Home / ڪئپيٽل افيئر / سپريم ڪورٽ معاهدو رد ڪري ڇڏيو بڪتربند گاڏيون گهرائڻ جي نالي ۾ 1-ارب 23 ڪروڙ روپيا هڙپ ڪرڻ جي ڊيل ناڪام
above article banner

سپريم ڪورٽ معاهدو رد ڪري ڇڏيو بڪتربند گاڏيون گهرائڻ جي نالي ۾ 1-ارب 23 ڪروڙ روپيا هڙپ ڪرڻ جي ڊيل ناڪام

A Reporter

پاڪستان جي ڪيترين ئي بدنصيبين سان گڏ هڪ بدنصيبي اها به آهي ته ان جا حڪمران اهي ڊڪٽيٽر هجن يا عوامي، جڏهن اقتدار جو ڇٽ ڇِني يا ووٽن ذريعي تخت تي ويهن ٿا ته انهن جون ترجيحون تبديل ٿي وڃن ٿيون، جيڪي قانون موجود هوندا آهن، هو انهن قانونن جي پوئواري ڪرڻ کي پنهنجي توهين سجمهندا آهن، هو سمجهندا آهن ته هو ئي عقل جا اڪابر ۽ سمورن شعبن جا ماهر به آهن. ان ڪري هنن کي هڪ رات اڳ ۾ سمهڻ وقت جيڪو خيال ايندو آهي، هو ان خيال کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ مشورو ڪرڻ کانسواءِ صبح جو اٿي پنهنجي ييس مين صلاحڪارن آڏو حڪم جاري ڪندا آهن. ڪنهن کي به ايتري همت نه هوندي آهي ته هو “ جهان پناھ” جي حڪم تي اکر به زبان تي آڻين، ڀلي کين خبر به هجي پر هو چاهيندي به ان تي اعتراض نه ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن هنن مشورو ڏيڻ جو جائز حق استعمال ڪيو ته هو “جهان پناھ” جي شنگريلا مان تڙجي ويندا، ان ڪري خاموشي انهن جي تحفظ جو سڀ کان وڏو سامان هوندو آهي.

2013ع جي عام چونڊن جي چونڊ مهم دوران ميان نواز شريف اسلام آباد جي سڀ کان پراڻي مارڪيٽ آبپاره ۾ عوامي جلسو ڪيو ته هن اعلان ڪيو ته هو پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ميٽرو بس هلائيندو،“ ميان نواز شريف کي موٽر وي ۽ ميٽرو بس جي رٿائن جو وڏو شوق آهي، اسڪول ۽ اسپتالن جي تعمير ٿيڻ نه ٿيڻ سان هن جو ڪوبه تعلق ناهي،” ماضي ۾ ميان نواز شريف جي حڪومتن ۾ مالي معاملن جو مشير ن ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ بعد هڪ پروگرام ۾ اسان کي ٻڌائي رهيو هو. “ هن ملڪ ۾ هاڻي اونداهي جا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن، پاڪستان ۾ لوڊ شيڊنگ جو انت اچڻ وارو آهي” ان ڏينهن ميان نواز شريف آبپاره ۾ عوام سان واعدا ڪري رهيو هو. ميان نواز شريف وزيراعظم ٿيو ته هن فوري طور تي ٻه ڪم ڪيا، پهريون ڪم 460 ارب رپيا رپيا گردشي قرضن ۾ ادا ڪيا، ان رقم جي ادائيگي لاءِ قانون جون ڪيتريون گهرجون پوريون ڪيون ويون، ان جا جوابي دليل ته اها رقم ڏيندڙ ناڻِي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار وٽ موجود آهن، پر آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ان تي اعتراض واريندو. تنهن ڪري ان خلاف اڳواٽ گهاٽ گهڙيا ويا جيئن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ آڊٽ پئرا اچڻ کان اڳ ۾ ان کي چلتو ڪجي، پر آڊيٽر جنرل به پير ٻڌي بيهي رهيو آهي، ساڍا چار سئو ارب رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ بعد قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ حڪومت پاران اها دعويٰ ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ هاڻي لوڊ شيڊنگ ختم ٿي ويندي، پر اهو واعدو به حڪمرانن جي ٻين واعدن وانگر هوا ۾ تحليل ٿي ويو، لوڊ شيڊنگ اتي ئي موجود آهي، عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ڪيل رقم گردشي قرضن ۾ ادا ڪئي وئي.

march A 15-2015

ٺيڪ آهي هتي ٿوري دير لاءِ اهو به مڃي وٺجي ته قرض مرض آهي، ان ڪري اهو لٿو چڱو آهي، پر اهو ڪير ثابت ڪندو ته واقعي اهو قرض ايترو ئي هو جيتري ان جي ادائيگي ڪئي وئي آهي؟ ان جو ڪوبه حساب ڪتاب نه ٿيو، ڪجهه بجلي ٺاهيندڙ خانگي ڪمپنيون پنهنجن جون هيون، ان پنهنجن سان حساب ڪتاب جو خفو نه کنيو ويو، جڏهن ته ايڏي وڏي رقم جي ادائيگي لاءِ وفاقي ڪابينا ۾ ان تي بحث به نه ڪرايو ويو، نه قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏيڻ جي زحمت ڪئي وئي، ساڳيو ئي طريقو ميٽرو بس منصوبي ۾ اختيار ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا ۾ اهو معاملو به شامل نه ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ميان نواز شريف وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ ۾ اسلام آباد جي آبپاره چوڪ تي اهو اعلان ڪيو هو، ان ڪري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ ان رٿا تي ڪم شروع ڪيو ويو، ماحوليات تي ان جو ڪيترو اثر ٿيندو ان لاءِ ڪابه عوامي عدالت نه لڳائي وئي ، پر اسلام آباد جي اختيارين 23 ارب رپيا پنجاب حڪومت کي ڏئي ڇڏيا ته اها ئي ان رٿا تي ڪم شروع ڪرائي ، هن وقت پنجاب حڪومت اها رٿا پاڻ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ تعمير ڪرائي رهي آهي، امڪان آهن ته ميان نواز شريف جلد هن رٿا جو افتتاح ڪندو.

سنڌ ۾ به ائين ئي ٿيو آهي، هر اهو ڪم جنهن ۾ کانچو گهڻو آهي، اهي ئي رٿائون شروع ڪيون وڃن ٿيون، سنڌ حڪومت هن وقت پاڪستان جي چئني صوبن مان ڪرپٽ ترين حڪومت طور ڳڻي وڃي ٿي، شديد ترين تنقيد ٿيڻ جي باوجود اها پنهنجي عمل تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ان جو سبب شايد اهو به آهي ته کيس ان ڳالهه جي پڪ آهي ته ايندڙ ڪيترن سالن تائين سياسي طور ڪا به اهڙي ڌر ناهي جيڪا کيس ٺونٺ هڻي سگهي، ان ڪري اختيار ڌڻين کي جيئن مرضي پوي ٿي ائين ئي ڪن ٿا. سنڌ ۾ جيتري ڪرپشن آهي، ان جو ڪيترو حصو سنڌ جي وڏي وزير کي ملي ٿو ان بابت ڪي به اطلاع سامهون نٿا اچن، پر اها خبر اسلام آباد جي اندر ضرور گردش ڪري ٿي ته سائين، “ويچارو” آهي نالي جو وڏو وزير آهي، سنڌ جي اقتدار جون واڳون ٻين جي هٿن ۾ آهن. چون ٿا ته انهن ئي سنڌ ۾ پوليس لاءِ بڪتر بند گاڏيون سربيا مان خريد ڪرڻ لاءِمارچ 2013 ۾ هڪ معاهدو ڪيو هو، اهي گاڏيون هيوي ٽيڪسلا انڊسٽري کان اهو چئي نه خريد ڪيون ويون ته اڳ ۾ ورتل گاڏيون ناڪاره ثابت ٿيون آهن، جڏهن ته انهي انڊسٽري جي ڊي جو جو چوڻ هو ته جيتري سگهه واريون گاڏيون سنڌ حڪومت ٺاهڻ لاءِ چيون هيون اسان اهڙيون ئي کين تيار ڪري ڏنيون.

ان معاهدي جي منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اها نه ايجنڊا موجود هئي ، ۽ نه ان لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا ، پيپرا قانونن تي ڪوبه عمل نه ڪيو ويو، هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جو اهو سودو ائين ڪيو ويو ، ڄڻ اها رقم عوام جي ٽيڪسن مان گڏ ڪيل سرڪاري نه پر ذاتي رقم هجي.

ماضي ۾ اڳي چيو ويندو هو ته جمهوري حڪومتن جو ڪامورا ٻيڙو ٻوڙيندا آهن، اهي سول حڪومتن کي هلڻ نٿا ڏين، اها ڳالهه سنڌ ۾ هن وقت ان حد تائين ته صحيح آهي ته ڪامورا ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هن وقت سنڌ ۾ اهي ئي ڪامورا مقرر ٿي سگهن ٿا، جيڪي وزيرن جي مرضي سان هلن، وزيرن جي مرضي سان هلڻ جي نتيجي ۾ کين ڏوڪڙ به تصور کان وڌيڪ ملن ٿا، ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن جو اتحاد هن وقت سنڌ ۾ ٻين صوبن کان مضبوط آهي . سنڌ ۾ کين اها به خاطري ڪرائي وڃي ٿي ته پري پري تائين اهڙو ڪوبه گمان ناهي ته ڪو کاتا کلندا ۽ انهن خلاف احتساب جو به عمل شروع ٿيندو، ان ڪري سنڌ هن وقت لال واھ جو ڇيڙو لڳي پئي آهي.

19 بڪتر بند گاڏيون گهرائڻ وارو اهو معاهدو سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ هن معاهدي جي ڪاغذن تي ڪجهه آفيسرن انڪار ڪيو ته کين هٽايو ويو، چون ٿا ته سنڌ ۾ صاحب وڏي جي شگر سلطنت کي سنڀاليندڙ همراھ انهي سودي ۾ شامل هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪري هاڻي انهن کي اربين رپين جونقصان ٿيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ اهو ڪيس هڪ درخواستي محمود اختر نقوي پٽيشن جي صورت ۾ داخل ڪيو ، جنهن تي فيصلو اچي ويو آهي. درخواست گذار پاڻ کي خدائي خدمتگار سڏائيندو آهي، خدائي خدمتگارن جا پاڪستان جي هر ضلعي ۾ ديرا موجود آهن، هن دفعي خدائي خدمتگار جي اها درخواست جائز هئي، جنهن جي ڪري سنڌ جي عوام جي وڏي رقم انهي سودي جي بهاني سربيا ۾ موجود پاڪستانين جي ڀائيوارن جي کيسن ۾ وڃڻ کان بچي وئي، جنهن وقت اهو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هو، ان وقت ئي قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ به اهو معاملو اٿيو هو، ايم ڪيو ايم جو صنعتڪار ميمبر خواجا سهيل منصور ان ڪميٽي جو چيئرمين آهي، جنهن ڪري سنڌ حڪومت سان ايم ڪيو ايم جا معاملا بهتر نه هجڻ جي ڪري ڪميٽي به ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏٺو، جنهن ڪري ڪافي ڳالھيون سامهون آيون، ڪميٽي جي اجلاسن ۾ دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير الحسن ٻڌايو هو ته هن پاڻ سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو ڪري کيس چيو هو ته ان سودي سان سنڌ حڪومت بدنام ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته بڪتربند گاڏيون گهرائڻ وارو سودو سواءِ بدعنواني جي ٻيو ڪجهه به ناهي، هن سڄي معاملي ۾ جيڪا اهم ڳالهه آهي اها هي آهي ته ان سڄي معاملي کي نظر نه ايندڙ ڌرين پاڻ پُش ڪيو ، ان جوسبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهي گاڏيون پاڪستان جي دفاعي اداري کان خريد ڪيون وڃن، پر سچي ڳالهه ته اها آهي ته جيڪڏهن سربيا مان بڪتر بند گاڏيون گهرائڻ واري سودي ۾ شفافيت هجي ها ته سنڌ حڪومت کي ايتري بدنامي برداشت ڪرڻ ۽ پير پوئتي ڪرڻ جي ضرورت نه پوي ها ، ڇوته سپريم ڪورٽ ۾ ان ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران هڪ مرحلي تي سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي آڇ ڪئي ته جيڪڏهن کيس هڪ ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ته هو ان معاهدي کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جنهن تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ان وقت ئي اهو معاهدو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير ڪميٽي ۾ واضح چئي چڪو هو ته هو ان معاملي جي جاچ لاءِ نيب کي خط لکندو.

سنڌ پوليس مارچ 2013ع ۾ سربيا جي هڪ ڪمپني سان 19 بم پروف بڪتر بند گاڏيون خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو، ان معاهدي جي ڪاغذن تي اعتراض واريندڙ انچارج آءِ جي اقبال محمود ، چيف سيڪريٽري اعجاز چوڌري، ايڊيشنل سيڪريٽري ممتاز شاهه، علي شير جکراڻي ۽ ٻين آفيسرن کي هٽايو ويو. پوليس جي اعلي آفيسرن جو چوڻ هو ته سربيا بدران جيڪڏهن آمريڪا مان ئي اهي گاڏيون خريد ڪيون وڃن ته اهي اڌ رقم ۾ ملي وينديون، پر پوليس جي راءِ تي ان ڪري ڌيان نه ڏنو ويو ته ان تي عمل ڪرڻ جي صورت ۾ ڪميشن مري وڃي ها.

سپريم ڪورٽ هن معاهدي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ وقت واضح ڪيو آهي ته قانون تحت جيڪي به صوبا پرڏيهي معاهدا ڪن ٿا ان ۾ رياست پاڪستان پاران صدر يا گورنر ضمانت ڏيندو آهي ، پر هن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جو مجاز آفيسر رڳو صوبائي گھرو سيڪريٽري آهي، جڏهن ته ان جي منظوري گورنر کان وٺڻ ضروري آهي.سپريم ڪورٽ جلدبازي واري معاهدي جي حوالي سان سنڌ حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ته آخر ڪيئن حڪومت اهڙي غير قانوني معاهدي تي اکيون پوري ويهي رهي آهي. ٻيو ته سنڌ حڪومت پاڻ اهو اعتراف ڪيو آهي ته هن معاهدي جي حوالي سان ڪو به اشتهار نه ڏنو ويو هو.عدالت فيصلو ٻڌائڻ واري ڏينهن هڪ هليڪاپٽر ۽ 86 فائر برگيڊ واريون گاڏيون گهرائڻ جي تجويز ڪيل معاهدي تي به منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، مزيدار ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي قانون ۽ ضابطن جي خلاف اهو معاهدو ڪرڻ وڃي رهي آهي، سپريم ڪورٽ جنهن ڏينهن بڪتر بند گاڏيون گهرائڻ واري معاهدي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ هليڪاپٽر ۽ فائربرگيڊ جون گاڏيون گهرائڻ جي حوالي سان منع نامو جاري ڪيو ان ڏينهن به سنڌ حڪومت جو عدالت ۾ رويو جان ڇڏائڻ وارو هو، سنڌ حڪومت پاران فاروق ايڇ نائيڪ وڪيل هو پر آءِ جي سنڌ وري عرفان قادر کي هن ڪيس ۾ پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو ، جنهن وٽ وڪالت نامو ئي نه هو، عرفان قادر معاملن کي بهتر ڪرڻ بدران عدليه سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڪوشش ۾ هو، جنهن ڪري عدالت جو ماحول ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو ، انهي موقعي تي سنڌ جو ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ميران محمد شاهه پيش ٿيو جنهن چيو ته فاروق نائيڪ سينيٽ جي اليڪشن ۾ مصروف آهي سندس پيغام آهي ته هو پيش نه ٿو ٿي سگهي، جنهن تي عدالت چيو ته اسان کي خبر آهي هو قانونساز آهي اسان ته کيس چيو هو ته جنهن مهل به واندو ٿئي هليو اچي اسان ته رات اٺين وڳي تائين ويٺا آهيون. جسٽس جواد ايس خواجا جو چوڻ هو ته کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته هي اهم ڪيس آهي انهي کي اهميت ڇو نه ٿا ڏيو، رات تائين اسان کي ويهڻ جو شوق ته ناهي،عوام جي رت ۽ ست جي ڪمائي آهي عوام جي کيسي مان نڪتل پئسو سرڪار جي کيسي ۾ وڃي رهيو آهي،انهي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اسان جي لاءِ به هي ڪيس اهم آهي، جنهن تي جسٽس جواد چيو ته اوهان جي لاءِ ڪيس اهم ناهي، عرفان قادر هتي ڇا ڪيو؟ اسان صبر جو مظاهرو ڪيو، اسان ته چيو ته اوهان وٽ وڪالت نامو ئي ناهي، انهي ڏس ۾ اسان ڪراچي مان رپورٽ طلب ڪئي آهي. ڪراچي رجسٽري وارن به چيو آهي ته هن جو ڪو وڪالت نامو ناهي، جسٽس اعجاز چوڌري چيو ته معاهدو وقتي آءِ جي ڪيو هو گھرو سيڪريٽري جي به منظوري نه ورتي وئي آهي،جسٽس جواد چيو ته اهو ٻڌايو ته آءِ جي پنهنجو الڳ وڪيل ڪيئن ٿو ڪري سگهي، عرفان قادر مفت ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي يا کيس سرڪاري خزاني مان پئسو ڏنو پيو وڃي.

عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي ڏهن منٽن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو،انهي کان پوءِ فاروق نائيڪ عدالت پهچي ويو، جنهن چيو ته هو سينيٽ جي اليڪشن ۾ مصروف آهي،جسٽس اعجاز چيو ته اوهان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڏٺو ته عدالت ۾ڇا ٿيو، عرفان قادر هر انهي ڪيس ۾ گوڙ ڪندو آهي جنهن ڪيس ۾ مشڪلات ايندي آهي، جسٽس جواد چيو ته عرفان قادر بنا ڪنهن اٿارٽي ۽ وڪالت نامي جي اسان جي سامهون بيهي رهيو آهي، هاڻ هو ڄاڻي اسان ڄاڻون،جيڪڏهن اڄ اسان جي سامهون هجي ها ته اڄ ئي سندس ڪم ٿي وڃي ها، پر هاڻ سندس خلاف ڪيس هلندو،جسٽس اعجاز چيو ته اسان کي ڪير ڇا به چوي پر اسان نه ڊڄنداسين نه وري فيصلا ڪرڻ کان ڪير اسان کي روڪي سگهي ٿو، جسٽس اعجاز چيو ته سنڌ جي آءِ جي کي هتي گھرائي پڇي ٿا وٺون ته وڪيل ڪيئن رکيو اٿئو. انهي کان پوءِ فاروق نائيڪ چيو ته جيڪڏهن عدالت سمجهي ٿي ته هي معاهدو آئين ۽ قانون جي خلاف آهي ته انهي کي ڪالعدم به ڪري سگهي ٿي ،ٻي صورت ۾ مون کي هدايتون وٺڻ جي اجازت ڏيو، آئون سنڌ حڪومت کان هدايت وٺي هتي بيان داخل ڪندس ته معاهدي کي معطل ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس جواد چيو ته اوهان نه اسان معاهدي کي معطل ڪريون ٿا.

سربيا مان بڪتر بند گاڏيون گهرائڻ جي معاهدي کي ڪالعدم ڪرڻ واري عدالتي فيصلي جو حڪم

سنڌ پوليس ۽ سربيا جي ڪمپني بڪتر بند گاڏين جي لاءِ 15 مارچ 2013ع تي هڪ معاهدو ڪيو آهي، جنهن تي پهريون اهو سوال اٿيو ته سنڌ پوليس آئين قانون ۽ رولز موجب اهڙو ڪو معاهدو نه ٿي ڪري سگهي،آئين موجب سمورن وفاقي يا صوبائي سطح تي ٿيندڙ معاهدن جي منظوري صدر يا گورنرن کان وٺڻ ضروري آهي،پر هن معاهدي ۾ گورنر جي منظوري شامل ناهي، سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو آهي ته جيڪڏهن معاهدو غير قانوني آهي ته عدالت انهي کي ڪالعدم قرار ڏي، اسان انهي معاهدي کي ڪالعدم ڪريون ٿا، هن معاهدي سان لاڳاپيل ڪجهه معاملا آهن جن کي به ڏسڻ ضروري آهي، اها سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي ته سنڌ پوليس هڪ ڪمپني سان پنهنجي منهن معاهدو ڪيو آهي،سنڌ حڪومت جواب ڏي ته آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ڪهڙي ريت اهو معاهدو ڪيو ويو آهي،سنڌ حڪومت جو وڪيل فاروق نايئڪ موجود آهي ته عرفان قادرآءِ جي پوليس جي وڪالت ڪهڙي بنياد تي ڪري رهيو آهي، اسان کي اها ڳالهه به ذهن ۾ آهي ته سنڌ حڪومت هيليڪاپٽر ۽ 86 فائر برگيڊ گاڏين جو معاهدو ڪيو آهي. انهي تي فاروق نائيڪ چيو ته اهڙو معاهدو تجويز ڪيو ويو آهي پر انهي جي لاءِ رقم نه ادا ٿي آهي جنهن تي عدالت چيو ته انهي تي فوري طور عمل روڪي قانون موجب جيڪو توهان کي ڪرڻو آهي اهو ڪيو وڃي.سنڌ حڪومت جي منظوري بنا معاهدو ڪيئن ٿيو آهي انهي جا سبب ڄاڻايا وڃن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته آءِ جي سنڌ جي وڪيل عرفان قادر کان به جواب طلبي ڪئي وئي آهي،عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو