال پهرين سنڌ جي انگريزن هٿان فتح ۽ ان کان پوءِ ان جو بمبئي سرڪار سان ڳنڍجڻ کان پوءِ سنڌ ۾ بمبئي سرڪار سان ڳنڍجڻ تي رد عمل آهي. جنهن کي مان سنڌ جي ماڻهن ۾ قوميتي اُڀار جي اوائلي صورت اختيار ڪرڻ جو دور سڏينديس، جيڪو سنڌ جي بمبئي سرڪار سان جُڙڻ کان پوءِ اُڀري سامهون اچي ٿو. بمبئي سرڪار سان واڳيل رهڻ وارا سنڌ جا 88 سال سنڌ جو اوکو ۽ جبري طور مڙهيل تجربو هو، جيڪو جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي” ۾ ڏاڍي چِٽائيءَ سان قلمبند ڪيو آهي، ان ڪتاب پڙهڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اِهو ته واضح ٿئي ٿو ته اسين ان قوميتي موقف جي جُڙڻ ۽ چٽي صورت اختيار ڪرڻ جا لاڙا انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ ۽ بمبئي سرڪار سان زوريءَ ڳنڍجڻ کان پوءِ ڏسون ٿا، انهن ۾ مجموعي طور قوميت جو احساس، اجتماعي طور تي حق تلفين جي نندا، ۽ حقن ۽ وسيلن جي پائماليءَ جي حوالي کان هڪ جامع قومي موقف جُڙندي نظر اچي ٿو.

حقيقت اها آهي ته ڪابه قومي تحريڪ ڪجهه سببن يا محرڪن تحت، يا انهن سببن ۽ محرڪن جي منطقي نتيجي طور اُڀري ٿي، جنهن جو وڏو ثبوت اهو آهي ته دنيا ۾ قومي تحريڪون دراصل مظلوم ۽ مغلوب قومن ۾ اُڀرنديون آهن ۽ بالادست يا ظالم قومن ۾ قومي تحريڪ جي اُڀرندي به آهي ته اُها گهڻي ڀاڱي فسطائيت يا شائونزم جي صورت ۾ اُڀرندي آهي . ان ڪري ان اُصول تحت قومي تحريڪن جي سببن ۽ اُصولن کي سمجهڻ بيحد ضروري هوندو آهي.

جي ايم سيد، مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب “سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي” جي شروعات ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي قوميتي موقف بابت تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي هزارين سال پراڻي تاريخ بيان ڪري ٿو، ۽ ان تي پنهنجي راءِ به ڏئي ٿو، جنهن مان خبر پوي ٿي ته سنڌ جي قومي تاريخ ڪيتري نه قديم آهي ۽ اُها ڪيترن لاهن چاڙهن ۽ بار بار عروج ۽ زوال جي دورن ۽ تجربن مان گذري آهي ۽ جديد دور جا آيل بحران پڻ انهن جو ئي تسلسل آهن. جي ايم سيد گذريل پنج هزارن سالن جي تاريخ جو حوالو ڏئي ٻڌائي ٿو ته ان قديم تاريخ جا آثار ۽ احوال سنڌ جي تاريخي حيثيت جو ثبوت آهن ”آمريءَ جو دڙو، ڪوٽ ڏيجيءَ جا آثار، موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان نڪتل شيون، ان جي گواهيءَ جا زنده مثال آهن“. سيد ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي رهاڪن جون رسمون ۽ رواج، روايتون ۽ ثقافت گهڻي ڀاڱي ساڳيا رهندا آيا آهن. جن ۾ شامل اهم جُزن ۾ غيرت، رواداري، حب الوطني، مهمانوازي، فراخ دلي، ڪم آزاري ۽ آزاديءَ جي خواهش شامل آهي

جي ايم سيد سنڌين جي سنڌ لاءِ بطور هڪ وطن جي حب الوطنيءَ کي وڌيڪ وضاحت سان هيئن پيش ڪري ٿو:

“حب الوطنيءَ جو جذبو هتي جي اڪثر رهاڪُن جي سرشت ۾ داخل ٿي ويو آهي. جيڪڏهن هتي جا رهاڪو ايران، عرب، يورپ، انڊونيشيا، هندستان وغير ملڪن ۾ واپار يا ٻين ڪمن سانگي پيئي ويا آهن، ته سندن ساڻيهه جي سڪ ۽ وطن جي محبت ڪڏهن به گهٽ نه ٿي آهي، جبل جي رهاڪو جانور سرهه وانگر، جنهن جون اکيون ٻيءَ زمين تي رهڻ جي باوجود سدائين جبل ڏي واجهائينديون رهنديون آهن، تيئن هنن کي به سنڌ کان سواءِ ٻيءَ سرزمين تي سک ڪو نه اچي. وطن جي آزاديءَ جي تڙپ به منجهائن ڪڏهن نه نڪتي آهي. ٻين ملڪن وانگر هي ملڪ به ڪيترائي ڀيرا ڌارين حمله آورن جي قبضي ۾ پئي آيو آهي، جن سندس سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل آزاديءَ جي راهه ۾ پئي رڪاوٽون وڌيون آهن، ليڪن پهرئين موقعي ملڻ تي، سنڌ جي محب وطن ماڻهن ڌارين جي چنبي مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. هتي پارسي، يوناني، عرب، پٺاڻ“ مغل ۽ انگريز شهنشاهن جو ڪجهه عرصي تائين تسلط پئي رهيو آهي، ليڪن باوجود ان جي، سنڌ ملڪ، سنڌي ماڻهو، ۽ سندن ڪلچر اڃان تائين سلامت آهن” (سيد. 1989: 8).

مٿيان جملا سنڌين جي سنڌ کي بطور هڪ وطن جي آزاد رکڻ جي پراڻي خواهش جي نشاندهي ڪن ٿا، باوجود ان جي ته سنڌ مٿان ٻاهريون ڪاهون ٿينديون رهيون آهن، ۽ ڌارين جي ان يلغار ڌرتيءَ جي اصلوڪي آبادي (ڊيموگرافي)، معيشت ۽ ثقافت تي بيحد ڳرا اثر ڇڏيا آهن. پر سنڌيت جو جذبو اڄ به اصلوڪن رهواسين ۾ جيئن جو تيئن قائم آهي. جي ايم سيد جا مٿيان خيال به سنڌين جي پنهنجي ڌرتيءَ سان ان ئي محبت ڏانهن اشارو ڪن ٿا، پر منهنجي خيال ۾ اُها محبت ڪا جامع، پرزور ۽ اهڙي قوت ۾ تبديل نه ٿي سگهي. اهو وطن جنهن جي هزارين سال پراڻي تاريخ تي جي ايم سيد ۽ هتان جا ٻياسياسي ۽ سماجي اڳواڻ فخر ۽ ساڳئي وقت ان جي محڪوميت تي افسوس به ڪن ٿا، ان هزارن سالن جي تاريخ جي بچاءَ لاءِ وٽن ڪا به اجتماعي رٿابندي نه رهي آهي، نه ٻاهرين يلغار کي روڪڻ لاءِ، نه ثقافت ۽ ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ، ۽ نه ئي وري وسيلن جي حق لاءِ جامع ۽ وڏي پئماني تي پرزور تحريڪ لاءِ جيڪا جوڳي حڪمتِ عمليءَ ۽ سُفارتي محاذ تي مهارت سان رياست ۽ دور جي حڪمرانن کي مجبور ڪري، ۽ ڳالهين جي ڏي وٺ (بارگين) ذريعي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ راضي ڪري، ان ڏس ۾ اجتماعي سطح تي اهڙا ڪي مضبوط قدم کنيل نظر نٿا اچن. ان جي ابتڙ هڪ ڇڙوڇڙ ۽ سنهين ٿلهين طاقتن ۽ گروهي سياست جا جلوا حاوي نظر ايندا، جيڪي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته، ڌرتيءَ کي ڪو سياسي ۽ معاشي کٽيو نه کارائي سگهيا آهن. انهن قوتن منجهان ڪي گِروهه قتل عام سان ڌارين جي يلغار کي نيست و نابود ڪرڻ جي ڳالهه ٿا ڪن ته ڪي وري بنهه بي عمل طور تي فقط لفظي ندائن کي ئي وڏو تحرڪ سمجهن ٿا.

اڄ تائين ان سياسي تحرڪ جي جوڳي ۽ گهربل ارتقا نظر نٿي اچي. جيتوڻيڪ ڪجهه گِروهه بيحد سنجيدگيءَ سان تحريڪون هلائيندا رهيا آهن، پر ڳالهه ٻولهه ۽ سياسي دٻاءُ ذريعي ڪيئن رياست کان پنهنجا جائز حق وٺجن، ان ۾ سندن ڪاميابين جو وِچور بنهه مختصر آهي. ان حوالي کان جي رياستَ ڏاڍي رهي آهي، ته قومي سياسي گروهه به پنهنجي سياسي پاليسين، حڪمت عملين ۽ تدبيرُن ۾ ڪي خاص پرزور ۽ اثر انگيز نه رهيا آهن. نه ته 66 سال تمام گهڻو عرصو هجي ٿو ڪنهن به سياسي تحرڪ کي اوج ڏيڻ جو، ان ئي دوران بنگال پنهنجي حقن جي ويڙه وڙهي آزاد ٿي ويو، پر سنڌ فقط پنهنجا جائز حق اڄ تائين نه حاصل ڪري سگهي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي شهريتي سماج کي جيتوڻيڪ ارتقا پذير ڏسون ٿا، سياسي طور تي سنڌ جي سگهاري نمائندگي نه هئڻ برابر آهي.

شهريتي سماج جيڪو سنڌيءَ ۾ سول سوسائٽيءَ جو ترجمو آهي، تنهن جي جديد وصف موجب ان ديس ۾ وسندڙ هر شعبي جا باشعور ۽ ذميوار ماڻهو اچن ٿا، انهن منجهان اڪثريت جي قومي سياست ۽ قوميتي موقف ۾ بلوغت نظر اچي ٿي. پر جيئن ته هڪ جامع ۽ سگهاري سياسي تحريڪ کان سواءِ ڀلي مڙني ليکڪن، دانشورن سميت پوري شهريتي سماج جي گهڻائي گهربل سگهه سان اڳيان اچي، تڏهن به اها پنهنجا حق سولائيءَ سان نٿي ماڻي سگهي، يا گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان جي سياست ۾ ڪنهن اهڙي وڏي سياسي مطالبي جو ڪنهن طاقتور ۽ عوامي سياسي تحريڪ کان سواءِ پوري ٿيڻ جو اهڙو ڪو مثال نٿو ملي. ان ڪري انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان تُرت پوءِ ته سنڌ جي قوميتي موقف جي سگهه جُڙڻ شروع ٿي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ۽ ويندي هاڻي تائين اها ڄار ۾ ڦاسي، پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ گهربل عوامي طاقت حاصل نه ڪري سگهي آهي، نه رڳو اهو پر قومي سياست ڪندڙ سياسي پارٽين جي اڳواڻن منجهان ڪيترائي آهن جيڪي ظاهري طور تي ته مختلف ڌڙن جي اڳواڻي ڪندا نظر ايندا آهن، پر اندروني طور تي انهن جو ڳَٺُ جوڙ رياستي ادارن سان هجي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جا مسئلا جائز هوندي به انهن جي جوڳي تدارڪ لاءِ اهڙين پارٽين جو ڪردار ٻُڙي رهيو آهي. ويندي انهن قومي تحريڪ کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي. سو سنڌ جي سياسي ۽ معاشي مسئلن جو جيئن جو تيئن رهڻ ۽ جائز حقن جي حاصلات ۾ دير جو سبب رڳو اهو نه آهي ته رياست اهي حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، پر ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته قوميتي موقف جا علمبردار گهربل تنظيمي ۽ عوامي سگهه سان سامهون نه آ يا آهن.

سياسي پهلوءَ کان سواءِ جيڪڏهن ٻئي پاسي سنڌ جي ثقافت (ڪلچر) جي ڳالهه ڪجي ته منهنجي راءِ موجب ان حوالي کان به گهربل قومي سماجي سگهه جي کوٽ نظر آئي آهي. مثال طور هڪ ته تاريخي طور تي مسلسل ۽ مختلف ڪاهُن ڪري، سنڌ سدائين پنهنجي اصل ۾ نون داخل ٿيل ماڻهن ۽ گُروهن جا تهذيبي ۽ ثقافتي اُهڃاڻ جذب ڪندي آئي آهي، ان ڪري نٿو چئي سگهجي ته اُها اصل سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت ڪهڙي هئي جنهن کي اصلوڪو نِجُ نِبارُ سنڌي رسم رواج، روايت ۽ ثقافت چئجي. دنيا جي ٻين سمورين قومن جِيان سنڌي ثقافت به ڏاڪي به ڏاڪي مَٽبي ۽ رُوپَ مٽائيندي رهي آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي ڪابه قوم اهڙي نه آهي، جيڪا تاريخ جي مختلف دورن ۾ انيڪ ڪيفيتي ۽ مقداري تبديلين مان نه گذري هجي ۽ بدستور نه گذري رهي هجي. اِهو لقاءُ فطري آهي ۽ ظاهر آهي ته سنڌ به ان کان بچي نه سگهي پر تاريخ ۾ اِهو لقاءُ اُن وقت خوفناڪ بڻجي ٿو وڃي جڏهن ان تبديليءَ جي عمل جو توازن تاريخ جي اوچتن يا مرحليوار حادثن سبب بنيادي طور ڦِٽي ٿو وڃي ۽ نتيجي ۾ قومون ماڳهين پنهنجا وجود ئي وڃائي ويهن ٿيون.

سنڌي ٻوليءَ جو ئي مثال وٺجي جيڪا انگريزن جي دور کان وٺي هيلَ تائين تبديل ٿيندي رهي آهي، ٻوليءَ جي مٽجڻ جو بيحد حيرت انگيز مثال موجود سنڌي لفظن جي جاءِ تي ٻاهرين لفظن جي ذخيري جو جاءِ وٺڻ آهي. اوهين سنڌين جي اڪثريت کي فقط هڪ سنڌي جملو به نجُ ڳالهائيندي نه ٻڌندئو. ائين ئي ماضيءَ ۾ عرب ۽ فارس جي ڪاهُن جي ڪري اڳ ئي سنڌي ٻوليءَ جي صورت پئي تبديل ٿي آهي، ان حوالي کان ٻوليءَ جي ماهرن ۽ تحقيقي ادارن جي طرفان گهربل ٻولي-رٿابندي (لينگويج پلاننگ) ۽ عملي تدبيرون ڪمزور هئڻ سبب ٻوليءَ کي جيئن جو تيئن پئي تبديل ٿيڻ ڏنو آهي، ساڳيءَ طرح ان مسئلي تي سياسي پارٽين جو ڪو بنيادي زور رهيو آهي. هڪ پاسي خود سنڌي ٻوليءَ جي اختياريءَ واري اداري (سنڌي لينگويج اٿارٽي) جو ڪو اهڙو واضح ۽ اڳڀرو ڪردار نظر نٿو اچي، ته جيئن ٻوليءَ ۾ تڪڙو داخل ٿيندڙ ٻاهرين لفظن جي يلغار کي روڪجي، عربيءَ، فارسيءَ جو امتزاج ته ماضيءَ ۾ ٿيو، پر هاڻي انگريزي جي سنڌي ٻوليءَ ۾ بنهه غيرفطري ۽ غيرمتوازن يلغار کي روڪجي، ٻئي پاسي ٻوليءَ جي صورت جي اهڙي ريت تبديليءَ بابت سياسي پارٽين وٽ ڪا واضح ايجنڊا نه آهي. جيئن ته سنڌ جي قوميتي موقِف ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي حيثيت آهي، ان ڪري ٻوليءَ جو ايڏو تڪڙو روپ مٽائڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته سنڌ جي قوميتي موقفن جي علمبردارن (ڪنهن حد تائين) پنهنجي سگهاري تدبير ۽ حڪمتِ عمليءَ سان موقفن کي ته سامهون آندو آهي، پر هڪ پاسي ٻوليءَ جي تڪڙي ۽ غير فطري تبديلي ۽ ٻئي پاسي آبادي (ڊيموگرافي) جي غير فطري تبديليءَ بابت گهربل اهڙا سگهارا قدم نه کنيا آهن، جيڪي ان غير فطري تڪڙي تبديليءَ کي ٻُنجو ڏئي سگهن. عالمگيريت جي اثر هيٺ تبديل ٿيندڙ دنيا ۽ دنيا ۾ نين ايجادن، کوجنائن ۽ نظرين جي وجود ۾ اچڻ سان نوان اصطلاح به اچن پيا، انهن اصطلاحن کي سنڌي روپ ڏيڻ جي حوالي کان سنڌ جي سياسي پارٽين جي نه ته ڪا گهربل تياري آهي، نه ئي وري اهو موضوع سندن ايجنڊا ۾ نظر اچي ٿو. ان مان اهو ثابت ٿيو ته جيئن بطور هڪ قوم جي ڌرتيءَ کي ٻاهرين يلغار کان نه بچائي سگهيو ويو، تيئن ئي بطور هڪ قوم جي ٻوليءَ کي بچائڻ جا به ڪي اُپاءَ نه ورتا ويا. باقي ڇڙ وڇڙ سياسي قوتن جي سياسي موقفن کي جامع ڪري ڏسبو ته سنڌ جو سياسي ۽ قوميتي موقف پنهنجي مضبوط صورت ۾ نظر ايندو. پر بدقسمتيءَ سان، هڪ پاسي اهو جامع موقف ڪنهن هڪ سياسي تحريڪ جو نتيجو نه آهي، ٻئي پاسي اهڙي ڪا واضح تدبير به سامهون نٿي اچي، جيڪا سنڌ جي ٻين ٻولين ڳالهائيندڙ قوتن، گروهن ۽ پارٽين سان لابيئنگ ڪري هڪ ڪثير جهت سنڌي موقف (پلُورل سنڌي نئريٽِو) سامهون آڻي.

sahar.gul@gmail.com;Twitter @sahargb;

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو