Home / سنڌ افيئر / صادق فقير جو آخري سفر اي سنڌ توکي الوداع…!
above article banner

صادق فقير جو آخري سفر اي سنڌ توکي الوداع…!

الهه بچايو جمالي

سنڌ جي اربيلي راڳي صادق فقير جنهنجي 26 فيبروري تي سعودي ۾ ٿيل موت سڄي سنڌ ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏيو هو. پيچيده قانوني لکپڙهه ڪرڻ سبب صادق فقير جو سرد لاش ستن ڏينهن تائين سعودي عرب جي سرد خاني ۾ رهڻ بعد سنڌي عوام جي پڪار تي جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي باک ڦٽي ويل پهتو جتان سندس بي جان ميت ڪراچي کان وايا ٺٽو سجاول ۽ بدين کان ونگي پتڻ وٽان صادق فقير جي جنازي جيڪو مٺي شهر تائين حيرتناڪ تاريخي سفر ڪيو، گس ۾ پنهنجي محبوب فنڪار کي سندس مداحن پنهنجي اکين جا نير وهائي گلن جي ورکا ڪري جذباتي ڀيٽا پيش ڪئي. صادق فقير جي سرد لاش جو اهو قافلو جنهن ڪراچي کان مٺي شهر تائين روڊ رستي اٽڪل 400 ڪلوميٽرن جو طويل سفر ڪيو. اهو قافلو بدين شهر کان پوءِ ضلعي جي هڪ ويران شهر نندو ۾ جڏهن پهتو تڏهن سڄو شهر اداس هو، صبح ويل هن ننڍڙي شهر تي موت جهڙي خاموشي ڇانيل هئي ۽ شهر جي وچ بازار مان گذرندڙ روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين معصوم فرشته صفت اسڪولي شاگرد ڊريسون پائي بيٺل هئا جن ٻالڪن جا پڻ نيڻ ڀنل هئا. انهن پهرين پنهنجي پتڪڙن هٿن سان قومي راڳي صادق فقير کي سلامي پيش ڪئي ۽ بعد ۾ مڙهه کڻي ايندڙ گاڏي تي گلن جي ورکا ڪئي. عظيم درياهه پُراڻ تي آباد برباد ٿي ويل قديم شهر ونگار بازار ۽ موجوده ونگو پتڻ جيڪو بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي حد آهي، اتان اهو قافلو جڏهن ٿر جي اڃايل پٽن ڏانهن وڌڻ لڳو، تڏهن قافلي ۾ گاڏين جو تعداد پڻ وڌندو ويو ۽ ٿري ماروئڙن کي پڻ پڪ ٿي وئي ته سندن پياري راڳي جو مڙهه واپس ماروي جي ملڪ ملير تائين پهچي ويو.

march A 15-2015  38

وقت ۽ حالتن جي ڪيڏي نه بي رحمي آهي جو مرحوم صادق فقير جنهن کي سندس وڏي انگ ۾ چاهيندڙن سنڌ جو ٻيجل، سنڌ جو ٻاٻيهو جهڙن نالن سان نوازيو ۽ ان جو بي جان جنازو ٺيڪ ان ڏينهن 5 مارچ تي ماروي جي ملير ۾ پهچي ٿو، جڏهن هندو ڌرم جي خوشين جي عيد وارو تهوار هولي جون رسمون ملهائجي رهيون هيون. ان هولي جي عيد واري ڏينهن تي ٿر جي ٻاٻيهي جو مڙهه جڏهن مٺي شهر ۾ پهچي ٿو تڏهن اتي ماحول سوڳوار ٿي وڃي ٿو.

ڪڍڻ شهر واسي سڄاڻ نوجوان ڊاڪٽر علم الدين انصاري جنهنجا مٺڙي راڳي صادق فقير سان ڄڻ ته نينهن جا ناتا هئا. جيڪو بدين شهر کان مٺيءَ تائين ان اداس قافلي سان گڏ هو. جنهن اهي دردناڪ جذباتي منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا. ان “افيئر” کي ٻڌايو ته محبوب راڳي جي مڙهه مٺي شهر ۾ پهچڻ ۽ ان کي مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ تائين اهڙو حقيقي درد، فراق ۽ محبت سان سرشار ڏکارو منظر ۽ ڪنهن جنازي ۾ هر طبقي جي هزارين ماڻهن جو اهڙو اجتماع هن ان کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن ٻڌايو ته جتي آءُ امر سنڌو، گلشن لغاري، ديبا سحر لڙڪ لاڙي رهيا هئاسين اتي گهونگٽ واريون مظلوم ٿاريليون ۽ ٿري ماروئڙا پڻ اوڇنگارون ڏئي زارو قطار روئي رهيا هئا. هن چيو ته سوڳوار ماڻهن جي ان آخري رسمن واري ميڙ ۾ مونکي اهو محسوس ٿيو ته ان ۾ مسلمان سنڌين کان هنڌو ڌرم وارن سنڌين جن ۾ وڏو انگ عورتن جو هو اهي تعداد ۾ وڌيڪ هئا.

رپورٽ موجب 5 مارچ تي مٺي شهر سميت ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هولي جي عيد جون خوشيون نه ملهايون ويون. مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر وغيره جهڙا ٿرپارڪر جا شهر جيڪي 26 فيبروري کان ٽن ڏينهن تائين بند هئا. اهي شهر صادق فقير جو مڙهه ملير ۾ پهچڻ واري ڏينهن پڻ سوڳ ۾ بند هئا. هزارين ماڻهن جا ميڙ هجڻ ڪري ڪيترائي مداح پنهنجي عظيم راڳي جو آخري ديدار ڪري نه سگهيا. ان ڏس ۾ ٻه اهم واقعا پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙا آهن ته هڪ طرف رسمن دوران سنڌ جي ٻيجل جي مڙهه تي ڀٽائي صاحب جي واين، قرآن شريف ۽ گيتا جو گڏيل ورد ڪري کيس ڀيٽا ڏني وئي. ٻيو ته هن کان اڳ ٻهراڙي واري سنڌ ۾ مرد توڻي عورتن جي جنازن ۾ ورلي ڪي عورتون شريڪ ٿينديون آهن پر هن سنڌ جي يگاني فنڪار جي وڇوڙي نئين سنڌ کي هڪ اهڙي نولکي بهار جو تحفو ڏئي اهو پيغام ڏنو آهي ته سنڌي ماڻهو محبتي ۽ امن پسند آهن. اهي اوچ نيچ مذهب رنگ نسل جي ويڇن کي پسند نٿا ڪن. اهي وطن دوست آهن صوفي مت وارو اهو متو سندن وجود ۾ شامل آهي. سندن مذهب فقط انسانيت سان محبت ڪرڻ آهي.

صادق فقير جيڪو سنڌ ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو پنهنجي آخري سفر ۾ ويندي ويندي هو سنڌ ۾ هندو مسلم ايڪتا جو اهڃاڻ بڻجي ويو. صادق ويندي ويندي اهو پڻ ثابت ڪري ويو ته هو بنا ڪنهن مذهب نسل ۽ طبقي جي ڪروڙين سنڌين جي دلين تي راڄ ڪندو هو. سندس وڇوڙي سڄي سنڌ کي رت روئاري ڇڏيو. اياز گل جي جنهن گيت کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو: “توکان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري” کي به صادق سچ ثابت ڪري ويو. پر فرق فقط ايترو ٿيو جو سندس جدائي تي لکين سنڌين جا جيڪي لڙڪ وهيا اهي روئندي روئندي لار بڻيا.

صادق فقير مذهبي متڀيد ۽ رنگ نسل کان اتاهون ٿي هندن جي مندرن، مڙهين امام بارگارهن ۽ گرجا گهرن ۾ وڃي ڀٽائي جا بيت، ڀڳت ڪبير، تلسي داس ميران ٻائي جا دوها پنهنجي سريلي آواز سان ڳائي ٻڌائيندو هو. صادق ٿر ۾ روهيڙي جا گل ڦٽڻ ۽ سانوڻ جي وسڪارن جي آجياڻي جا ڏينهن پڻ ملهائيندو هو. کيس سڄي سنڌ ۽ سنڌي عوام سان بي پناهه محبت هئي. پر ٿر ۽ لاڙ سان سندس نينهن جا ناتا هئا. هن پنهنجي موت کان اڳ آخري محفلون بدين ضلعي ۾ ڪيون هيون. 16 جنوري تي راهوڪي ۾ شهيد عوام فاضل راهو جي ورسي ۾، 17 جنوري تي ڪڍڻ شهر لڳ ڀٽائي جي تڪيئي پڙ جو ڍورو ۽ پهرين فيبروري تي تاريخي ڍنڍ نريڙي ۾ ڳايل سندس گيت آخري ثابت ٿيا. سنڌ ڌرتي جي ڇڪ کيس واپس ڏاڏاڻي ڏيهه ملير ۾ آندو. هن آخر ۾ ڀٽائي صاحب جي سر ماروي جي سدا امر بيت جي هن سٽ تي عمل ڪري ڏيکاريو: “مُيا ئي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي”.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو