Home / دنيا / عرب دنيا: آمريت، انقلاب ۽ مذهبي دهشتگردي(ٰII)
above article banner

عرب دنيا: آمريت، انقلاب ۽ مذهبي دهشتگردي(ٰII)

ڊاڪٽر برڪت نوناري

صدام حسين جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوء عراقي ڪردن کي هڪ خود مختيار علائقو ڏنو ويو ان بنياد تي اهي آمريڪي نگرانيء ۾ جڙندڙ فيڊرل گورنمينٽ آف عراق ۾ شامل ٿيا جڏهن ته شيعه اڪثريت هجڻ جي بنياد تي حڪومت شيعه اڳواڻن جي حوالي ڪئي وئي، جيتوڻيڪ حڪومتي عهدن ۾ هڪ ڀاڱي ٽي حصيداري سُني مسلمانن کي به ڏني وئي پر شيعه اڪثريت کان خوفزده سُني مذهبي عالمن اسلامڪ آرمي آف عراق (جيش الاسلاميه في العراق) جوڙي حڪومت مخالف ڪاروايون شروع ڪيون. آمريڪي ٽياڪڙيء ۾ جڏهن شيعه اڳواڻ نوري العباديء سُني عالمن کي حڪومت ۾ وڌيڪ حصيداري ڏئي معاملا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن منجھان هڪ شدت پسند اڳواڻ ابوبڪر بغداديء 2003ع ۾ هڪ نئين جهادي تنظيم (جيش اهل سنت و الجماعت) قائم ڪري دهشتگرد ڪاروايون شروع ڪيون، اها جيش اهل سنت و الجماعت اڳتي هلي دولت اسلاميه في العراق ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هن وقت پوري دنيا ۾ دهشت جي علامت بڻيل داعش جي نالي سان سڃاڻجي ٿي، جنهن جو اڳواڻ ساڳيو ئي ابو بڪر بغدادي آهي.

ابو بڪر بغداديء جو اصل نالو ابراهيم عواد ابراهيم البدري القريشي آهي، هو 1971ع ۾ عراق جي هڪ ننڍي شهر سامره ۾ ڄائو، فوٽ بال جي راند ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ مهارت رکڻ جي باوجود هن بغداد جي اسلامڪ يونيورسٽي (جامعه اسلاميه) ۾ بي اي جي داخلا ورتي، اسلاميات ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوء جڏهن ابو بڪر بغداديء پي ايڇ ڊيء ۾ داخلا ورتي ته مالي مشڪلاتن سبب هن بغداد جي هڪ ننڍي پاڙي توبشيء جي هڪ مسجد ۾ خطيب جي نوڪري ورتي ۽ مسجد ۾ ئي رهڻ لڳو. جنهن وقت آمريڪي فوج عراقي صدر صدام حسين جي حڪومت ختم ڪرڻ جي لاء بغداد تي حملو ڪيو ته ابو بڪر بغدادي هڪ عام رضا ڪار سپاهيء وانگر احمد دباش جي اسلامڪ آرمي آف عراق (جيش الاسلاميه في العراق) ۾ ڀرتي ٿيو. ابو بڪر بغدادي پنهنجي شروعاتي ڏينهن کان ئي شيعه مخالف سوچ رکندڙ هيو، جڏهن احمد دباش عراقي وزير اعظم نوري المالڪيء جي حڪومت جي حمايت ڪئي ته ابو بڪر بغداديء پنهنجو الڳ جهادي گروپ جيش اهل سنت اولجماعت جوڙي ان گروپ 2003ع ۾ شيعه مسجدن تي حملا ڪيا. فيبروري 2004ع ۾ ابوبڪر بغدادي عراقي شهر فلوجه ۾ قائم ٿيل آمريڪي جيل ۾ قيد ٿيو ۽ سرڪاري ريڪارڊ موجب کيس ڊسمبر 2004ع ۾ معمولي ڏوهاري قرار ڏئي آزاد ڪيو ويو پر فلوجه واري آمريڪي جيل جي اڳوڻي انچارچ ڪرنل ڪينٿ ڪِنگ پنهنجي تازي ٽي وي انٽر ويوء ۾ انڪشاف ڪيو ته 2004ع کان 2009ع تائين ابو بڪر بغدادي آمريڪي اختيارين وٽ قيد هيو جيڪي کيس شام وڃي بشار الاسد مخالف گروپ جوڙڻ لاء آماده ڪري رهيا هيا. ڪرنل ڪينٿ ڪنگ جو اهو به چوڻ آهي ته داعش جا سمورا اهم اڳواڻ ابو بڪر بغداديء سان گڏ سندس جيل ۾ قيد رهي چڪا آهن.

march B 55 15

آمريڪي جيل مان نڪرڻ کان پوء ابو بڪر بغداديء هڪ نئين جهادي تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ اِن عراق (دولت اسلاميه في العراق) جو بنياد وڌو، ان تنظيم 2010ع جي شروع ۾ ئي هڪ مشهور عراقي قانوندان خالد الفهدويء کي قتل ڪيو، خالد الفهدوي عراقي حڪومت جي لاء نئون قانون تيار ڪري رهيو هيو. عراق مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ جي اعلان سان ئي ڊسمبر 2011ع ۾ ابو بڪر بغداديء هڪ درجن بم ڌماڪن جي ذميواري قبول ڪئي وئي جن بم ڌماڪن ۾ شيعه مسجدن ۽ شيعه اڳواڻن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو هيو. ابو بڪر بغداديء پوري شهر ۾ پمفليٽ ورهايا جن ۾ عراقي شيعه اڳواڻ مقتدي الصدر جي جيش مهديء کي دجال جي فوج سڏي شيعن کي قتل ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن کان پوء پوري شهر ۾ شيعه سُني فساد شروع ٿي ويا.

اپريل 2013ع ۾ ابو بڪر بغدادي شامي صدر بشار الاسد سان وڙهندڙ جهادي گروپ جهبه النُصر سان الحاق ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن کان پوء دولت اسلاميه في العراق ۽ جهبه النُصر کي گڏائي اسلامڪ اسٽيٽ اِن عراق اينڊ سريا (دولت اسلاميه في العراق و الشام) جو بنياد وڌو ويو جنهن کي عام لفظن ۾ داعش چون ٿا. شامي جهادي تنظيم جهبه النصر اصل ۾ القاعده جي هڪ ذيلي تنظيم هئي جيڪي قطر کان مليل مالي مدد، آمريڪي هٿيارن ۽ مختلف ملڪن ۾ هلندڙ سعودي مدرسن مان ويڙهاڪ وٺي بشار الاسد جي حڪومت ختم ڪرڻ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي هئي. ٻنهي جهادي گروپن جي انضمام کان پوء جڏهن ابو بڪر بغداديء پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيو ته ٻنهي گروپن ۾ اختلاف ٿي پيا. جهبه النصر جي اڳواڻ محمد خاولاني ۽ القاعده جي اڳواڻ ايمن زواهريء ابو بڪر بغداديء تي زور ڀريو ته داعش جي ڪم جو دائرو صرف عراق تائين محدود رکو ۽ شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت ختم ڪري اقتدار سعوديء جي حمايت يافته اڳواڻن جي حوالي ڪريو. ابو بڪر بغداديء جي انڪار جي نتيجي ۾ جنوري 2014ع ۾ ٻنهي گروپن جي وچ ۾ خطر ناڪ جنگ لڳي جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ لکين سويلين ماڻهو علائقو ڇڏي اردن ۾ جلاوطن ٿي ويا. جنهن کان پوء شامي شهرن رقه ۽ دير زور تي داعش جو قبضو ٿي ويو.

ابو بڪر بغداديء شامي شهر رقه تي داعش جو قبضو پختو ٿيڻ کان پوء اسلامي خلافت جو اعلان ڪري پنهنجو پاڻ کي خليفه المسلمين، امير المومنين ۽ خليفه ابراهيم مقرر ڪري ڇڏيو. آڪٽوبر 2014ع ۾ شامي شهر رقه تي اتحادي فوج جي سخت ترين بمباريء جي نتيجي ۾ ابو بڪر بغدادي زخمي ٿي پيو ۽ هو عراقي شهر موصل ڏانهن موٽي آيو، موصل هينئر تائين داعش جو مضبوط ڳڙھ آهي. آمريڪا، يورپي يونين ۽ سعودي عرب جي مخالفت جي باوجود داعش جي تيزيء سان وڌڻ جا بنيادي سبب ڪهڙا آهن؟

عراق ۽ شام ۾ موجود سُني ماڻهن جي اڪثريت ٻنهي ملڪن ۾ شيعه حڪومتن جي سخت خلاف آهي.

عراق ۽ شام جي سُني ماڻهن وٽ ڪا به متبادل سياسي قوت موجود ناهي جنهن تنظيم کي هو سُني ماڻهن جي نمائنده سمجھندا هجن

خانه جنگي ۽ ڪمزور حڪومتي ڍانچي سبب عراق ۽ شام جو سرحدون غير محفوظ آهن جنهن جي ڪري پوري دنيا مان ننڍا وڏا جهادي گروپ ۽ جهاد جو شوق رکندڙ ماڻهو مختلف ملڪن مان عراق ۽ شام ۾ داخل ٿي داعش ۾ شامل ٿي رهيا آهن.

سعودي حڪمران ته داعش جي مخالفت ڪري رهيا آهن پر سعودي حڪومت ۽ سعودي ماڻهن جي مالي مدد سان هلندڙ مدسا جهاد جي تبليغ ۽ جهادين جي تربيت ڪندا رهن ٿا.

جيتوڻيڪ آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چئي چڪي آهي ته آمريڪا ڄاڻي ٿو ته پوري دنيا ۾ هلندڙ جهادي گروپن جي تبليغ ۽ تربيت سعودي عرب جي مالي مدد سان هلندڙ مدرسن ۾ ٿئي ٿي پر ان ۾ سعودي حڪومت شامل ڪونهي صرف سعودي ماڻهو ملوث آهن جن جي مٿان نظر داري ڪرڻي پوندي. پر آمريڪا جي مشهور دانشور نوم چومسڪيء جو چوڻ آهي ته جهاد جي تبليغ، جهاد جي تربيت ۽ جهادي ڪارواين ۾ صرف وهابي مدرسا ملوث آهن ڇو ته پوري دنيا ۾ جهاد جو فلسفو صرف وهابي مڪتبهء فڪر وٽ موجود آهي، اهي سمورا مدرسا سعودي عرب جي مالي مدد سان هلن ٿا، سعودي عرب کي سڀ کان وڌيڪ خوف شيعه بغاوت جو آهي تنهنڪري سعودي عرب جهادي مدرسن تان هٿ کڻڻ جي لاء تيار ناهي ڇو ته اهي جهادي مدرسا ايران ۽ شيعه فرقي جي خلاف سعودي عرب جي فڪري موقف جي حمايت ڪن ٿا.

شامي ڪرد شهر ڪوباني تان داعش جو قبضو ٽٽڻ کان پوء داعش جو قبضو ٻين عراقي ۽ شامي شهرن تان به ختم ٿي رهيو آهي، جنگي حڪمت عملي تبديل ڪندي داعش جي ويڙهاڪن کي لبيا، افغانستان ۽ پاڪستان جو رخ ڪرايو پيو وڃي ته جيئن اهي مختلف ملڪن ۾ ڪاروايون ڪن جنهن جي نتيجي ۾ داعش مخالف قوت مختلف محاذن تي ورهائجي ويندي. عراق ۽ شام کان پوء لبيا تي پڻ داعش جو ڪنٽرول مضبوط ٿي رهيو آهي. مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ ننڍن وڏن جهادي گروپن پڻ داعش جي حمايت ڪندي داعش ۾ ضم ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ لبيا جي جهادي تنظيم انصار الشريعه، مصر جي جهادي تنظيم انصار بيت المقدس، نائيجيريا جي جهادي تنظيم بوڪو حرم، ازبڪستان جي جهادي تنظيم اسلامڪ موومينٽ آف ازبڪستان، چيچنيا جي جهادي تنظيم اسلامڪ فرنٽ آف چيچنيا، فلپائين جي جهادي تنظيم مورو لبريشن فرنٽ (ابو سياف)، ايران ۾ ڪم ڪندڙ جهادي تنظيم جند الله ۽ پاڪستاني جهادي گروپ جماعت الاحرار شامل آهن.

داعش جي طرفان خُراسان ونگ قائم ڪري حافظ سعيد خان کي افغانستان ۽ پاڪستان جو ولي (گورنر) مقرر ڪري اعلان ڪيو ويو آهي ته عراق، شام ۽ لبيا کان پوء افغانستان ۽ پاڪستان کي به اسلامي خلافت (داعش جي ڪنٽرول ۾ هلندڙ حڪومت) ۾ شامل ڪيو ويندو. افغاني طالبان کي ويجھو سمجھيو ويندڙ صحافي سامي يوسفزئيء هڪ آمريڪي رسالي ۾ مضمون لکي هڪ خط جو ذڪر ڪيو آهي. سندس دعوي موجب اهو خط داعش جي اڳواڻ ابو بڪر بغداديء جي طرفان القاعده جي اڳواڻ ايمن الزواهريء کي 5 نومبر 2014ع تي لکيو هيو جنهن ۾ چيل آهي ته ”طالبان ڪمانڊر ملان عمر هڪ جاهل ۽ قبائلي جنگجو آهي، کيس دين اسلام ۽ بدلجندڙ سياست جي ڪا به خبر ڪونهي. جيڪڏهن تون (ايمن الزواهري) ملان عمر جو ساٿ ڇڏي منهنجي (ابو بڪر بغداديء جي) حمايت ڪرين ته مان تو کي اسلامي خلافت ۾ حصيداري ڏيڻ جو واعدو ٿو ڪريان.“ جنهن جي جواب ۾ ايمن الزواهريء چيو ته ”ملان عمر ئي مسلمانن جو خليفو آهي ۽ مان سندس حمايت جاري رکندس.“

جنوري 2015ع ۾ عراق ۽ شام جي سرحدي شهر القائم جي مٿان اتحادي فوجين جي حملي ۾ ابو بڪر بغداديء جي مارجي وڃڻ جا افواھ اٿيا پر هڪ ڏينهن کان پوء داعش طرفان هڪ آڊيو پيغام ۾ اها دعوي ڪئي وئي ته ابو بڪر بغدادي جيئرو آهي ۽ جلد ئي سعودي عرب جي مٿان حملو ڪري سعودي حڪومت ختم ڪئي ويندي. ان کان سواء انهيء ساڳي ئي پيغام ۾ فلسطيني تنظيم حماس کي ڌمڪي ڏني وئي ته جيسيتائين حماس ختم نه ٿيندي تيسيتائين اسرائيل ختم نه ٿيندو انڪري پهريان حماس کي ختم ڪرڻو پوندو.

داعش جي قبضي ۾ آيل عراقي، شامي علائقن ۾ قائم ٿيل خلافت اسلاميء ۾ 8 ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا ان ۾ اڪثريت سُني مسلمانن جي آهي جيڪي داعش سان ڪنهن به قسم جي مزاحمت نٿا ڪن. انهن علائقن ۾ عيسائين، سُني صوفين، شيعه مسلمانن ۽ يزيدين جون عبادتگاهون ختم ڪيون ويون آهن، لکين ماڻهو ٻين ملڪن ۾ پناھ وٺي چڪا آهن، هزارين ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 7000 يزيدي عورتن کي قيد ڪري مختلف شهرن ۾ وڪڻي ڇڏيو اٿن. سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبد العزيز بن عبد الله آل شيخ پنهنجي تفصيلي فتوا ۾ چيو آهي ته ”داعش خوارجي ٽولو آهي، داعش اسلام جي صورت بگاڙي پيش ڪري ٿي ۽ اسلام جي بد ناميء جو سبب آهي. اسلام ۾ تشدد ۽ خوف جي ذريعي مذهب تبديل ڪرائڻ، قبضي ۾ آيل عورتن جو وڪرو ڪرڻ ۽ بيگناھ شهرين کي قتل ڪرڻ جي اجازت ڪونهي.“

داعش جو تنظيمي نيٽورڪ توڙي جهادي فڪر جي پرچار جو ذريعو انٽرنيٽ ۽ خاص طور تي فيسبوڪ آهي جنهن جي ذريعي مختلف ٻولين ۾ آء ٽيء جي مهارت رکندڙ داعش جا همدرد آمريڪا ۽ شيعه مخالف مواد سان گڏ عراق ۽ شام جي شيعه حڪومتن جي خلاف لٽريچر هلائي پنهنجا هم خيال ماڻهو گڏ ڪن ٿا. تازين رپورٽن موجب داعش ۾ 70 هزار ويڙهاڪ موجود آهن جن جي اڪثريت غير عرب آهي جن ۾ عراق ۽ شام کان سواء پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان، تاجڪستان، چيچنيا، فلپائين ۽ يورپي ملڪن برطانيه، جرمني، اسپين ۽ فرانس مان به جهادي شامل ٿي ويا آهن. ڪئنيڊا جي انٽيليجنس چيف جو چوڻ آهي ته ترڪيء سان لڳندڙ شامي سرحد تي ترڪ فوجي ٿوري گھڻي رشوت عيوض ترڪيء مان شام جي اندر جهادي ويڙهاڪ موڪلي رهيا آهن. ڪئينيڊا جي انٽيلجنس چيف جو اهو به چوڻ آهي ته عرب دنيا ۾ تبديلي گھڻي دير هلڻ ممڪن ڪونهي، دير سوير داعش عراق ۽ شام مان نڪري ويندي پر سڀ کان وڌيڪ خطر ناڪ صورتحال ان وقت پئدا ٿيندي جڏهن داعش ۾ شامل پرڏيهي ويڙهاڪ پنهنجي پنهنجي ملڪ واپس ويندا ان کان پوء پاڪستان، الجزائر،نائيجيريا ۽ افغانستان ۾ اهي جهادي مضبوط ٿي ويندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو