Home / ايڊيٽوريل / نئين ايم ڪيو ايم ڪهڙي هوندي؟
above article banner

نئين ايم ڪيو ايم ڪهڙي هوندي؟

ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو وري خبرن ۾ آ. اها پارٽي ڪڏهن ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ۽ رسڻ وچ ۾ مختصر وقفي سبب خبرن ۾ هوندي آهي ته ڪڏهن لنڊن مان مني لانڊرنگ يا عمران فاروق ڪيس ۾ اڳڀرائي جهڙي ڪنهن “خراب خبر” اچڻ سبب خبرن ۾ هوندي آهي ته ڪڏهن سندن قائد جي عجيب وغريب بيان سبب خبرن ۾ هوندي آهي. هيل سندس خبرن ۾ هجڻ اڳي کان وڌيڪ خراب سببن ڪري آهي: مٿئين سرڪار پاران ايم ڪيو ايم ۾ قيادت جي تبديلي ۽ ويڙهاڪ شعبي جي خاتمي جو اٽل فيصلو. ڪراچي جي اردو آبادي جو ايم ڪيو ايم سان جڙيل رهڻ جو سبب سندن دل ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ پيار آهي يا خوف؟ ان تي تحقيق ٿيڻ کپي، ڇوته ايم ڪيو ايم پاران تشدد جي طريقن کي ترڪ نه ڪرڻ جو سبب ان ئي سوال جي جواب ۾ لڪل آهي. ڇا بندوق جي سياست ترڪ ڪرڻ سان ايم ڪيو ايم ۾ اها جوت نه رهندي؟ يا مهاجر آبادي کي امڪاني طور سنڌين ۽ پٺاڻن جي ججو بلاڙي وغيره کان بچائڻ لاءِ سندن نمائنده جماعت وٽ بندوق جو سهارو ضروري آهي؟

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته في الحال تائين ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي اردو آبادي جي نمائنده جماعت آهي. سندس تشڪيل پٺيان اسي جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي جي اردو آبادي جي مخصوص مفادن جي پورائي جي خواهش شامل هئي. اهي مخصوص مفاد هيا: سنڌ جي شهرن خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد مٿان معاشي، سياسي ۽ ثقافتي برتري جيڪا کين ورهاڱي کان پوءِ ورثي ۾ ملي، سا برقرار رکڻ. معاشي ۽ سياسي برتري لاءِ سندن مقابلو پنجابي ۽ پٺاڻ گروه سان هيو ۽ ثقافتي برتري لاءِ کين ڌرتي ڌڻين، سنڌين سان مقابلو هيو.

march 15 -15

اسي جي ڏهاڪي ۾ مهاجر قوميت جي نعري هيٺ سندن سياسي سفر شروع ٿيو. کين تيسيتائين ڪنهن به نه کنگهيو جيسيتائين سنڌ جي مارشلائي گورنر، جهانداد خان معرفت اسٽيبلشمينٽ جي ٿڦڪي کين نه ملي. اسٽيبلشمينٽ 1983ع ۾ سنڌين جي فوجي راڄ مخالف جدوجهد جو ٽوڙ مختلف پاليسين کي لاڳو ڪرڻ سان ڪڍيو. ايم ڪيو ايم کي طاقت وٺرائڻ انهن مان هڪ هئي. ايم ڪيو ايم ٺهرائڻ سان کين ٻه مقصد حاصل ڪرڻا هئا: هڪ ته سنڌ جي مستقل رهواسين، سنڌين ۽ مهاجرن ۾ ٽڪراءُ برقرار رکڻ ته جيئن اهي اسٽبلشمينٽ لاءِ 1983 جي جمهوري تحريڪ جيان ڪو چئيلينج نه ٿين ۽ ٻيو ته ايم ڪيو ايم جي نسل پرست سياست جي شڪل ۾ سنڌ جي قوم پرست توڙي جمهوري سياست مٿان هڪ ڇپ لڙڪيل هجي جيڪا ڪڏهن به سندن مٿان ڪيرائي سگهجي.

ايم ڪيو ايم اڄ به اسٽيبلشمينٽ جي هيانوَ جو ڏڍ آهي، مسئلو رڳو الطاف حسين پاران پنهنجي مرضي هلائڻ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ويڙهاڪ ڪيڊر جي خودسري آهي. ڪراچي ملڪي واپار جو مرڪز آهي ۽ اتي اڪيلي ايم ڪيو ايم جو غلبو واپار لاءِ سٺو سنوڻ ناهي. اسٽيبلشمينٽ ڪراچي آپريشن جي شڪل ۾ انهن ٻن مسئلن جو ٽوڙ ڪڍي، ايم ڪيو ايم کي نئون رنگ روغن هڻي ميدان تي لاهڻ چاهي ٿي. کين تحريڪِ انصاف جي شڪل ۾ جيجو بلاڙو به بڇيو ويو آهي ته جيڪڏهن نه سڌريوَ ته ڪراچي شهر تحريڪِ انصاف حوالي ٿي ويندو.

ايم ڪيو ايم مان سکڻ لاءِ اسان وٽ کوڙ سبق آهن. اسان سنڌين جي سڀ کان وڏي ڪمزوري ئي ايم ڪيو ايم جي طاقت آهي. اسان سنڌي سڄي تاريخ ۾ ڇڙوڇڙ، بي ترتيب، ڇڙواڳ، اڻ گهڙيا ڪاٺ رهيا آهيون. سڀ ڳڻ شخصي خوبين تائين محدود آهن. بهادري ته به ذاتي، سخا ته به ذاتي. چار ڏينهن به هڪ جماعت ۾ نه ٿا گڏ هلي سگهون. نه ڊسيپلين، نه عملي ڪم. جيترو دماغ هلي ٿو ان جي سوين پتي به اسان جو ڄنگهون هلن ته دلي دور ناهي. روز روز پارٽيون ٺهن ۽ ڊهن. پر ان جي ابتڙ ايم ڪيو ايم ۾ مثالي نظم و ضبط آهي. جيڪو حڪم مليو ان جي تعميل ٿيڻي آ. اهو ڪو گهٽ عجوبو آ ته الطاف حسين چوٿائي صدي کان ملڪ کان ٻاهر آ پر پوءِ به پارٽي تي سندس گرفت قائم آ. جڏهن به مائينس الطاف فارمولو ميدان ۾ لاٿو ٿو وڃي تڏهن ڪراچي جي ڀتين تي تحرير نمودار ٿئي ٿي ته ، اسان کي منزل نه پر رهنما کپي.

پر هاڻي اها پارٽي موجوده قيادت ۽ سيٽ اپ ۾ پنهنجو ڪارج وڃائيندي پئي وڃي. حالانڪه اسٽيبلشمينٽ ان کي جنهن خاص مقصد لاءِ ٺاهيو هو سو اڄ به اهميت رکي ٿو پر الطاف حسين جي هوندي پارٽي پنهنجي مرضي مڙئي سوائي ٿي هلائي. مٿان پارٽي ۾ ويڙهاڪ گروه جي موجودگي ملڪ جي اصل مالڪن لاءِ ناقابل برداشت آهي. ان ڪري نائين زيرو تي ڇاپي کانپوءِ ايم ڪيو ايم مٿان ميڊيا رستي نفسياتي جنگ مڙهيل آهي. ايم ڪيو ايم ان جنگ ۾ اڪيلي ۽ ڪنفيوز آهي. الطاف حسين کي هاڻ خبر پئي آهي ته “سنڌ جي شهري ۽ ديهي آبادي ملي هڪ ٿي وڃي ته کين ڪوبه لهر نه لوڏو.” حالانڪه پيپلز پارٽي جي قيادت کين سنڌ سرڪار ۾ شموليت جي دعوت ڏيئي کين ان اڪيلائي مان ڪڍڻ ٿي چاهي پر هاڻ شايد گهڻي دير ٿي چڪي آهي. ايم ڪيو ايم ۾ قيادت جي تبديلي کان گهٽ تي معاملا نبرڻ ممڪن ناهن. ها، ويڙهاڪن جي معافي تلافي ٿي سگهي ٿي.

ايندڙ ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم مٿان آپريشن ۾ تيزي ايندي. نوان مهانڊا سامهون ايندا. اسان جو خيال آ ته 1992 جي آپريشن جي ابتڙ هن ڀيري ايم ڪيو ايم ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. جنرل پرويزمشرف سندن قيادت کي جنهن آسائش جو عادي بڻائي ويو سا کين گهڻو وقت اسٽيبلشمينٽ سان سينو ساهڻ نه ڏيندي. رڳو ڏسڻو اهو آهي ته اها نئين ايم ڪيو ايم ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪهڙي سوچ رکي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو