Home / اسپيشل افيئر / شيخ اياز جي ڪمزور مشاهدي بابت ڪجهه سوال
above article banner

شيخ اياز جي ڪمزور مشاهدي بابت ڪجهه سوال

سرواڻ سنڌي

شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي. شاعر قومن جا امين ٿيندا آهن ۽ شاعر جو مشاهدو ۽ تجزيو قومن کي سمجهڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي. ڀٽائي جي هوندي سنڌ ۽ سنڌي سماج کي پرکڻ جي لاءِ ٻي ڪنهن به تجربي ۽ تجزئي جي ضرورت ئي نه آهي، جنهن ڀٽائي کي پڙهيو ۽ پرکيو ان ڄڻ سنڌ کي پرکي ورتو. ڀٽائي لافاني ۽ آفاقي شاعر آهي ۽ سندس مشاهدو تمام گهڻو ڳوڙهو آهي. ڀٽائي کانپوءِ جيڪڏهن شاعرن ۾ ڏسجي ته سچل سرمست کان ويندي کوڙ سارن شاعرن پڻ ڀٽائيءَ جي دڳ تي هلندي پنهنجي تخليقن جا واهڙ وهايا ۽ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي اپٽار ڪئي. اياز کي ڀٽائيءَ جو تسلسل چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ اياز پڻ ڪتاب “هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن” ۾ اِن حوالي سان چوي ٿو ته:

“ڀٽائيءَ کان پوءِ مان تنهنجون صديون هان،

متان تون مون کان ٻوڙِيءَ ٻوُجَهه لنوائيين!!”

اهڙي هام ته سچل سرمست به نه هنئي جنهن جي لاءِ پاڻ شاهه لطيف چيو هو ته اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪ هي ڇوڪرو لاهيندو. نه وري ڀٽائيءَ جي جتي ۾ پير پائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن اياز پاڻ ڀٽائي ثاني هجڻ جي ڳالهه ڪئي تنهن کانپوءِ ڪيترن ئي اياز کي پوڄڻ جي حد تائين مرشد بڻائي ڇڏيو ۽ اياز جي شاعري کي ڪنهن به قسم جي تنقيد کان مٿڀرو سمجهڻ لڳا: جنهن اياز تي ڳالهايو ان ڄڻ ککر ۾ کڙو هڻي ڇڏيو. جڏهن اياز پاڻ کي “اسان جون صديون” قرار ڏئي ٿو ته اسان کي به ان صدين کي جانچڻ ۽ پرکڻ جو اختيار آهي. هاڻي اياز جون ڪجهه شيون مشاهدي طور ڏجن ٿيون جيڪي پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته اياز مشاهداتي ۽ فڪري طور تي ڪيترو مضبوط آهي.

اياز جي ڪتاب “چنڊ ڳليون” ۾ هڪ ترائيل آهي:

مون ته تولاءِ وِڌيون. ڪالهه نهارون ڪيئي

تون نه آئينءَ مگر رات ته گُذري ويئي!

ويو ٻُڏي چنڊُ، سندءِ سونهن جون سارون نيئِي،

ٿي پِرَهه – هيرَ اچي هاڻ ته پارون پيئِي،

اُڀ ۾ نيٺ وسامي ويا ٽيڙو ٽيئِي

رات هئي چار پَهَر، رات ته گذري ويِئي.

march A 15-2015  42

هاڻي سڀني کي خبر آهي ته اڀ ۾ ٽي تارا گڏ ٿيندا آهن جنهن کي ٽيڙو چئبو آهي ۽ ٻن کان وڌيڪ شيون گڏ هجن ته ان کي ميڙ يا جهڳٽو چئبو آهي ۽ اڀ ۾ ٽيڙو هڪ آهي ۽ اهي ٽي تارا سڌائي ۾ هوندا آهن، هاڻي جڏهن اياز چوي ٿو ته اڀ ۾ نيٺ وسامي ويا ٽيڙو ٽيئي. هاڻي اهو ڪيئن مڃجي ته آسمان ۾ ڪي گهڻا ٽيڙو آهن. ٽيڙو هڪ آهي ٽيڙو ٻه ٽي نه آهن پر جيڪڏهن ٽيڙو، ڪتين ۽ ڀٽوئن کي گڏائي پوءِ چئي ٿو سگهجي ته اهي ٽيئي لهي ويا يا وسامي ويا، انهن کي ٽي سڏي سگهجي ٿو باقي ٽيڙوءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽي ٽيڙو چئي نٿو سگهجي.

جڏهن ته ڀٽائي ٽي لفظ مختلف شين جي لاءِ استعمال ڪيا جيئن سندس هي بيت آهي ته:

ڏاگَھنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَـرَنِ، ٽِنھِي ڏِنَمِ ڏُکَ؛

سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.

جڏهن ته اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ تتر کي پڻ ٽاريءَ تي ويهي ٻوليون ٻولائي ٿو ۽ سندس شڪار پڻ ڪوڙڪي وسيلي ڪري ٿو جيڪي ٻئي مشاهدا مڪمل طور تي غلط آهن، اياز پنهنجي هن ترائيل ۾ چوي ٿو:

“ آهه هي پَنڌُ ٻه ٽي ڏينهن تَتيءَ واريءَ تي

ٿِي چَوي ڄَڻ ته ڪَڪَر – ڇانوَ ته ”مان اچڻي هان“

ٿو ڪري ٻولِڙيون روز تِتِر ٽاريءَ تي،

آهيِ سِجّ وَيو زرد – مُنهين ماريءَ تي.

۽ ٻيو ترائيل

“چَنڊ جي ڪَڍّ نه پَؤ، چنڊُ نه ڪنهن جو ٿيندو،

ڪو مسافر نه ڪَرِين يارُ ته بهتر آهي.

گُل نه پٽجانءِ ڪڏهن، ڇَڏ پيو خوشبو ڏيندو!

ڪوڙڪيون اَڏِ نه، ڇڏي ڏينس، تِترُ ٻوليندو،

ڪيئن چئجي ته ڪِٿي مينهُن گهٽائون ٿيندو.

هاڻي هتي ڪيتري نه مشاهدي جي کوٽ آهي جو تتر کي ٽاريءَ تي ويهاريو ويو آهي. تتر وڻن جي جهڳٽي ۾ ويهندو آهي ۽ ڪڏهن به تتر وڻ جي ٽاري تي ناهي ويهندو، مشاهدي جي لاءِ جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو تتر آهي ته ان کي پڃري ۾ بند ڪيو وڃي ۽ جيئن پڃري ۾ طوطي جي لاءِ ڪاٺي ٻڌبي آهي، تيئن ڪاٺي ٻڌي وڃي ۽ پاڻهي خبر پئجي ويندي ته تتر ٽاريءَ تي ويهي ٿو يا نه، ڇو ته جيڪڏهن تتر ٽاري تي ويهندو هوندو ته ان ڪاٺي تي ضرور ويهندو پر ان ڳالهه جي پڪ تيترين (تتر پالڻ جا شوقين)کان معلوم ڪري سگهجي ٿي ۽ اهي ئي ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي سگهن ٿا ته تتر ٽاري تي نه پر جهاڙين ۾ لڪي ويهندو آهي. جڏهن ته اياز تتر جي شڪار لاءِ ڪوڙڪين جي ڳالهه ڪري ٿو پر تتر جو شڪار ڪڏهن به ڪوڙڪي وسيلي ناهي ٿيندو. ڪوڙڪين وسيلي ٻلا، ڪوئا، سيهڙ ۽ ٻيا جانور ڦاسائبا آهن، تتر جو شڪار رڇ، کنڌي، بندوق وسيلي ڪيو وڃي ٿو. شڪاري تتر کي ڦاسائڻ جي لاءِ پنهنجي پاليل تتر وسيلي ٻولي ڪرائي تتر کي رڇ ۾ ڦاسرائيندو آهي، باقي تتر جي لاءِ ڪوڙڪي ڪڏهن به ناهي اڏبي. اياز جو اهو ترائيل ثابتي طور آهي جنهن ۾ هن تتر کي ڪوڙڪي وسيلي ڦاسائڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

اياز هڪ ترائيل ۾ رات جي سانت ۾ وڻڪار ڏسڻ جو چئي ٿو، ڀلا اهڙو ڪهڙو شخص آهي جيڪو اونداهي يا کڻي چانڊوڪي رات ۾ ئي ڌرتي تي وڻڪار ڏسي. وڻڪار جو مطلب گل، ڦل، وڻ، ٽڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن رات جو صرف وڻن جا پاڇا نظر اچن ٿا يا پري کان وڻن جو عڪس نظر اچي ٿو، ان کي وڻڪار ڪهڙي طرح سان چئي سگهجي ٿو.

چاندني رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو؟

تُنهنجا چَپ يادِ اچن ٿا اُنهيءَ وانگر هاڻي!

ڇا سندم ننڊ ڪَڏهن، پيارَ، ڏٺي آهي تو؟

ٿي رهين ساهَه جيان، سارَ ڏٺي آهي تو؟

راتِ جي سانت ۾ وڻڪارَ ڏٺي آهي تو؟

ڪيئن گهر گهاٽُ ڇڏي، ٿي ڀُلين منهنجي ڀاڻي

پاڻ کان راتِ ڪڏهن ڌارَ ڏٺي آهي تو؟

چانديءَ رات ۾ ڪچنار ڏٺي آهي تو؟

جڏهن ته اياز جي ڪتاب “ننڊ وليون” جي هن بيت مان پڻ اياز جي مشاهدي جي ڪچائيءَ کي پرکي سگهجي ٿو:

“ڄڻ جيءُ جَهٽين ٿِي تون!

جئن ٽار نِوائِين ٿِي، رابيلَ پٽين ٿي تون.”

هاڻي خبر ناهي ته رابيل جو وڻ ٿيندو آهي يا ٻوٽو، جو ڪا ناري يا ڪو ماڻهو ان جون ٽاريون نوائي رابيل جا گل پٽي. اياز جي هن بيت ۾ پڻ ڳالهه واضح آهي ته آفاقي ۽ دنياوي شاعر ۾ وڏو فرق آهي، ڀٽائي ڀٽائي آهي ۽ هر ڪو ڀٽائي نٿو ٿي سگهي، ڀلي کڻي ڪير ڪيترو به وڏو شاعر ٿي وڃي پر ڀٽائي سان ڀيٽ ڏيڻ ۽ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جي لاءِ اوتري ئي فڪري ۽ مشاهداتي اک ۽ سگهه هجڻ کپي جيتري ڀٽائيءَ جي هئي.

ڪتاب “راج گهاٽ تي چنڊ” ۾ هن بيتن کي پڙهڻ کانپوءِ ليار جي رنگ ۽ روپ بابت غور ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته ليار ڪڏهن به لال رنگ جا ناهن ٿيندا. لال رنگ مڪمل طور تي ڳاڙهو هوندو آهي ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ رنگ کي ميرون ڪلر چئبو آهي ۽ ان کي ڪڏهن به ڳاڙهي ڪلر سان ڀيٽ ڏئي نٿي سگهجي پر اياز ليار کي لال ڪوٺي ٿو ۽ انهن جي ٽڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جڏهن ته ليار جي وڻ جو رنگ سائو ۽ ميوو هيڊسرو ٿيندو آهي جيڪو ڪڏهن به ڳاڙهي ڪلر جهڙو نه آهي.

جڏهن ته ڀٽائي گهوٽ پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪٿي به ليار کي لال ليار ناهي چيو.

ثابتي جي لاءِ ڪتاب “راڄ گهاٽ تي چنڊ” ۾ اياز جا هي بيت جنهن ۾ هو ليار کي لال چوي ٿو.

ٻاٻيها ٻيهارَ، ڪڏهن وسندا مينهڙا؟

ٿر تي لال ليارَ، ٽِڙي پوندا اوچتو.

يا

هي جي جهَجها جهُڙ ٿيا، مٽيءَ مهڪ اُٿي،

ڌرتي رَتُّ رتي، ڦُولي لالُ ليارَ جئن.

يا هي وائي آهي

آيو سج مٿان

ڄڻ ڪنهن شعلي جان.

پيرَن لالُ ڦلوڪڙا

لالُ ليارن کان

اڃا پنڌ پُنو نه آ!

پر اياز مينهن کي ماڪڙ وانگر اچڻ جي لاءِ سڏ ڏئي ٿو. هاڻي ڪو غور ڪري ته ماڪڙ جڏهن ايندي آهي ته فصل ناس ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ماڪڙ تباهي جي نشاني آهي، ڪو به ماڻهو ايئن ڪڏهن به دعا نه گهرندو ته ڪا شيءِ ماڪڙ وانگر اچي ۽ سڀ ڪجهه ناس ڪري ڇڏي! جيڪڏهن ڪنهن کي بددعا ڏيڻي هوندي آهي ته ڪنهن خراب شيءِ سان ان کي ڀيٽ ڏبي آهي پر اياز ته مينهن کي ماڪڙ وانگر سڏي ٿو جيڪا واقعي ئي حيرت جوڳي ڳالهه آهي!

مارو ڌارون ڏارَ، ڪَتيءَ ڪڪر اُڀَّ ۾،

اچن شل ٻيهارَ، ماڪڙ وانگر مينهڙا!

اياز ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مشاهدي جي کوٽ واضح نظر اچي ٿي. هاڻي هن بيت کي ئي پڙهجي کڻي جنهن ۾ اياز گونچن کي ڦلاريندي ڏيکاري ٿو. سڀني کي خبر آهي ته گونچ خزان جي مند کانپوءِ وڻن ۾ نڪرندا آهن ۽ وڻ ٽڻ ٻيهر جڏهن اڀڙڻ شروع ڪندا آهن ته ان کي گونچ چئبو آهي. ڀلا گونچ ڪڏهن ڦولاربا آهن؟ اها ڳالهه اسان صرف اياز کان ٻڌي آهي. اياز جو هي بيت پڙهو:

ڌرتي، مون سان وَڙُ

تون ڇا ڪندينءَ جيئري؟

ڪِري کان پو سانڀيا، تو سڀ جهونا بَڙَ!

جُڳَن تائين ٿي وڃي، جيڏا، منهنجي جَڙَ!

ڪيئي گؤنچ ڦلاربا، پڄاڻان پَت-جهَڙَ.

جڏهن ته هڪ ٻي هنڌ تي اياز پاڻ پنهنجي ان ڳالهه جي نفي ڪري ڇڏي آهي ته گونچ ڦٽندو آهي، ڦولاربو ناهي. ان جي لاءِ ڪتاب “هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن” جي هي وائي ثابتي طور ڏجي ٿي:

ڪيڏا وَڻَ ساڙيا،

اڄڪلهه پاري پوههَ جي.

لُريءَ ۾ اُوچن بَڙَن ڪَنڌَ کڻي لاڙيا،

مَن ڪو گؤنچُ ڦٽو هجي مون وَڻ ٽڻ تاڙيا،

ڳوڙها ڪيئِي ڳُجّهه ۾ اوسيڙي ڳاڙيا.

ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ ٻي وائي آهي

هي جي اُڻن ڏاسَ

تَڏا، نوڙيون، ٽوڪريون.

ڄڻ ڪائي آسِيسَ ڪَئِي، اُنهن کي آڪاسَ.

واتُ نه آ مِچڪائيو، جِن جو ماڻهوءَ ماسَ،

جِن ۾ ڦوڳَ ڦُلاريا جن ۾ وَلين واسَ،

ٻُجهي شَفقِ ڌارَ مان، جن جِي سارِي تاسَ،

ناهي جن جو ماڻهپو، اورانگهيو اِتهاس،

هي جي اُڻن ڏاسَ

تَڏا، نوڙيون، ٽوڪريون.

اياز کي شايد ان ڳالهه جي پروڙ ئي نه هئي ته ڏاس ڪڏهن به ناهي اڻبي پر ڏاس ڪتبي آهي. هاڻي سوچجي ته ڏاس جو ڀلا تڏن، نوڙين ۽ ٽوڪرين سان ڪهڙو تعلق آهي. ڏاس اڻبي ئي ناهي پر ڏاس ڪتبي آهي ۽ ڏاس جون ڍيريون به ٺاهبيون آهن، ڏاس ٻڪرين جي وارن کي چئبو آهي. جڏهن ته اڻبي اُن آهي ۽ رڍن ۽ اٺن جي وارن کي ان چئبو آهي.

اياز جي ڪمزور مشاهدي جي هڪ ٻي ثابتي:

ڪهڙا لَؤنگ چَٻين پِئي ڦوٽا ڦَڪِّ نه تون!

گهَر کان ٻاهر مون

لاشَ ڏٺا اَڄ لوئبا،

وو رات پَئي ڪَيون ڪارنهن ۾ ڪاروُن.

ڦوٽا ڦڪڻ وارو مشاهدو به اچرج ۾ وجهندڙ آهي، ڇو ته ڦڪ ڪنهن اهڙي شيءِ جو هڻبو آهي جيڪا پائوڊر جي شڪل ۾ هجي ۽ اها وات ۾ وجهڻ سان ئي حل ٿي وڃي جنهن کي چٻاڙڻ جي ضرورت نه پوي پر ڦوٽا ڀلي ڪهڙي به شڪل ۾ هجن، انهن کي پهرين چٻاڙبو آهي. ان لاءِ لونگ ۽ لَؤنگ ۽ ڦوٽا ٻئي چٻڻ جون شيون آهن ۽ ڦوٽن کي ڦڪڻ واري ڳالهه بلڪل غلط آهي.

اُس سنڌي ۾ سخت گرمي ۽ ڪاڙهي کي چئبو آهي ۽ اس جو اونداهي سان ڪو به تعلق نه آهي پر اياز اس کي ڪاري اس سڏي ٿو، جيڪو ڪنهن به طرح سان ٺيڪ مشاهدو نه آهي، ڪاري رات ٿيندي آهي ۽ رات جو اس جو تصور ڪنهن به طرح سان ايڏي وڏي شاعر کي سونهي نٿو. جيڪڏهن رات آهي ته پوءِ اس نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڏينهن تتل آهي ۽ ڪاڙهو آهي ته پوءِ ڪاري اس نه ٿيندي، سخت اس چئي سگهجي ٿو، باقي اس ڪاري ڪڏهن به ٿي نٿي سگهي.

اياز جو مشاهدو:

خچر تي ڇانهيون سُڃّو اُڃّو واهڻي،

اَچي ٿو ڪاهيون، ڪيڏيءَ ڪاريءَ اُسّ ۾.

هتي ڪيل ڳالهين ۽ مثالن جو صرف هڪ ئي مقصد آهي ته اياز جيڪو اسان جو نمائنده شاعر آهي ان تي وڌيڪ غور فڪر ڪجي ۽ ان کي ان نموني پڙهجي جو سڀني ڳالهين جي اپٽار ٿي سگهي. ڀانيان ٿو ته منهنجي اٿاريل نقطن جو جواب سائين ابراهيم جويو بهتر انداز سان ڏئي سگهي ٿو ڇو ته اياز جي سمورن ڪتابن تي نظرثاني سائين ابراهيم جويو صاحب جي ٿيل آهي ۽ انهن شين جي ڇنڊ ڇاڻ سائين جي حيات ۾ ئي ٿي وڃڻ گهرجي ته بهتر آهي. سائين ابراهيم جويو ان ڳالهين جي به نشاندهي ڪري ته ڇا هن اهي ڳالهيون اياز جي گوش گذار ڪيون هيون يا نه ۽ جيڪڏهن ابراهيم صاحب انهن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي هئي ته پوءِ اياز وٽ اهڙا ڪهڙا دليل هئا جنهن جي ڪري هن اهڙين غلطين تي نظرثانيءَ جي ضرورت محسوس نه ڪئي؟ ڇا اياز وٽ اهڙا جامع ۽ مضبوط دليل هئا يا وٽس شاهدي طور اهڙيون شيون هيون جيڪي جويو صاحب جي لاءِ قابل قبول هجن؟ يا اهي سڀ شيون جويو صاحب جي نظر ۾ ٺيڪ آهن جو ان حوالي سان اياز سان ويهي مشورو ئي نه ڪيو ويو. هاڻي انهن سڀني شين جو نبيرو صرف جويو صاحب ئي ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي لاءِ سندن راءِ ئي ان حوالي سان حتمي ۽ ڪارائتي ثابت ٿيندي، باقي اياز جي مجاورن جي جواب يا ٽيڪا ٽپڻي جي ان حوالي سان هونئن به ضرورت نه آهي، ڇو ته هي جيڪي نقطا اٿاريا ويا آهن اهي اياز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نه پر قومي شاعر کي سمجهڻ لاءِ اٿاريا ويا آهن، هي هڪ سنجيده بحث آهي، ان جي لاءِ ذاتي حيثيت نه پر قومي حيثيت سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

sarwansindhi02@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو