Home / دنيا / عرب دنيا: آمريت، انقلاب ۽ مذهبي دهشتگردي
above article banner

عرب دنيا: آمريت، انقلاب ۽ مذهبي دهشتگردي

ڊاڪٽر برڪت نوناري 

پوري دنيا جي 6 ارب آبادي منجھان اٽڪل ڏيڍ ارب ماڻهو مسلمان آهن. مسلمانن جي مذهبي رسمن جي ٻولي، قرآن شريف جي لکت ۽ حديثن جا ڪتاب عربي ٻولي ۾ لکيل هجڻ جي ڪري پوري دنيا جا مسلمان عربي ٻولي سان عقيدت رکن ٿا. ڪعبة الله ۽ مسجد نبوي عربستان (سعودي عرب) ۾ هجڻ جي ڪري پوري دنيا جي مسلمانن کي عرب ڌرتي جي لاء احترام آهي، نتيجي طور عرب دنيا ۾ ٿيندڙ هر سياسي ۽ سماجي تبديليء جو اثر سڌي توڙي اڻ سڌي ريت پوري دنيا جي مسلمان ملڪن ۽ ماڻهن تي ٿئي ٿو.

عرب دنيا 22 ملڪن ۾ ورهايل آهي ۽ پوري دنيا ۾ صرف 30 ڪروڙ ماڻهو عرب آهن. يمن کان شام ۽ مصر کان مراڪش تائين وسيع ميداني علائقن، رڻ پٽ ريگستانن ۽ جابلو پٽين تي ڦهليل عرب دنيا جاگرفيائي طور تي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. عربن جا 12 ملڪ (يمن، عمان، متحده عرب امارات، قطر، بحرين، سعودي عرب، ڪويت، اردن، عراق، لبنان، فلسطين ۽ شام ايشيا کنڊ جي اوڀرپاسي آهن ۽ ان حصي کي وچ اوڀر چيو وڃي ٿو. عربن جا 10 ملڪ (مصر، جيبوتي، ڪومروس، سوڊان، صوماليه، لبيا، الجزائر، تيونس، موريتانيه ۽ مراڪش) آفريقا کنڊ جي اترئين حصي ۾ آهن تنهنڪري انهن ملڪن کي ملائي اتر آفريقا چيو وڃي ٿو. عربن جو سڀ کان وڏو ملڪ مصر آهي جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ آهي جڏهن ته عربن جو سڀ کان ننڍو ملڪ قطر آهي جنهن جي آبادي صرف اڍائي لک ماڻهن تي مشتمل آهي.

march A 15-2015  32

ڏهين صدي عيسوي جي مشهور عرب تاريخدان ابو الحسن علي بن حسين المسعودي لکيو آهي ته عرب نسل ۽ عربي ٻولي جي شروعات وادي عربه (يمن) جي اسماعيلي قبيلي مان ٿي جنهن کان پوءِ عرب پوري يمن ۽ حجاز (مڪي ۽ مديني تي مشتمل علائقو) تي ڦهلجي ويا. اسلام کان اڳ تقرين پوري عرب دنيا تي رومي شهنشاهيت جي حڪومت هئي، صرف عمان ايراني (فارسي) شهنشاهيت ۾ شامل هيو جڏهن ته مڪي ۾ ڪعبة الله سان عربن جي عقيدت جي ڪري رومي شهنشاهيت مڪي جو انتظام مقامي عرب قبيلي (قريش) جي حوالي ڪيو هيو. اسلام جي اچڻ کان پوء اسلامي فتحن جي نتيجي ۾ يمن، حجاز (مڪو ۽ مدينو)، نجد (رياض ۽ قصيم)، عراق، بلاد الشام (اسرائيل، لبنان، فلسطين، اردن ۽ سوريا پهريان هڪ ئي رياست هيا جن کي ملائي بلاد الشام چيو ويندو هيو). مصر جي فتح کان پوء عرب آفريقا کنڊ (صوماليه، سوڊان، لبيا، مراڪش، موريتانيه، الجزائر) اسلامي خلافت ۾ شامل ڪرڻ کان پوء يورپي ملڪ اسپين کي به فتح ڪيو. اسلام کان اڳ بلاد الشام (شام، لبنان، اسرائيل، فلسطين، اردن) ۾ سرياني ۽ آرميني ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، مصر ۾ قبطي ٻولي جي اڪثريت هئي، عراق ۾ آشوري ٻولي جي اڪثريت هئي جڏهن ته آفريقي ملڪن ۾ بر بر ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. مرڪزي حڪومت (خلافت) جي سرڪاري ٻولي توڙي مذهبي ٻولي عربي هجڻ جي ڪري انهن سمورن ملڪن ۾ عربي ٻولي رائج ٿيندي وئي ۽ هينئر انهن ملڪن جون قديم مقامي ٻوليون لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪيون آهن.

اٺين صدي عيسويء کان ويندي ويهين صديء جي شروعاتي ڏهاڪن تائين پوري عرب دنيا تي خلافتن جي حڪومت رهي آهي، خلافت راشديه، خلافت امويه، خلافت عباسيه، خلافت عثمانيه (انهن خلافتن جي هوندي به مختلف علائقن ۾ ننڍيون ننڍيون خلافتون هلنديون رهيون جن ۾ خلافت فاطميه، خلافت امويه ثانويه، خلافت مملوڪيه). انهن خلافتن جي تبديلي به وڏي خونريزي سان ممڪن هوندي هئي، خلافتن جي هوندي به ننڍيون وڏيون بغاوتون ۽ خانه جنگيون هلنديون رهيون، جنهن جي ڪري عام ماڻهو حڪومتي وهنوار ۽ سياسي عملن کان پاسيرو رهندا هيا. پهرين مها ڀاري لڙائي ۾ جڏهن اتحادي فوجين (برطانيه، فرانس) جي خلاف ترڪي جي عثماني خلافت جرمني جو ساٿ ڏنو ته برطانيه ۽ فرانس مقامي عرب قبائلي اڳواڻن ۽ عرب مذهبي عالمن جي ذريعي عثماني خلافت هيٺ رهندڙ عرب ملڪن ۾ عرب قومپرستي ۽ سلفيت (وهابيت) جو جذبو اٿاريو، جنهن جي نتيجي ۾ پهريان يمن پوءِ سعودي عرب عثماني خلافت کان آزادي ورتي. عثماني خلافت هيٺ رهندڙ عرب علائقن ۾ هڪ پير پرستيء جي مخالف مذهبي تنظيم اخلان المسلمين اڀاري وئي ان تنظيم سياسي ۽ انتظامي معاملا مڪمل طور تي مذهبي عالمن جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. سعودي عرب حجاز (مڪي، مديني، طائف، جدي) ۽ نجد (رياض ۽ قصيم) کي ملائي هڪ نئون ملڪ قائم ڪيو، جنهن کان پوء ڏکڻ ۾ يمن جي ٽن صوبن جيزان، نجران ۽ اسير تي قبضو ڪيو. ترڪي جا عثماني خليفا سُني پير پرست هيا جن کان بغاوت پئدا ڪرڻ جي لاء سعودي عرب جي سُني عالمن پير پرستيء کي رد ڪري اهل حديث (وهابي، سلفي) مڪتبه فڪر جو پرچار ڪيو. سعودي عرب جي مٿان آل سعود جي حڪمراني آهي جيڪي اصل ۾ رياض جي هڪ بدو قبيلي دُسيري سان تعلق رکن پيا، آل سعود جي سردار عبد العزيز رياض ۽ قصيم جي مذهبي مدرسن سان معاهدو ڪري سعودي عرب جي بادشاهت جو بنياد وڌو جنهن معاهدي هيٺ سعودي عرب جو انتظام آل سعود وٽ رهندو ۽ مذهبي معاملا وهابي مدرسا هلائيندا. مذهبي تنظيم اخوان المسلمين جڏهن سعودي عرب ۾ بادشاهت جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اسلام ۾ بادشاهت جي گنجائش ڪونهي پر صرف اسلامي خلافت قائم ڪئي وڃي ته سعودي حڪمرانن اخوان المسلمين جي اڳواڻن کي جلاوطن ڪري عراق، اردن، شام، مصر ۽ لبيا موڪلي ڇڏيو.

ٻي مها ڀاري لڙائي کان پوءِ جڏهن برطانيه ۽ فرانس عرب ملڪن کي آزادي ڏني ته ان سان گڏ بلاد الشام کي پنجن ملڪن ۾ ورهائي لبنان، شام، اردن، فلسطين ۽ اسرائيل ۾ ورهايو ويو. اسرائيل جي نالي سان يهودين جو نئون ملڪ قائم ڪرڻ تي پوري دنيا جا مسلمان ۽ خاص طور تي عرب ماڻهو ناراض ٿيا پر اڪثر عرب ملڪ نوان آزاد ٿيل هيا ۽ تقريبن سمورن عرب ملڪن جي مٿان نيون بادشاهتون قائم ٿيل هيون. انهن عرب بادشاهن پنهنجا پنهنجا ملڪ ۽ پنهنجون پنهنجون بادشاهتون بچائڻ جي لاء فلسطين جي ورهاست ۽ اسرائيل جي قائم ٿيڻ جي ڪا مخالفت نه ڪئي. نون آزاد ٿيل عرب ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيه، فرانس ۽ اسرائيل جي لاءِ نفرت وڌندي رهي نتيجي طور عرب ملڪن ۾ مغربي ملڪن ۾ رائج سياسي نظام جمهوريت کي به ڪافراڻو نظام سڏيو ويو ۽ بادشاهتون مضبوط ٿينديون رهيون. ٻي مها ڀاري لڙائي کان پوءِ جڏهن برطانيه ۽ جرمنيء جي بدران ٻه نوان سپر پاور ملڪ آمريڪا ۽ روس عالمي سياست ۾ آمهون سامهون آيا ته سرمائيدار ملڪن (آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس) جي مدد سان هلندڙ عرب بادشاهتن جي خلاف روسي ڪميونسٽن عوامي بغاوتون اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊگھو عرصو خلافتن ۽ بادشاهتن جي اثر هيٺ رهڻ جي ڪري عام عرب ماڻهو سياست ۽ حڪومتي تبديلي کان اڻ لاڳاپيل رهيو جنهن جي ڪري روس عرب ملڪن ۾ فوجي بغاوتن جي ذريعي تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. يمن، عراق، شام، مصر ۽ لبيا ۾ ڪامياب فوجي بغاوتن انهن ملڪن مان بادشاهتون ختم ڪري ڇڏيون.

مذهبي عالمن مغربي طرز جي جمهوريت جي سدائين مخالفت ڪئي، بادشاهتن کي هٽائي جيڪي فوجي اڳواڻ حڪومت ۾ آيا سي وقت گذرڻ کان پوء پاڻ به ڊڪٽيٽر بڻجي ويهي رهيا ۽ حڪومتي تبديلي ڪنهن وڏي خونريزي کان سواءِ ممڪن نه رهي. ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن عرب بادشاهتن کي روسي مدد سان فوجي بغاوتن جي ذريعي هٽايو ٿي ويو ان وقت باقي بچيل عرب بادشاهن روس مخالف آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ نار جي رياستن (سعودي عرب، عمان، بحرين، ڪويت، قطر ۽ متحده عرب امارات) جا بادشاھ شامل هيا. وهابي فڪر سعودي عرب جي اثر هيٺ هجڻ جي ڪري روسي ڪميونزم جي شديد مخالفت ڪئي وئي ۽ سڀني مسلمان ملڪن ۾ سعودي عرب جي مالي مدد سان ديني مدرسا قائم ڪري ڪميونزم، جمهوريت ۽ اولهه جي تعليم جي مخالفت ڪئي وئي.

افغانستان ۾ روسي فوج جي اچڻ کان پوء آمريڪا سعودي عرب جي مدد سان پاڪستان، يمن، مصر ۽ سوڊان ۾ مذهبي مدرسا قائم ڪيا جتي ننڍي عمر جي ٻارن کي مذهبي تعليم ڏيڻ سان گڏ هٿيار بند جنگ جي به تربيت ڏئي کين جهاد جي لاء تيار ڪري افغانستان موڪليو ويندو هيو. افغانستان مان روسي فوجين جي نڪري وڃڻ ۽ روسي ڪميونزم جي ٽٽي وڃڻ کان پوء مدرسن جي نالي تي شروع ٿيل ڪاروبار ڪندڙ مذهبي اڳواڻن پنهنجي نفرت جو رخ آمريڪا مخالف ڪيو، جيڪي جهادي ويڙهاڪ تيار ڪيا ويا هئا سي عام زندگي گذارڻ جي بدران ويڙھ کي جاري رکڻ جي ذهنيت ٺاهي چڪا هيا. افغاني جهادين ته افغانستان جي مٿان حڪومت قائم ڪري پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو پر ٻين ملڪن مان آيل جهادي جيڪي پنهنجن پنهنجن ملڪن (پاڪستان، يمن ۽ سوڊان) واپس وڃي سگھيا اهي پنهنجي ئي ملڪن ۾ ننڍا وڏا مذهبي ويڙهاڪ گروپ جوڙي پنهنجو ڪم جاري رکندا آيا باقي جيڪي جهادي پنهنجن پنهنجن ملڪن (سعودي عرب، ازبڪستان، آذر بائيجان، تاجڪستان) واپس وڃي نه سگھيا اهي افغانستان ۾ ئي طالباني سرڪار وٽ مهمان ٿي رهيا.

انهن جهادي ويڙهاڪن منجھان جيڪي عرب نسل جا هيا تن آمريڪا مخالف القاعده جوڙي پنهنجون ڪاروايون ڪيون. القاعده جي ڪم جو طريقو ٻين جهادي تنظيمن کان گھڻو مختلف هيو، القاعده جي شموليت جو دائرو انتهائي محدود رکي ڪنهن به ڪاروائي جي پلاننگ ڪري ان ڪاروائي کي پوري ڪرڻ جي ذميواري هڪ ٺيڪي طور ڪنهن به ٻئي ننڍي گروپ کي پئسن جي عيوض ڏني ويندي هئي، ڪاروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ القاعده ان جي ذميواري قبول ڪندي هئي، ڪاروائي پوري نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ جيڪڏهن ڪو نقصان يا گرفتاري ٿيندي هئي ته ان ۾ القاعده جو ڪو به نقصان نه ٿيندو هيو ڇو ته ان ڪاروائي ۾ القاعده جو ڪو به اڳواڻ سڌيء ريت ملوث نه هوندو هيو.

نائين اليون تي آمريڪي شهر نيو يارڪ جي جاڙن ٽاور کي جهازن جي ذريعي ڪيرائڻ جي ردِ عمل ۾ جڏهن آمريڪي فوجين افغانستان منجھان طالبان جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي ته القاعده به ڇڙ وڇڙ ٿي وئي ۽ القاعده جو سربراھ نظر بندي جي حالت ۾ پاڪستاني شهر ايبٽ آباد ۾ هڪ آمريڪي ٽارگيٽ آپريشن ۾ مارجي ويو. جنهن کان پوءِ القاعده ۽ ٻين جهادي گروپن جا ويڙهاڪ مختلف ملڪن ۾ ورهائجي ويا جنهن ڪري آمريڪا کي وري به اهو خطرو رهيو ته اهي جهادي ڪنهن نئين ملڪ ۾ گڏ ٿي وري نئين سري کان تنظيم ڪاري ڪري ڪا وڏي ڪاروائي ڪري سگھن ٿا.

عراقي صدر صدام حسين جي حڪومت ختم ڪرڻ کان پوءِ پوري عرب دنيا ۾ بادشاهتن ۽ آمريتن جي خلاف تحريڪ اڀري رهي هئي جنهن کي آمريڪا پنهنجي مفادن ۾ ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان پوء 2011ع ۾ عرب بهار جي نالي سان تيونس، مصر ۽ لبيا ۾ حڪومتون تبديل ٿي ويون.

جهڙي نموني هر مسلمان عربي نٿو ڳالهائي اهڙي نموني هر عربي ڳالهائيندڙ مسلمان ڪونهي، عرب دنيا مختلف مذهبن ۽ مختلف مذهبي فرقن ۾ ورهايل آهي جنهن ۾ اڪثريت سُني سلفي (وهابي) فرقي جي آهي پر ان سان گڏ سُني صوفي، شيعه اثناء عشري، شيعه اسماعيلي، شيعه علوي ۽ عبادي به وڏي اڪثريت ۾ آهن. مسلمانن کان پوءِ عربن ۾ اڪثريت عيسائي مذهب جي آهي جيڪي عراق، شام، لبنان ۽ مصر ۾ وڏي اڪثريت رکن ٿا. انهيءَ کان سواءِ عربن ۾ يزيدي، بهائي، دروزي، زر تشتي، صابي ۽ يهودي عرب به موجود آهن. عرب دنيا ۾ ڪنهن به حڪومتي يا سياسي تبديلي جي پٺيان مذهبي، فرقيواراڻا ۽ قبيلائي بنياد رهن ٿا. يمن، بحرين ۽ ڪويت ۾ اڪثريت شيعه مسلمانن جي آهي پر حڪومت سُني مسلمانن جي آهي جنهن ڪري يمن، بحرين ۽ ڪويت کي هر وقت شيعه بغاوت جو خوف رهي ٿو. سعودي عرب جي تيل جا ذخيرا اوڀر صوبي ۾ آهن جنهن جي آبادي شيعه فرقي جي اڪثريت رکي ٿي، نجران صوبو به مڪمل طور تي شيعه اسماعيلين جو آهي ۽ مديني ۾ پڻ شيعه وڌيڪ رهن ٿا جنهن جي ڪري سعودي عرب کي ايراني مدد سان شيعه بغاوت جو خوف رهي ٿو. عراق ۾ شيعه اڪثريت هجڻ جي باوجود هڪ هزار سالن کان مٿي سُني حڪمران رهيا آهن، شام ۾ سُني اڪثريت هجڻ جي باوجود شيعه علوي حڪمران بشار الاسد آهي جڏهن ته لبنان ۾ ٽي ڏهاڪا شيعه سُني تڪرار سبب گهرو ويڙهه هلندي رهي آهي. لبيا جي قذافي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار طبرق جي عُبيدي قبيلي جو آهي، لبيا جو سڀ کان وڏو قبيلو عُبيدي آهي. (هلندڙ)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو