Home / دنيا / قومپرستي جي واپسي، سٺو يا بَد سنوڻ؟
above article banner

قومپرستي جي واپسي، سٺو يا بَد سنوڻ؟

گڊين راخمين

ويجهڙ جي سالن ۾ قومپرستي کي ڪيترن ئي ليکڪن مستقبل جي لهر سڏيو آهي. ڪاروبار، ٽيڪنالاجي ۽ معاشي طور سگهارين قوتن جو ظاهري طرح گهڻي ۾ گهڻو عالمي رابطي تي زور رهيو آهي. عالمگيريت واري هن دنيا ۾ سرحد پار مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ عالمي واپاري تنظيم، جي-20، ۽ عالمي فوجداري عدالت جهڙا قوميتن کان مٿاهان ادارا قائم ڪيا ويا. ان دوران يورپي ملڪن قومپرستي ڇڏي پنهنجي خودمختيارين کي يورپي يونين هيٺ متحد ڪيو ۽ ايڪويهين صدي جي سياسي ماڊل طور اڳيان آيا.

تنهن هوندي به 2015 ع ۾ اهو واضح ٿي ويندو ته قومپرستي هڪ ڀيرو ٻيهر موٽ کاڌي آهي. يورپ کان ايشيا ۽ آمريڪا تائين انهن سياستدانن جي طاقت ۽ اثر رسوخ وڌندو جيڪي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي حق ۾ وڌيڪ سگهاري انداز ۾ ڳالهائيندا. ان جو نتيجو عالمي تڪرارن ۾ واڌ، گهڻ رخي سهڪار جي ڪوشش جي حوالي سان، پوءِ اهي ماحوليات، وڻج واپار، ٽيڪس يا ترقي بابت هجن ناخوشگوارماحول جي شڪل ۾ نڪرندو.

قومپرست سياست جو ٻيهر اُڀرڻ 2014ع ۾ ئي واضح ٿي ويو هو. ڀارت ۾ نريندر مودي، جنهن کي هندو قومپرست چيو ويندو آهي، اليڪشن ۾ شاندار فتح حاصل ڪئي. قومپرست پارٽين يورپي پارليامينٽ جي چونڊن ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، جن ۾ فرانس جي نيشنل فرنٽ ۽ برطانيا جي يو ڪي آءِ پي پارٽيون سرفهرست آهن. اسڪاٽش قومپرست برطانيا کان آزادي لاءِ ٿيل ريفرنڊم ۾ سوڀ جي بلڪل ويجهو پهچي ويا هئا. روس ۾ به جڏهن ڪريملن ڪريميا تي قبضي لاءِ ملڪ اندر حمايت حاصل ڪرڻ خاطر روسي ميڊيا کي استعمال ڪيو ۽ ٻاهرين دنيا کي جارحاڻو بڻائي پيش ڪيو ته قومپرست بيانن ۾ واڌ آئي.

ٻرنديءَ تي تيل:

سڄي دنيا ۾ قومپرستي جي ٻيهر اُڀار جو هڪ گڏيل سبب ورهين کان مايوس ڪندڙ معاشي اوسر کانپوءِ سياسي ۽ ڪاروباري مقتدر طبقن کان ناراضگي جو عام ٿيڻ آهي. اولهه يورپ ۾ هڪ ٻيو پهلو وڏي تعداد ۾ مهاجرن جي اچڻ تي ڪاوڙ پڻ آهي. روس ۾ واڌ جو سبب سوويت يونين جي زوال تي هيلتائين محسوس ڪئي ويندڙ شرمندگي ۽ ٻيهر عظيم طاقت بڻجڻ جي خواهش آهي. ايشيا ۾ طاقت جو بدلجندڙ توازن، چين ۽ ڏکڻ ڪوريا جهڙين قومن کي خاص طور تي جاپان خلاف تاريخي شڪايتن ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ اُڪسائي رهيو آهي. داعش جي وڌندڙ طاقت تي آمريڪي عوام جي ڪاوڙ وڌيڪ جارحاڻي ۽ عسڪري نوعيت جي پرڏيهي پاليسي ڏانهن واپسي جي تحريڪ کي هوا ڏئي رهي آهي.

2015ع ۾ انهن مان ڪيتريون ئي قومون وڌيڪ سگهه حاصل ڪري وٺنديون. ان ڪري عالمي سياست ۾ قومپرستي جي لهر وڌيڪ حاوي رهندي.

march A 15-2015  35

يورپ ۾ قومپرستي جي وڌيڪ سگهاري هئڻ جو پئمانو برطانيا ۾ عام چونڊون ۽ جرمني ۾ ڪجهه مڪاني چونڊون هونديون. برطانيا ۾ يو ڪي آءِ پي جي وڌندڙ مقبوليت انهن خدشن کي اڀاريندي ته ملڪ جلد يورپي يونين کان الڳ ٿي سگهي ٿو. ان دوران “الٽرنيٽو فار جرمني پارٽي” جنهن جو چوڻ آهي ته جرمن مفادن کي يورپي يونين جي ماتحت ڪيو ويو آهي، ان ڪري اها پاڻ کي ملڪ جي ٽين سياسي قوت طور مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. فرانس جو سياسي طبقو صدارتي اميدوار طور نيشنل فرنٽ جي ليڊر ميرين لي پين جي عروج تي نظر رکندو.

ان هوندي به يورپ جي استحڪام کي سڀ کان وڏو خطرو روسي قومپرستي مان آهي. يورپ بلڪه شايد سڄي دنيا لاءِ سلامتي جو اهم سوال اهو هوندو ته آيا صدر پيوٽن قومپرستي جي لهر آڌار اڳتي وڌندي يوڪرائن سان گڏ بالٽڪ رياستن لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿو يا نه؟

قومپرست بيان بازي ۽ سرحدي تڪرار به ايشيا جي مستقبل لاءِ اهم هوندا. ڀارت جو مودي، جاپان جو شنزو آبي ۽ چين جو زي جن پنگ، سڀ جو سڀ قوم ٺاهيندڙ اڳواڻ آهن، جن ملڪي سڌارن لاءِ قومپرستي جي تحريڪ کي استعمال ڪيو. ليڪن سندن قومپرستي جو هڪ ٻاهريون روپ به آهي. 2015ع ۾ ايشيا لاءِ وڏو سوال اهو هوندو ته آيا چين جي ڀارت ۽ جاپان ۾ ملڪي سڌارن تي عمل ڪرڻ جي خواهش عالمي تڪرارن تي حاوي رهندي. هتي اميد جو پهلو موجود آهي، جيتوڻيڪ چين ۽ جاپان وچ ۾ ٻيٽن تي ڇڪتاڻ جهڙا ڪجهه مسئلا برقرار رهندا تنهن هوندي به امڪان اهو آهي ته سياسي اڳواڻ بنيادي اصولن تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ اختلاف نبيري وٺندا.

مجموعي طور تي قومپرست سياست جي نئين سر اُڀرڻ جي ڪري 2015ع ۾ عالمي سهڪار لاءِ نهايت خراب سال ثابٿ ٿيندو. يورپي يونين کي خطي جي معيشت بحال ڪرڻ ۽ روس کي منهن ڏيڻ جهڙن قدمن کڻڻ بابت اتفاق راءِ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. روس کي ديوار سان لڳايو ويندو، جنهن ڪري گڏيل قومن جي وچ اوڀر کان وٺي ماحولياتي تبديلي جي ڳالهه ٻولهه تائين ڪنهن به معاملي تي اتفاق راءِ پئدا ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو. عالمگيريت تي ٻڌل معاشي نظام 2015ع ۾ قومپرستي جي اثر کان بچي ويندو ليڪن قومن جي وچ ۾ سهڪار زوال جو شڪار ٿي ويندو.

ليکڪ پرڏيهي اخبار فنانشل ٽائمز جو عالمي مامرن بابت چيف ڪالم نگار آهي.

Courtsy: Jan Media group:

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو