Home / ايڊيٽوريل / نئين ايم ڪيو ايم آوي هي آوي!
above article banner

نئين ايم ڪيو ايم آوي هي آوي!

“افيئر” جي گذريل شماري ۾ اسان ايم ڪيو ايم جي سياست ۽ آئندي بابت ڪافي لکيو هو. ايم ڪيو ايم جي مرڪز، نائين زيرو تي لڳل ڇاپي کان پوءِ ايئن لڳو ٿي ته صورتحال ۾ ٺاپر اچي ويندي ڇوته اسٽيبلشمينٽ وٽ ايم ڪيو ايم جو ڪارج اڄ به موجود آهي، رڳو قيادت جا نٽ بولٽ ٺيڪ ڪرڻا هئا. پر معاملو اتي بس ڪونه ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم جي مرڪز تان ڏوهاري هٿ ڪرڻ کان پوءِ هاڻ شهر جي هر گهٽي ۽ پاڙي مان ايم ڪيو ايم جا ڏوهاري هٿ ڪيا پيا وڃن. رينجرز روزانو جي بنياد تي ٽارگيٽ ڪلرز کي عدالت ۾ آڻي سندن ريمانڊ وٺي رهي آهي. مٿان صولت مرزا پارٽي خلاف سلطاني شاهد ٿي بيٺو آهي. سندس گهرواري ميڊيا آڏو دانهي رهي آهي ته کيس سچ ڳالهائڻ سبب اڦٽ مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن. لنڊن جي پوليس مني لانڊرنگ ڪيس ۾ الطاف حسين جي امڪاني جانشين، محمد انور کي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ باضابطا طور گرفتار ڪري ضمانت تي ڇڏيو آهي. اهي سڀ آثار ايم ڪيو ايم لاءِ سٺو سنوڻ نه آهن.

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي هن ڏکئي وقت ۾ ايم ڪيو ايم کي اڪيلو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. متحده کي سياسي اڪيلائي کان بچائيندي پيپلزپارٽي عزيزآباد جي قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل سيٽ تان تحريڪ انصاف جي مقابلي ۾ سندس حمايت جو اعلان ڪيو آهي. زرداري صاحب پيپلزپارٽي کي هڪ ڪارپوريشن جي اصول هيٺ هلائي رهيو آهي. ڪارپوريشنز هميشه منافعو ونڊي ورڇي ورهائي کائينديون آهن. شيئر هولڊرز کي سندن شيئر مطابق حصو ملندو آهي. زرداري صاحب جو نالي ۾ نهال مفاهمتي فارمولو ٻيو ڪجهه نه پر پيپلز پارٽي ۾ ڪارپوريٽ ڪلچر جو داخل ٿيڻ آهي. رحمان ملڪ، انور مجيد، فاروق نائيڪ، شيري رحمان وغيره ڪي سياستدان نه پر ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا ميمبر آهن.

ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جنهن تيزي سان سوڙهي ٿي رهي آهي، ان صورتحال ۾ وٽس ٻه رستا آهن: يا ته اسٽيبلشمينٽ مخالف سياست ۾ چٽي ٿي بيهي رهي ۽ پنهنجا مزاحمت جا سڀ آپشن استعمال ڪري، جيڪا ڳالهه سندس قيادت جي ٻچاپڙائي ڏسندي ممڪن ڪونه ٿي لڳي. ٻيو آپشن اسٽيبلشمينٽ آڏو مڪمل سرينڊر آهي. ايم ڪيو ايم جنهن “مقصد” لاءِ جڙي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مدد يا پنهنجي همت سان طاقتور ٿي ان “مقصد” کي ماڻڻ لاءِ ضروري آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان راند کيڏندي رهي. سندن مقصد مهاجر آبادي لاءِ الڳ وطن يا گهٽ ۾ گهٽ الڳ صوبو حاصل ڪرڻ آهي. پر ايم ڪيو ايم قيادت عمليت پسندي مان ڪم وٺندي پنهنجا ڪارڊ وقت کان اڳ کولڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستان جي قائم رهندي کين الڳ وطن ملڻ جي اميد ناهي، ان ڪري هو اهڙي مناسب وقت جي انتظار ۾ رهيا آهن جڏهن ملڪ ۾ گهرو ويڙه جهڙي صورتحال پيدا ٿئي ۽ هو ان صورتحال ۾ پنهنجي مقامي توڙي ٻاهرين دوست جي مدد سان پنهنجو نصب العين حاصل ڪن.

march 31-2015

ان وڏي مقصد ماڻڻ کان اڳ الڳ صوبو حاصل ڪرڻ سندن پلان بي جو جز رهيو آهي پر ايم ڪيو ايم اهو مطالبو به وقت کان اڳ نه ٿي ڪرڻ چاهي. باقي هزاره، سرائيڪي صوبن جي تحريڪن کي چاٻي ڏيئي يا ڪراچي ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان مهاجر صوبي جي چاڪنگ ڪرائڻ رستي هو اهڙو ماحول جوڙيندا رهيا آهن جنهن ۾ ملڪ اندر وڌيڪ صوبن جي قيام جو رستو صاف ٿي سگهي. سندن بنيادي پاليسي اها رهي آهي ته پنهنجي طاقت گڏ ڪريو، طاقت بچايو. جيڪڏهن ڪوئي سندن طاقت گهٽائڻ چاهي ته ان جي مزاحمت ڪريو پر جي ڪو کين اقتدار ۾ حصو ڏئي ته ان موقعي مان فائدو وٺندي سنڌ جي سياست ۽ وسيلن ۾ پنهنجو حصو وڌايو ته جيئين صحيح وقت تي پنهنجي طاقت جو استعمال ڪندي نام مهاد “مقصد” حاصل ڪري سگهن.

هونئن کڻي جو ايم ڪيو ايم جاگيردارن، وڏيرن ۽ ملٽري ڊڪٽيٽرن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي رهندي آهي پراقتدار جي دسترخوان تي ويهڻ جي دعوت ملڻ تي ڄام صادق علي، لياقت جتوئي، مشرف، ارباب، زرداري سان به وڃي ٻِٽ ويٺي آهي. اها بقول سندن، سندن حقيقت ۽ عمليت پسندي آهي.

ايم ڪيو ايم ۾ ويڙهاڪ توڙي سياسي قيادت بجاءِ ايم ڪيو ايم جي لنڊن ۾ ويٺل قيادت اسٽيبلشمينٽ کي قبول ناهي. کڻي جو اها قيادت هر ٻئين ٽئين ڏينهن پنهنجي مڪمل وفاداري جو يقين ڏياريندي رهي ٿي پر اسٽيبلشمينٽ سندن خوشامدي بيانن تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اسٽيبلشمينٽ کين پاڪستان ۾ چر پر ڪندي ڏسڻ چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم اندر نئين قيادت جو تاج ڪنهن جي مٿي تي رکيو ويندو ان بابت في الحال گمان ئي ڪري سگهجي ٿو. گورنر سنڌ جو به نالو امڪاني جانشين طور ورتو وڃي پيو . پر اها اسٽيبلشمينٽ جي چونڊ هوندي. الطاف حسين فاروق ستار سميت ٽن ڄڻن جا نالا جانشين طور ڏنا

ٻيو ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پنهنجي سائيز کان مٿي حصو گهري رهي آهي. ان ڪري ايندر ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم مٿان آپريشن ۾ تکائي ايندي. کوڙ ڦاٽ ڦاٽندا. جنرل پرويز مشرف کين بندوق بجاءِ قلم رستي پئسا ڪمائڻ جو رستو ڏيکاري ويو هو. اهي سڀ ڪاغذ کلندا. فائل پيش ٿيندا. ملڪيتن جي جاچ ٿيندي. ايم ڪيو ايم کي پئسي تي لاهڻ جي شروعات ڄام صادق علي ڪئي. مشرف کين نڪ تائين ان ۾ ٻوڙي ڇڏيو.

ايم ڪيو ايم لاءِ هن ڀيري آپريشن 1992 ۽ 1995 جي فوجي توڙي پوليس آپريشن کان مختلف آهي. تڏهن ايم ڪيو ايم غريب ڪارڪنن جي سگهه سان هلندي هئي هاڻ ان ۾ بابرغوري جهڙا لاتعداد ارب پتي آهن. پئسو وڙهڻ بجاءِ ٺهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. ايم ڪيو ايم نيٺ ٺهندي. اسٽيبلشمينٽ سان ٺهيل ايم ڪيو ايم سنڌ بابت ڇا سوچيندي ان بابت وقت ئي ٻڌائيندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو