Home / سياسي افيئر / سينيٽ جي چونڊ ۽ سياسي مَتڀيد
above article banner

سينيٽ جي چونڊ ۽ سياسي مَتڀيد

اعجاز علي خواجه

پاڪستان جي سياست ۾ پهريون دفعو سينيٽ جي چونڊن ۾ هڪ اهڙي غير تڪراري سياستدان کي اڳيان آندو ويو، جنهن جي حمايت کان ڪا به پارٽي انڪار نه ڪري سگهي. پاڪستان جون سڀئي سياسي پارٽيون جيڪي سينيٽ ۾ هن وقت موجود آهن انهن ميان رضا رباني جنهن جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، انهي کي سينيٽ جو چيئرمين چونڊي ورتو آهي. اختلافن باوجود به دل تي پٿر رکي ميان نواز شريف، آصف علي زرداري جي ڏنل دعوت ۾ پهچي ميان رضا رباني لاءِ پنهنجي پارٽي طرفان حمايت جو يقين ڏياريو.

ميان رضا رباني هڪ اهڙو بيباڪ سياستدان آهي جيڪو ملڪ جي هڪ اهڙي سياسي پارٽي پ پ سان تعلق رکي ٿو جيڪا اڪثر ڪرپشن ۽ مفاهمت جو شڪار رهي آهي.

ميان رضا رباني ۽ اعتزاز احسن ۽ ٻيا ڪجهه اهڙا نالا آهن جيڪي پارٽي سياست ۽ مسئلن کان بالاتر آهن. اڄ ميان رضا رباني پاڪستان جي هڪ اهم ترين فورم سينيٽ جي چيئرمين شپ تي فائز آهي. ميان رضا رباني جي شهرت ان وقت وڌي ويجهي جڏهن رباني مشهور ايڪهين آئيني ترميم جي پاس ٿيڻ وقت تقرير دوران سينيٽ ۾ روئي ڏنو ۽ پنهنجي مجبوري کي بيان ڪيو. رباني پيپلز پارٽي سان سچائي ڏيکاريندي ايڪهين قانوني ترميم لاءِ ووٽ ڏنو پر پنهنجي ضمير جي آواز کي به لڪائي نه سگهيو.

march A 15-2015

آصف علي زرداري مهارت سان هن دفعي سينيٽ جي چونڊ لاءِ هڪ اهڙو اميدوار رضا رباني جي شڪل ۾ ڏنو جنهن لاءِ ڪير به انڪار نه ڪري سگهيو. ان حد تائين جو عمران خان به تعريف ڪرڻ کان رهي نه سگهيو. آصف علي زرداري پنهنجي سياسي سڄاڻ جي حيثيت سان هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جنهن سندس ۽ پارٽي جي سياسي سگهه ۾ واڌارو ڪندي زرداري هائوس اسلام آباد کي هڪ دفعو وري سياسي مرڪز جو درجو ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

منهنجي رضا رباني سان ملاقات اڄ کان ڇهه مهينا اڳ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي (SZABIST) ڪراچي ۾ هڪ ڪانفرنس دوران ٿي. مون انهي ڪانفرنس ۾ اسٽيج تي ويٺل ميان رضا رباني کان هڪ سوال پڇيو ته ڇا پاڪستاني حڪومتون ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ڏنل روڊ ميپ تي ڪم ڪري سگهيون آهن؟

ياد رهي ته قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي يارهين آگسٽ 1947ع جي مشهور تقرير ۾ ڪجهه مسئلن جو ذڪر ڪيو هو.

قائد اعظم چيو هو ته “پاڪستان کي هن وقت آئين کي ٺاهڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي حاڪميت کي بهتر نموني انجام ڏيڻو آهي. ملڪ هن وقت ڪرپشن، رشوت، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ اقربا پروري جو شڪار آهي”. اڳتي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته “پاڪستان ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي برابري جي بنياد تي حق مليل آهن، ڪو به ذات پات، رنگ، نسل وغيره جو فرق نه رکيو ويندو ۽ هڪ سچو اسلامي معاشرو هوندو”.

بدنصيبي سان قائد اعظم کي زندگي ايترو ساٿ نه ڏنو جو هو پنهنجي زندگي ۾ پاڪستان لاءِ ڏسيل انهي نظريي کي حقيقت جو روپ ڏياري سگهي.

ميان رضا رباني منهنجي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته “پاڪستان اڄ ڏينهن تائين ساڳين مسئلن جي وَر چڙهيل آهي ۽ هڪ سيڪڙو به ڪامياب نه ٿيو آهي”.

ڇا رضا رباني سينيٽ جو چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ انهي هڪ سيڪڙو کان ملڪ کي اڳيان وٺي وڃي سگهندو؟ ڇا پارٽي سياست کان مٿاهون ٿي ميان رضا رباني ڪي حقيقي فيصلا ڪري سگهندو؟

ڇا پاڪستان هڪ سچي فلاحي اسلامي رياست بنجي سگهندو؟

۽ ڇا رضا رباني طرفان پاس ڪرايل ارڙهين ترميم واقعي لاڳو ٿي صوبن کي مليل حق ڏياري سگهندي؟

ميان رضا رباني مان اميد آهي ته هو سڀني پارٽين طرفان ڏنل ووٽ جو مان رکندو ۽ پارٽي سياست کان بالاتر ٿي فيصلا ڪندو. صوبن کي وڌيڪ حق ڏياريندو ۽ قائد اعظم جي ڏسيل واٽ تي 100 سيڪڙو عمل ڪري ڏيکاريندو.

ليکڪ فري لانس جرنلسٽ ۽ گلف نيوز ۾ لکندڙ آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

aakhuwaja1@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو