Home / اسپيشل افيئر / عرب شيخ: تلورن سان گڏ عزتن جو شڪار!
above article banner

عرب شيخ: تلورن سان گڏ عزتن جو شڪار!

عامر عباس سومرو

روس جي علائقي سائبيريا ۾ دنيا جي سمورن علائقن جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿڌ پوندي آهي، تنهن جا پکي سياري جي برفاني مند ۾ سوين هزارين ميل اڏري پاڙيسري ملڪن ۽ انهن جي اڳين حصن ڏانهن اڏام ڪندا آهن جتي به سيارو ته هوندو آهي پر برف ناهي هوندي. هي مهمان پکي جن ۾ خاص ڪري آڙي ۽ تلور شامل آهن سي اتي ڪجهه مهينا ترسندا آهن ته جيئن انهن جي پنهنجي وطن ۾ سياري جي برف ڳري ۽ کين واپس پهچڻ تي کاڌو پيتو ملي سگهي. هنن پکين جو هڪ وڏو انگ پاڪستان به ايندو آهي جتي مهمان پکي آنا لاهيندا آهن، جن مان نڪتل ٻچا واپس وڃڻ مهل جوان ٿي اڏام جي قابل ٿي چڪا هوندا آهن ۽ هو پنهنجي ولر سان واپس پنهنجي اباڻي ماڳ روانا ٿيندا آهن. مطلب ته هتي رهڻ دوران پکين جي نسل ۾ واڌ ايندي آهي. هي هڪ خدائي سرشتو آهي ته هو رڳو ڪجهه هفتن لاءِ جتي اچن ٿا، اتان ئي هو پنهنجي نسل ۾ واڌ به ڪري ٿا وڃن. پر افسوس ته جڏهن هي مهمان پکي اچن ٿا تڏهن شڪاري پڻ انهن جي تاڙ ۾ ويٺل هوندا آهن، پوءِ نسل افزائي جي بجاءِ انهن جي وڏي پئمائي تي نسل ڪشي ٿيندي آهي. انهن معصوم ۽ بي زبان جاندارن جي قتلام ۾ مقامي ماڻهو ته شريڪ هوندا آهن پر نار جي حڪمران خاندانن جا فرد انهن جا خاص شوقين ٿين ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ انهن جي شڪار تي پابندي ۽ سزا جي قانون هئڻ باوجود انهن سڀني ضابطن ۽ قانونن کي اثر رسوخ ۽ پئسي جي زور تي هڪ ٿُڏي سان اڏاري ڇڏيندا.

ڪجهه سال اڳ مون کي به هڪ شيخ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو دبئي جو شهزادو هو ۽ تلور جي شڪار لاءِ بلوچستان جي علائقي قلعه سيف الله ۾ پهتل هو.

پنجاب جي علائقن ۾ هنن شيخن جي شڪار سان گڏوگڏ اتان جي مسڪين عوام جي نياڻين جي عزتن سان پئسي عيوض کيڏڻ جا داستان جيڪي خاص ڪري ان وقت مشهور ٿيا هئا جڏهن ڀٽي ۽ ضيا جي دور ۾ عرب امارات جو شيخ زيد بن سلطان النهيان هتي تلور جي شڪار سان گڏ هتان جي حسن جو شڪار به ڪندو هو. تنهن وقت هڪ مشهور هيروئن جو گهڻو چرچو هو. جيئن ته هو هر دفعي پاڪستان کي ڪو نه ڪو پروجيڪيٽ وغيره دان ڪري ويندو هو تنهن ڪري اسان جا حڪمران کين ڀليڪار ڪندا هئا. جيئن هنن شاهه فيصل ۽ شاهه خالد کي امداد ۽ نوڪرين عيوض پاڪستان ۾ بنيادپرستي ۽ مذهبي دهشتگردي جي کليل ڇوٽ ڏني هئي جنهن مان جان ڇڏائڻ هاڻي خود ملڪ جي ڪرتا ڌرتائن جي وس ۾ به ناهي رهيو.

ٿيو ايئن جو اهي سمورا قصا قلعه يوسف الله جي ٻهراڙين وارن به ٻڌا هئا ۽ ان خدشي جي ڪري ڪٿي هي شيخ سندن عزتن سان به راند نه ڪري، هنن پنهنجي علائقي ۾ شيخ جي خلاف احتجاج ڪيو ته هو کيس اچڻ نه ڏيندا. هي شيخ قلعه يوسف الله ۾ اتان جي چڱن مڙسن کي به نوازيندا هئا ته کين اتان جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ به پئسا ڏيندا هئا. پر هي احتجاج ڏسي هنن کي لڳو ته هو اهي پئسا به کيسن ۾ وجهن ٿا. علائقي واسين جون دليون کٽڻ لاءِ شيخ جي ڇاڙتن اها ترڪيب ڪڍي ته اتان جي سڀني ماڻهن جو بنا معاوضي علاج ڪرايو ويندوجنهن لاءِ هنن ڪراچي مان ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم گهرائي، جنهن ۾ آءُ به شامل هئس. علائقي واسين کي چيو ويو ته ڪراچيءَ مان آيل ڊاڪٽرن جي ٽيم هنن جو علاج ڪندي ۽ دوا ڪيتري به مهانگي هجي کين ضرور ڏني ويندي. اهو ٻڌي ڳوٺ جي ماڻهن ۽ چڱن مڙسن حامي ڀري.

ڪراچي مان جنهن اسپتال جي اسٽاف کي گهرايو ويو اها اسپتال به شيخن جي پئسن سان هڪ اهڙي شخص ٺهرائي آهي جيڪو وري ان جي ئي سامهون هڪ مدرسو پڻ هلائيندو آهي جتان مذهبي شدت پسند ئي نڪرندا آهن. بهرحال ڊاڪٽرن جي ٽيم ۾ ان اسپتال جو انچارج ڊاڪٽر سان گڏ هڪ ٻيو ڊاڪٽر ۽ پئرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ مون سوڌو 7 ڄڻا فلائيٽ ذريعي ڪوئيٽا روانا ٿياسين. عرب شيخ جو ٻڌي انچارج ڊاڪٽر پنهنجي گهر واري جيڪا ڪيئي سالن کان پريڪٽس نه ڪندي هئي تنهن کي ٽيم ۾ کنيو. اسان کي پهرين رات ڪوئيٽا جي مشهور هوٽل لُورڊس ۾ رهايو ويو ۽ ٻئي ڏينهن جيپن وسيلي قلعه سيف الله روانو ڪيو ويو. اتي به رات سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ ترسايو ويو جنهن جي بالڪوني مان پريان تمام وڏي روشني نظر آئي، پڇڻ تي خبر پئي ته اها شيخ جي رهائش گاهه آهي.

march B 44

اسان صبح جو شهر جي ميڊيڪل اسٽور تان عام بيمارين جون لکين روپين جو دوائون ان شرط تي ورتيون ته بچيل دوائون اسٽور وارو واپس وٺندو. اتي آيل شيخ جي گاڏين جي اسڪواڊ جا ڊرائيور جيڪي اٽڪل سمورا سرائيڪي بيلٽ جا هئا تن اسان کي چيو ته سائين پئسا شيخ ڀريندو پوءِ ڇو نه اسان کي به سموري گهر جون دوائون وٺي ڏيو. اسان انهن کي به پيءُ ماءُ ۽ ٻارن ٻچن جي دوائن سوڌو کين مرداڻي طاقت جون دوائون به وٺي ڏنيون. جڏهن ڳوٺن جو رخ ڪيوسين ته اتان جا ماڻهو تمام مفلس هئا جن جو لباس هٿ لڳڻ سان ڦاٽي ٿي پيو. انهن جو گذارو زراعت تي هو پر اتي پاڻي اڻلڀ هو. هي علائقو پهاڙن ۽ ميدانن جو آهي جتي ڪا به عوامي ٽرانسپورٽ نه هئي. پر حيرت جهڙي ڳالهه اها هئي ته انهن ۾ تمام گهٽ ماڻهو بيمار هئا جن کي ڪا وڏي بيماري نه هئي. واپسي تي اسان کي خيمن ۾ ترسايو ويو. هتي خيمن تي ٻڌل هڪ عارضي شهر آباد ڪيو ويو هو جنهن ۾ بجلي پاڻي، سيٽيلائيٽ ٽي وي، سيٽيلائيٽ فون، بيشمار گاڏيون ۽ هيلي ڪاپٽر تائين جون سهولتون هيون. اسان کي به ٻن ٻن ڀاتين ۾ ورهائي ڪمرو ڏنو ويو جنهن سان اٽيچ باٿ هيو جنهن ۾ اليڪٽرانڪ گيزر پڻ هيو ۽ ڪمري کي سخت سيءُ کان بچاءُ لاءِ هيٽر به.

هنڌ (بستر) تي وڇايل چادر آمريڪا جي، ڪمبل اسپين جو، پاڻي جي بوتل دبئي جي، سون جو پاڻي چڙهيل ٿانوَ لنڊن جا، ته ٽوال آسٽريليا جا هئا. مانيءَ لاءِ سمورو سامان هڪ الڳ جهاز ۾ دبئي کان آندو ويو هو جنهن ۾ ٻڪر، ڪڪڙيون به شامل هيون.

مفت جي دوا ۽ علاج تي اتان جا رهواسي خوش ٿي ويا ۽ شيخ لاءِ شڪار خاطر ڪا به رڪاوٽ نه بچي. شڪار جي لاءِ جيڪي جيپون آنديون ويون سي پئٽرول تي هلندڙ هيون ڇو جو پئٽرول وارين گاڏين جو پڪ اپ ڊيزل وارين گاڏين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي. هتان جا رستا تمام ڏکيا هئا جنهن ۾ ڪو اجنبي اچي ته وري واپسي جو رستو نه ڳولهي سگهي تنهن لاءِ رستن جو هڪ ماهر پڻ شيخ سان ساڻ هيو ۽ بازن جا ملازم به ڪافي هئا. شيخ جي حفاظت لاءِ 250 ليويز اهلڪار پڻ گهرايا ويا هئا. اسان سان گڏ آيل انچارج ڊاڪٽر کي ڪنهن ٻڌايو هو ته جيڪو به شيخ سان ملندو آهي تنهن کي موڪلائڻ مهل شيخ روليڪس واچ جيڪا لکين روپين جي هوندي آهي سا سوکڙيءَ طور ڏيندو آهي. تنهن ڪري ايندي ئي، هن شيخ سان ملڻ جا جتن ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا جنهن ۾ تڏهن ٺاپر آئي جڏهن اسان سان آيل شيخ جي خاص ماڻهوءَ کيس ٻڌايو ته بابا شيخ هر ڪنهن سان ناهي ملندو، تون پنهنجو اهو ڪم ڪر جنهن لاءِ توکي گهرايو ويو آهي.

ٻئي ڏينهن صبح جو شيخ پنهنجي اسٽاف ۽ نوڪرن جي فوج ۽ ڪيئي گاڏين سان پنهنجا باز ساڻ کڻي تلور جي شڪار تي نڪري پيا. تڏهن ان جو قافلو اسان سان گڏيو اهو به ان ڪري جو شيخ خرچيءَ جي لالچ ۾ لائن ٺاهي بيٺل ليويز جي هڪ هڪ سپاهي کي هزارين روپيا خرچي ڏيندو پيو وڃي. سندس پويان گاڏيون شڪار ڪيل تلورن سان ڀريل هيون. جنهن ڳالهه مون کي اچرج ۾ وڌو اها شيخ جي گاڏين جي قافلي ۾ شامل اها گاڏي هئي جنهن جي دروازن تي ٺهيل تلور جي فوٽوءَ هيٺان لکيل هو: ته “تلور هڪ ناياب پکي آهي جنهن جو نسل شڪار سبب گهٽجندو پيو وڃي تنهن ڪري ان جو شڪار نه ڪيو”. اهو پڙهي هڪ مهذب شهري هئڻ ناتي مون کي سخت ندامت محسوس ٿي ته ڪيئن نه پئسن عيوض اسان جي قانون، عزت، امن امان، تعليم ۽ سوچ جو عرب دنيا جا امير ملڪ مذاق پيا اڏائن ۽ هتان جا حاڪم ۽ سموري انتظاميه سندن خوشامد ۾ ڪا به ڪسر نٿي ڇڏي. شيخ لاءِ ڪوئيٽا کان قلعه سيف الله تائين تمام سرڪاري عملدار ۽ سهولتون سندس لاءِ ۽ اسٽاف لاءِ ڏينهن رات حرڪت ۾ هئا جيڪي پنهنجي ملڪ جي عوام لاءِ هميشه ننڊ ۾ ستل هوندا آهن. تلور جهڙي معصوم پکي جي نسل ڪشي ڪندي شيخ جي ٻڌل خيمن جي شهر، اسٽاف جي چرپر ۽ ٻين خرچن کي ملائي دبئي جي شيخ ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا پر هتان جي ماڻهن کي ڪجهه لکن جي دوائن ۾ خوش ڪري ويو. هونئن به ماڻهن جو شيخ تي ڪو به حق نه هيو ڇو جو هو حڪومت جي اجازت سان ئي آيو هو ۽ اتان جي چڱن مڙسن جوگيزئي خاندان جو مهمان هو، پوءِ عام ماڻهوءَ سان ان جو ڪهڙو واسطو.

هلندي هلندي عربن اسان پاڪستانين کي پنهنجي اصليت به ڏيکاري جڏهن هنن اسان سان آيل پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي واپسي تي جهاز بجاءِ ٽرين جي ٽڪيٽ ڏني ۽ احتجاج تي چيائون ته هونئن توهان ڇا جهاز تي گهمندا آهيو؟

واپسي مهل اتان جي اسٽاف اسان کي چيو ته توهان جو استعمال ٿيل سمورو سامان اڇلايو ويندو تنهن ڪري توهان کي جيڪو وڻي توهان کڻي وڃو جنهن تي اڪثر ساٿين کي جيترو لڳو تن اهو سامان ٿيلهن وغيره ۾ ڀريو ته وري ڪن کي ننڍا ٿيلها هجڻ جي ڪري گهڻو سامان نه کڻڻ تي افسوس رهجي ويو.

amirsoomro@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو