Home / ويندي ويندي / لڪڙ بگڙ
above article banner

لڪڙ بگڙ

اهو شاه صاحب ستر جي ڏهاڪي ۾ شاگرد سياست جو وڏو نالو آهي، ڇاته سندس اثر هيو. سنڌ يونيورسٽي سندس ليڊري جي زماني ۾ سندس ذاتي جاگيرمثل هئي.ڪو زمانو هيو جوکيس سائين جي ايم سيد جو سياسي جانشين سڏيو ويندو هيو. شاگرد سياست ۾ کوڙ برايون سندس سبب داخل ٿيون جنهن مان هڪ برائي ، وڏن ماڻهن جي ونگار وهڻ، ته عزيز ڀنگوار نالي سندس همعصر شاگرد “مان ڏوهي هان” ڪتاب لکي پڌري ڪري چڪو آهي. هي قومي هڏڏوکي اڳواڻ شاگرد سياست کي خيرآباد ڪرڻ کان پوءِ وفاق پرست سياست جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو ۽ پوءِ اهڙو ڦاٿو جو هاڻي اها سياست کيس تڙي به ٿي ته به اهو در ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. ڪڏهن سائي پرچم جي پاڇي ۾ ته ڪڏهن ٽه رنگي جهنڊي جي گاڏي ۾. پر قوم پرستي جي نالي ۾ شاگرد سياست ۾ جيڪي بيڪار رواج وجهي ويو سي اڄ به قوم پرستن جي کاتي ۾ لکيا وڃن ٿا.

گل محمد جکراڻي ،ستار موريو، خيرپور جا هيسباڻي جن کي بعد ۾ کڙتالي جو نالو ڏنو ويو، ۽ اهڙا سوين قومپرست شاگرد اڳواڻ اسي جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جا “دادا” هيا. يونيورسٽيون سندن ذاتي جاگيرون هيون. ڪنهن کي جلسو ڪرڻ ڏيڻو آهي، ڪنهن کي يونٽ کولڻ جي اجازت آهي، ڪير اچي وڃي سگهي ٿو سڀ سندن مرضي تي منحصر هيو.

march B 58 15

ڊي ايس ايف جلسو ڪري ته ان تي پادريشن. ايس ايس ٽي پروگرام ڪري ته ان تي پابندي. سندن ئي گروپ جو ڪو سنجيده شاگرد آريسر يا ٻئي ڪنهن کي يونيورسٽي اچڻ جي دعوت ڏئي ته سندس مٿو ڦاٽل. جکراڻي ۽ مورئي گڏجي اها سلطنت هلائي. اسي جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ماڻهن مارشل لا مخالف جدوجهد ڪئي ۽ هنن اڳواڻن ان تحريڪ ۾ حصو وٺڻ کي قومي فڪر سان دغا قرار ڏيندي سنڌ جي تعليمي ادارن کي MRD کان وٿي تي رکيو. قومي تحريڪ جون اڪثر برايون سندن سبب داخل ٿيون. ڏوهارين کي تعليمي ادارن ۾ ٽڪائڻ، سياسي اختلاف راءِ برداشت نه ڪرڻ، سنجيده سياست نه ڪرڻ وغيره وغيره.

قوم پرست سياست ۾ برائي جا Trend Setter اهي هيا باقي ڪُت خلقت سندن پاڇي ۾ جوان ٿي. اهو شاگرد سياست جو اونداهو دور هيو. سنڌ سندن حرڪتن جا ڪيتا اڃا لوڙي ٿي. . فقيرداد کوسو هجي، حيدرشاهاڻي هجي يا بشير خاصخيلي. اهي ۽ اهڙا کوڙ ليڊر جڏهن شاگرد اڳواڻ هيا ته سندن سڀ برايون قوم پرست سياست جي کاتي ۾ شامل ڪيون ويون. گل محمد جکراڻي ۽ ستارمورئي ڄامشوري مٿان “ڪيٽي ڄامشورو” جو ٽِڪو لڳرايو . ۽ ان ۾ ڪو وڌاءُ به ڪونه هيو. ڏوه سندن هاسٽل ۾ پناه وٺندو رهيو.

پر پوءِ ڇا ٿيو ته، شاگردي دور مان مسين مسين ، اڇا مٿا ڪري نڪتا. کين مفت جي مانين کائڻ جي اهڙي هير پئجي وئي جو وري نه حلال ماني جو خيال دل ۾ آين. اڪثر وڃي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا. ڪي ٿورا اڳواڻ ليگلا بڻيا. قوم سان کين عشق هجي ته ڏک سک جا ساٿي ٿين. قومي سياست ۾ اها لئي لست ڪٿي جيڪا کين يا شاگرد سياست ڏني پئيسو عملي زندگي ۾ کين پيپلز پارٽي يا ٻي ڪنهن وفاقي پارٽي وڌيڪ ڪشش نظر آئي ٿي.

اڄڪلهه ماضي جا اڪثر قوم پرست شاگرد اڳواڻ ڪنهن پيپلي يا ليگي وڏيرن جي درن ٻاهران ويٺل آهن. سندن ڪو ليکو چوکو ڪونه ٿيو. ڪنهن به کانئن اڳ وٺي نه پڇيو ته اوهان ڪالهه غلط هيا يا اڄ؟ جي ڪالهه غلط هيا ته ان جي ڪا معافي؟ اوهان جيڪو شهيد نظير عباسي کي ٿڦڙ هنيو يا شاگردن جا تعليمي سال برباد ڪيا ان جو حساب ڪتاب ڪير ڏيندو؟

سائين منهنجا، اسان سماجي وهنوار ۾ جيستائين اهو ليکو ڪرڻ لائق نه ٿا ٿيون تيسيتائين ماضي مان نه سکي سگهون ٿا، نه ان کي ورجائڻ کان روڪي سگهون ٿا. ٻيو نه تهي کين ڏسي منهن ته ڦيرائي سگهون ٿا؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو