Home / دنيا / مظلوم فلسطيني: اسرائيل تاريخ مان ڪجهه نه پرايو!
above article banner

مظلوم فلسطيني: اسرائيل تاريخ مان ڪجهه نه پرايو!

ڊاڪٽر مبارڪ علي

اسان تاريخ ۾ جڏهن مظلوم قومن بابت پڙهون ٿا جيڪي اقتدار کان محروم هيون، ڪمزوري ۽ بيوسي جو مظهر هيون ته اسان کي ساڻن همدردي ٿيندي آهي ۽ جيڪي مٿن ظلم ڪن ٿا ۽ سندن استحصال ڪن ٿا ته انهن کان گهڻي نفرت ٿي ويندي آهي. ليڪن ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته مظلوم قومون اقتدار ۾ اچي وينديون آهن، جنهن جي ڪري سندن ماضي جو ڪردار بدلجي ويندو آهي. طاقت سندن روين ۽ رجحان کي بدلائي ڇڏيندي آهي. مثال طور رومي امپائر ۾ جڏهن عيسائي مذهب جي شروعات ٿي ته ان جا مڃيندڙ پر امن ۽ تشدد کان پري هئا. شروعاتي دور ۾ اهي پنهنجا مذهبي فرض به ڳجهي نموني ادا ڪندا هئا، جڏهن آهستي آهستي سندن تعداد وڌيو ته اهي رومي حڪومت جي نظرن ۾ اچي ويا. رومين کي سندن مذهبي عقيدي سان جهيڙو نه هو ليڪن اهي چاهيندا هئا ته رومي رعيت جي حيثيت ۾ بادشاهه کي ديوتا طور قبول ڪن. انڪار جي صورت ۾ کين قتل ڪيو ويندو هو. ايئن به ٿيندو هو ته جڏهن عوام جي تفريح لاءِ مقابلا ٿيندا هئا ته ان موقعي تي کين شينهن اڳيان اڇلايو ويندو هو. عيسائين جي مشهور مبلغ سينٽ پال ۽ سينٽ پيٽر کي به قتل ڪيو ويو هو، جڏهن به ملڪ ۾ ڪا آفت يا بحران ايندو هو ته عيسائين کي ذميوار قرار ڏنو ويندو هو. اها صورتحال ان وقت تائين جاري رهي جڏهن 313 عيسوي ۾ قسطنطين عيسيائي مذهب اختيار ڪيو، جيئن ئي بادشاهه جو مذهب عيسائيت بڻيو، عيسائي فرقو مظلوميت جي دائري مان نڪري شاهي سرپرستي ۾ اچي ويو. حڪومت عوام کي مجبور ڪيو ته اهي عيسائي مذهب اختيار ڪن. عيسائيت جي تبليغ ۾ حڪومت جي مدد سان ان جي رهنمائن پراڻن رومي مندرن کي ڊاهڻ شروع ڪيو ۽ سندن ديوتائن جي بي حرمتي ڪئي، پنهنجون عبادتگاهون يعني گرجا گهر سموري رومي سلطنت ۾ تعمير ڪرايا ۽ پراڻن مذهبي ادارن ۽ انهن جي روايتن کي تشدد سان ختم ڪيو.

march A 15-2015  14

رياستي طاقت ملندي ئي عيسائي مظلوم مان ظالم جي روپ ۾ سامهون اچي ويا. جڏهن يورپي ملڪن ۾ عيسائيت کي اهميت ملي ۽ چرچ جو ادارو مضبوط ٿيو ته انهن هر ان شخص کي جيڪو چرچ جي تعليم کان ٿورو به انڪاري هو ان کي زندهه ساڙي ڇڏيو. باغين کي اذيت ڏيڻ ۽ پوءِ انهن کي قتل ڪرڻ يا ساڙي ڇڏڻ ثواب سمجهيو ويو. طاقت عيسائي مذهب جي بنيادي تعليم يعني امن، ڀائيچاري ۽ عدم تشدد کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.

اهڙي ريت اسان ڏسون ٿا ته طاقت ۽ اقتدار يهودي قوم جي مظلوميت کي بدلائي کين به ظالم بڻائي ڇڏيو، سموري تاريخ ۾ يهودي جنهن ظلم ۽ ڏاڍ مان گذريا ان جو ٻيو ڪو مثال نه ٿو ملي، 595 قبل مسيح ۾ بابل جي بادشاهه بخت نصر يروشلم ۾ سندن مندر ڊاهي ڇڏيو ۽ سندن وڏي تعداد کي گرفتار ڪري بابل وٺي ويو. اڳتي هلي رومين به يروشلم تي حملو ڪري ان کي تباهه ۽ برباد ڪيو ۽ يهودين کي جلاوطن ڪيو. ان کانپوءِ يهودي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيندا رهيا ۽ فساد ٿيڻ جي صورت ۾ کين اتان نيڪالي ڏني ويندي هئي، فقط عباسي دور ۾ ۽ اُندلس ۾ مسلمانن جي حڪومت دوران کين مڪمل مذهبي آزادي حاصل هئي، جڏهن ته يورپ ۾ کين ان لاءِ گهرايو ويو هو ته اهي وياج جو ڪاروبار ڪن، جنهن تي عيسائيت ۾ پابندي پيل هئي. وياج جي ڪاروبار جي ڪري اهي عوام ۾ غير مقبول ٿي ويا. ان ڪري کين انگلستان ۽ فرانس مان نيڪالي ڏني وئي. جرمني ۾ رائين (RHEIN) ۾ سندن وستيون هيون، جڏهن ته يارهين صدي عيسوي ۾ صليبي جنگين جي شروعات ٿي تڏهن جنگ تي ويندڙ ماڻهن سڀ کان پهرين انهن وستين تي حملا ڪري برباد ڪيو ۽ يهودين جو قتلام ڪيو. 1942ع ۾ جڏهن اسپين مان مسلمانن جي آخري سلطنت غرناطه ختم ٿي ته عيسائي حڪمرانن يهودين کي ٽن مهينن اندر اسپين ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. ايئن انهن مان ڪجهه پرتگال ۾ آباد ٿيا ته ڪجهه هالينڊ ۽ ڪجهه عثماني سلطنت ۾.

فرانسيسي انقلاب کانپوءِ يهودين کي يورپ ۾ آزادي ملي، جڏهن نيپولين جرمني کي فتح ڪيو ته هن يهودين کي گيٽوز (GHETTOS) مان ٻاهر ڪڍيو ان کانپوءِ انهن يورپ جي سماج ۾ واپار، علم ۽ ادب ۾ حصو ورتو جنهن ڪارڻ يهودي ڪميونٽي يورپ ۾ اثر رسوخ واري ٿي وئي.

پهرين مهاڀاري جنگ کان اڳ يهودين ۾ يهودي تنظيم جي شروعات ٿي- انهن جو نصب العين هو ته يهودين کي الڳ وطن جي ضرورت هئي. ان لاءِ انهن فلسطين تي پنهنجي رياست قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جيتوڻيڪ انگلستان کين يوگنڊا ۾ آباد ٿيڻ جي آڇ ڪئي ليڪن سندن ضد هو ته فلسطين سندن اباڻو ملڪ آهي جتان کين جلا وطن ڪيو ويو هو، ان ڪري اهي پنهنجي ڌرتي تي رياست چاهين ٿا. انگلستان جي پرڏيهي وزير (BALFOUR) بال فور ان جي حمايت ڪئي.

جڏهن 1933ع ۾ هٽلر جرمني ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ ان يهودين خلاف قدم کڻڻ شروع ڪيا ته ان موقعي تي يهودي جماعت نازي پارٽي جي سهڪار سان انهن يهودين کي جيڪي ان جماعت جا ڪارڪن هئا، فلسطين پهچايو. ان موقعي تي هٽلر به ان ڳالهه جي حمايت ڪئي ته يهودين کي فلسطين ۾ آباد ڪرايو وڃي.

جڏهن 1948ع ۾ آمريڪا، روس ۽ يورپي ملڪن جي حمايت سان اسرائيلي رياست جو بنياد پيو ته انهن سڀ کان پهرين ان پاليسي تي عمل ڪيو ته فلسطينين کي سندن ملڪ مان ڪڍيو وڃي ته جيئن انهن جي جاءِ تي يهودين کي آباد ڪرائي سگهجي. ايئن اتان فلسطينين جي قتلام جو سلسلو شروع ٿيو. فلسطينين جي وڏي اڪثريت جلا وطن ٿي ۽ عرب ملڪن ۾ مهاجر طور ڪيمپن ۾ آباد ٿي. 1967ع جي جنگ ۾ اسرائيل ۽ اردن جي شڪست کانپوءِ اوڀر بيت المقدس، ويسٽ بينڪ ۽ غزه تي قبضو ڪيو ويو، ٻئي طرف شام جي علائقي جولان جي ٽڪرين تي به پنهنجو قبضو قائم ڪيو ويو. ان کانپوءِ فلسطيني پنهنجي وطن جي آزادي جي جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ اسرائيل سندن جدوجهد کي طاقت جي زور تي چيڀاٽي رهيو آهي.

جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ وڏا دانشور ۽ مفڪر موجود آهن ليڪن انهن تاريخ مان ڪو به سبق ناهي سکيو مٿن جيڪي ظلم يورپ ۾ ٿيا، هٽلر ۽ نازي پارٽي گئس چيمبر ۾ لکين يهودين کي ختم ڪيو، ليڪن جڏهن کيس طاقت ملي ته سندن به فلسطينين سان اهو ئي رويو آهي جيڪو نازي پارٽي جو ساڻن هو. شيرون 1982ع ۾ لبنان جي فلسطيني ڪئمپ صابره ۽ شڪيلا ۾ عورتن ۽ ٻارن جو قتلام ڪرايو. غزه ۾ ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا ويا، عورتن، ٻارڙن ۽ بزرگن جو قتلام ڪري رهيا آهن. ويسٽ بينڪ ۾ ناجائز طور تي پنهنجون آباديون آباد ڪري رهيا آهن، فلسطنين جي اچڻ وڃڻ تي ايتريون پابنديون آهن جو اهي سولائي سان هڪ شهر کان ٻي شهر به نٿا وڃي سگهن، کين ڪيترين کي چيڪ پوسٽن مان گذرڻو پوي ٿو. اسرائيل هڪ لحاظ کان نسل پرست حڪومت قائم ڪري ڇڏي آهي، اهڙي ريت جيئن ڏکڻ آفريڪا ۾ اڇي چمڙي وارن حڪمرانن ڪارن خلاف قائم ڪئي. فلسطينين کي اسرائيل کان الڳ رکڻ لاءِ هڪ ڊگهي ديوار تعمير ڪئي وئي ، بلڪل اهڙي طرح جيئن ديوار برلن اوڀر ۽ اولهه جرمني کي الڳ ڪيو بيٺي هئي. اسان ڏسون ٿا ته ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست حڪومت به ختم ٿي وئي هئي ۽ ديوار برلن به ڊهي وئي هئي. ليڪن اسرائيل ان مان ڪو به سبق ناهي سکيو شايد اسرائيل جي اڳيان آمريڪا جو اهو ماڊل هجي ته جهڙي ريت انهن آمريڪا جي مقامي ماڻهن جو قتلام ڪري سندن زمينن تي قبضو ڪيو ۽ جيڪي ٿورا گهڻا بچي ويا هئا تن کي مخصوص علائقن ۾ آباد ڪري هڪ لحاظ کان قيد ڪري ڇڏيو. اسرائيل به اهڙي طرح فلسطنين جو قتلام ڪري سندن زمينن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جيڪي فلسطيني بچي ٿا وڃن تن کي مخصوص علائقن ۾ آباد ڪري قيدين وانگر رکڻ چاهي ٿو.

ان ڳالهه تي حيرت ٿئي ٿي ته يهودي قوم جنهن ايترا ظلم برداشت ڪيا پر جڏهن سندن وٽ طاقت آئي ته اهي ايترا بي رحم، جابر ۽ ظالم ٿي ويا جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ڇا اسرائيل فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد کي ختم ڪري سگهندو يا سندس ظالماڻيون ڪارروايون آزادي جي جذبي ۾ وڌيڪ شدت پيدا نه ڪنديون؟ ڏک جي ڳالهه آهي ته نازن جي هٿان ظلم ڀوڳڻ باوجود سندن دانشورن ۽ مفڪرن اهو نه سوچيو ته جيڪو ڪجهه سندن مٿان ٿيو ان مان سبق سکن نه ڪي پاڻ نازين جي روپ ۾ اچي فلسطنين جو قتلام ڪن.

لکاري تاريخدان ۽ 50 کان وڌيڪ ڪتابن جو لکاري آهي. هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

mubarakali21@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو