Home / اسپيشل افيئر / غير معياري دوائن جو وڪرو دوا اندر- دم ٻاهر!
above article banner

غير معياري دوائن جو وڪرو دوا اندر- دم ٻاهر!

پنهنجي ملڪ جي انڌير انگري راڄ ۾ ڪيترائي اهڙا قصا آهن، جن سان انسان ذات کي خطرا موجود آهن، پر انساني صحت جي حوالي سان سنڌ ۾ غير معياري ۽ نقلي دوائن جو ڪاروبار عروج تي آهي، ان ۾ مسيحا منافعي خورن سان ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ويا آهن. هن سڄي معاملي ۾ سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن جي حالت هڪجهڙي آهي، پر رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جو جائزو وٺبو ته اڇا ۽ ڪارا پڌرا ٿي ويندا!

ڪراچي جي ڪڇي گهٽي يا حيدرآباد آڏواڻي گهٽي، سول اسپتال حيدرآباد هجي يا سول اسپتال ڪراچي يا جناح اسپتال ڪراچي يا وري حيدرآباد جي صدر ۽ ٻين پوش علائقن جون ڊاڪٽرس اسٽريٽس هجن اتي ميڊيڪل ريپس(نمائندن) جي ڊاڪٽرن ۽ غير معياري دوائن، دوا ساز ڪمپنين جا ٺيڪيدار ڳٺ جوڙ ڪندي نظر ايندا.

march A 15-2015  45

حڪومت جي بي ڌياني ۽ دوائن جي فراهمي، خريداري ۽ معيار جاچڻ توڙي دوا سازي تي لاڳو شرطن تي عمل نه ٿيڻ بابت ڪا به واضح پاليسي نه هئڻ سبب سرمائيدار طبقي سان لاڳاپيل منافعي خورن، جنرل پريڪٽس توڙي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏجي غريب ۽ عام ماڻهن کي ڦرڻ لاءِ اهڙو ڪاروبار شروع ڪيو آهي، جنهن ذري گهٽ طوفان آڻي ڇڏيو آهي. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب پيشيور ٺيڪيدارن جو اهم ڪردار آهي. اهي ٺيڪيدار ڪمپنين جي رجسٽريشن لاهور، فيصل آباد، گجرانوالا، اسلام آباد مان ڪرائي، را مٽيريل هٿرادو پيڪنگ ڪرڻ بعد اهي دوائون مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن ٿا، انهن جو کاپو هن ريت ڪيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن دوا (اصل ۾) 10 روپين جي آهي ته هن جي قيمت 500 روپيا لکي گهٽ پگهار تي ميڊيڪل ريپس (نمائندا) مقرر ڪري کين لاڳاپيل هنڌن تي ويٺل ڊاڪٽرن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو ۽ پوءِ اهي (نمائندا) ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪري کين دوا جي قميت مان 50 سيڪڙو ڪميشن ڏيڻ جي آڇ تي راضي ڪري مريضن لاءِ دوائون لکرائين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ 10 روپين واري دوا مريض 500 روپين ۾ خريد ڪري ٿو. جنهن مان 250 روپيا ڊاڪٽر جي ڪميشن، 30 روپيا اسٽور وارو، باقي 210 روپيا دوائون فراهم ڪندڙ مالڪ کي ملن ٿا، جيڪي مقرر (نمائندا) ميڊيڪل ريپس کي ٿوريون پگهارون ڏئي ماهوار لکين روپيا منافعو ڪمائين ٿا پر اهڙن واپارين جي ڪا به پڇا ڳاڇا نه هئڻ، هڪ لک روپين تائين سيڙپ ڪندڙ ماڻهو به ماهوار 70 کان 30 هزار گهر ويٺي ڪمائي ٿو. هڪ همراهه بخار جي دوا جو فارمولو لاهور ۾ اهڙي ئي دوا سازن وٽ کڻي پهتو ۽ 50 هزار روپيا کين ڏئي فرضي نالي چار لک رپين جون دوائون ٺهرائي مارڪيٽ، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻهراڙين وارن چئن ضلعن ۾ پهچي ويو. سڀ وڪامجي ويون.

هاڻي حشر اهو آهي ته اهڙيون دوائون جعلي ڊاڪٽر يا وڏا ڊاڪٽر به پنهنجي ڪلينڪ جي “ڀر“ ۾ اسٽور کولرائين ٿا ۽ مريضن کي پرچي هٿ ۾ ڏئي “دوا” وٺڻ جو چيو وڃي ٿو پر جيڪڏهن مريض جا کيسا خالي يا وٽس ٿورا پئسا آهن ۽ “دوا” ٻي ڪنهن اسٽور تان وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ته کيس ڊاڪٽر صاحب جي پرچي ۾ لکيل “دوا” ان اسٽور تان نه ملندي، پوءِ واپس اچي ساڳئي ڊاڪٽر جي “ڀرواري” اسٽور تان اها دوا خريد ڪندو. اهڙي ئي نموني غير معياري دوائن جا مرڪز عام هلي رهيا آهن، پر انساني حياتين لاءِ هاڃيڪار ۽ زهريلي ڪاروبار خلاف ڪير ڪارروائي نٿو ڪري.

غريب مريض غير معياري دوائن جي خريداري سبب وڌيڪ رقم خرچ ڪرڻ باوجود بيمارين کان آجا نه ٿي سگهيا آهن. واضح رهي ته دوائن جي تياري ۽ وڪري تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نيشنل ڊرگ ريگيوليشن اٿارٽي جوڙيل آهي پر مذڪوره اٿارٽي طرفان چيڪ اينڊ بئلنس جو ڪو به نظام نه هجڻ ڪري انساني زندگين سان موت جي سوداگرن کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

1973/74 ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت دوران دوائن بابت هڪ پاليسي جوڙي وئي هئي ته ڪو به ماهر ڊاڪٽر يا ننڍو ڊاڪٽر ڪنهن به مريض جي علاج لاءِ دوا جو نالو لکي نه سگهندو، صرف فارمولو لکي سگهندو پوءِ مريضن جي مرضي هوندي ته هو ڄاڻايل فامولي جي ڪهڙي دوا خريد ڪري ٿو. اهو ته ان وقت اها پاليسي جوڙي وئي پر هن وقت هڪ هڪ فارمولي جون هزارين دوائون بازار ۾ موجود آهن، ڊاڪٽر مريضن کي دوا جو نالو لکي ڏئي ٿو. جيڪڏهن مريض کي ڊاڪٽر جي دوا نٿي ملي ته هو ساڳئي فارمولي جي ٻي ڪا به دوا خريدڻ لاءِ تيار ناهي ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر چاهي ٿو ته مريض “اها دوا“ خريد ڪري جيڪا کيس هن لکي ڏني آهي.

هڪ جائزي موجب ڊاڪٽر کي معاهدو ڪندڙ ڪمپنين جون دوائون لکي ڏيڻ بابت رڳو سنڌ جي ٻي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ اها مشق وڏي انگ ۾ نظر ايندي، هن شهر ۾ توڙي ٻين ضلعن کان روزانو ايندڙ 4 کان 5 هزار مريض کي ڊاڪٽر اهڙيون دوائون لکي ڏين ٿا، سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ ڏورانهن علائقن کان ايندڙ ماڻهو ڊاڪٽر جي اهڙي پرچي، دوا جو شڪار ٿين ٿا. هن سڄي صورتحال جو محور بڻيل ڊاڪٽر لاءِ ملڪي ڪمپنين وري فينسي ڊرگس نالي دوائون متعارف ڪرايون آهن. جيڪي مهانگيون ۽ ملٽي وٽامن جون هجن ٿيون. اهي ڀلي مريضن لاءِ ضروري نه هجن پر ڊاڪٽر جي پرچي ۾ مريض ضرورتمند هجي ٿو.

غير معياري دوائن ٺاهيندڙ ساڻن سهڪار ڪندڙ ڊاڪٽرن لاءِ مختلف معياري پئڪج ۽ پرڪشش تحفا ڏين ٿا. دوا ساز ڪمپنيون عام ايم بي بي ايس ڊاڪٽر کي ڪتاب، ڪجهه گهرو سامان، پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽر کي فائيو اسٽار هوٽل جي ڊنر، لنچ، مختلف هنڌن تي پروگرامن جو ڀاڙو خرچ وغيره ۽ ماهر ڊاڪٽرن کي وري مختلف ملڪن جا دورا، نيون گاڏيون، بنگلا، بنگلن جي مرمت ۽ ٻارن جي اسڪول في به ادا ڪئي ٿي وڃي. صحت جهڙي حساس شعبي ۾ ههڙا هاڃا ڇا گهٽ آهي!؟ ۽ اهو تماشو ڪنهن کان ڳجهو آهي ڇا؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو