Home / ڪور افيئر / نائن زيرو تي ڇاپو: مائينس الطاف منصوبي تي عمل شروع 
above article banner

نائن زيرو تي ڇاپو: مائينس الطاف منصوبي تي عمل شروع 

سمير منڌرو

متحده جي هيڊڪوارٽر تي رينجرز طرفان ڇاپي کان پوءِ پارٽيءَ اندر ۽ ٻاهر ڪيئي خبرون هلندڙ آهن. پارٽي ڪافي عرصي کان جنهن انتشار جو شڪار آهي ان جا اهڃاڻ ته چٽا نظر اچن پيا پر سڀ کان وڏي خبر جنهن جي باري ۾ ڪڏهن چيو ويندو آهي ته اهو فارمولو قطعي برداشت نه ڪيو ويندو ته ڪڏهن چيو ويندو آهي ته “ہم نہ ہوں ہماری بعد۔۔۔الطاف الطاف” ۽ ڪڏهن ڪراچيءَ جون ديوارن تي لکي اندرئين پيغام کي دٻيل لفظن ۾ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته “ہمیں رہبر نہیں، رھنما چاہئی”. هن چاٻي سان هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ الطاف مان بيزار ٿي چڪي آهي. مائنس الطاف جي حوالي سان معاملا ڪافي حد تائين طئي به ٿي چڪا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته الطاف کي مائنس ڪرڻ ڪو ڏکيو عمل ناهي. پر يڪدم قدم کڻڻ سان هو قومي ليڊر ڪري پيش ڪيو ويندو ۽ اهڙي طريقي سان هن جي ڪاٽا ٿيڻ سان متحده مان جان ڇڏائڻ لاءِ ايندڙ 30 کان 40 ساکن کپندا. انديشو اهو به ظاهر ڪيو ويو هو ته اهڙي عمل سان متحده جو پاڙون تمام گهڻيون مضبوط ٿي وينديون ۽ جيڪڏهن پڙهيل لکيل طبقي جون همدرديون مڪمل طور تي متحده کي ملي ويون ته ڪراچي شهر هميشه ڏچي ۾ رهندو.

سنگت ٻُڌائي ٿي ته مشرف جي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ فارمولي تي ڪم ٿيڻ شروع ٿيو. اڳ جذباتي ۽ بنا پلاننگ جي اندون طور قدم کڻندڙ اسٽيبلشمينٽ بهترين هوم ورڪ ڪرڻ جي ماهر ٿي چُڪي آهي. متحده کي پهرين ڪمزور ڪرڻ لاءِ پارٽي ڏڦيڙ پيدا ڪيو ويو. ان کان پوءِ اعتماد ۽ ڪم وارن همراهن جي نوڪرين جي مدي کي پڻ وڌايو ويو. جنهن جو مثال سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد پڻ آهي. ڪجهه همراهن کي رڙيون ڪرڻ ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پڻ ڪجهه همراهن جي رسي ڊگهي ڪئي وئي، جيئن حيدر عباس رضوي ۽ فيصل سبزواري کي وري خاموش ٿي ڪم تي لڳايو ويو جن ۾ سرفهرست نالو عامر خان جو ورتو آهي.

march A 15-2015  22

متحده جي اڳواڻن کان سواءِ ڪارڪنن ۽ همدردن کي به گهڻو شڪ اهو آهي ته رينجرز جي ايڏي وڏي ڪامياب ڇاپي پويان پنهنجن جو ئي هٿ آهي. سڀ کان وڏو شڪ انهن جو عامر خان تي آهي. ‘‘سمجہ میں نہیں آ رہا کہ یی کیسی ہو گیا’’ هڪ ڪارڪن ٻڌايو. چوي پيو ته پارٽي اڳواڻ ۽ وفادار ڪارڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن ته غدار تائين جلد کان جلد پهچجي. اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو ٻي تي شڪ ڪرڻ لڳو آهي. جنهن سان عزت ڪرڻ وارا ڪارڪن مٿين اڳواڻن سان نفرت جو پڻ اظهار ڪرڻ لڳا آهن.

‘‘پہلی ایسی صورتحال میں کراچی سے بہت رہنما فورن لندن پہنچ جاتی تھے’’ هڪ ٻي ڪارڪن لنڊن ۽ ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ ويڇن جو مثال ڏيئي سمجهايو. هن جو خيال هو ته الطاف وڏي حد تائين ڪراچي قيادت جي غدارين مان تنگ ٿي چڪو آهي جو هن جو ترت ڪنهن تي اعتماد ڪرڻ تقريبن نا ممڪن ٿي چڪو آهي. هن هڪ مثال ڏيندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان ڪراچي وارا همراهه لنڊن مان ٿيندڙ الطاف جا اشارا سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. ‘‘جس کی وجہ سے آئی دن وہ کمیٹیان توڑتی ہیں پھر جوڑتی ہیں’’ هڪ ٻئي متحده ڪارڪن به اندروني انتشارن جو زڪر ڪندي چيو ته گورنر صاحب جي طلبي به اڃا ناهي ٿي. الطاف پنهنجي ڀيڻ جي گهر يت ٿيندڙ ڇاپي جو ذڪر وڌيڪ ڪيو پر پنهنجي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ ان کان پوءِ انهن جي گهر وارن سان پيش ايندڙ صورتحال جو ذڪر تمام گهٽ ڪيو. هن عامر خان جي گرفتاري تي ڇو نه ڳالهايو؟ هڪ وفادار ڪارڪن ڀڻڪندي چيو.

نائن زيرو تي ڇاپي کان ٻي ڏينهن تي ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ حيدر عباس رضوي جي پريس ڪانفرنس ۽ ان ۾ انڪساري جي انداز سان اردو ڳالهائيندڙ پراڻا ڪارڪنن مطمئن ناهن. هو چون ٿا ته رينجرز کي ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي ها. جڏهن ته پڙهيل ڳڙهيل طبقو وري ان تي زور پيو ڏي ته معاملا خراب هميشه الطاف ڪندو آهي. جيئن هن عمير صديقي کي پنهنجو نه ڪيو. جيئن هو ڪڏهن سخت ٻولي استعمال ڪندو آهي ته ڪڏهن پنهنجا لفظ معافي وٺي واپش وٺندو آهي. “اهو طرز سياست هاڻ اسان کي جڳائي نٿو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان کي متحده سان وڌيڪ لڳاءُ آهي بنسبت الطاف حسين جي. ٻيو ته ٺهيو هاڻ هن هن جو اندازِ تقرير پڻ اسان کان برداشت نٿو ٿئي” هڪ جهوني چيو.

ڇا پي کان پوءِ متحده ۾ ندنظمي وڌي وئي آهي ۽ هڪ پيغام دٻيل لفظن ۾ چيو پيو وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ متحده جي اها پوزيشن نه رهندي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ 2014 جي آخر تائين هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپي لاءِ مڪمل تياري ڪئي وئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو ڇاپو ڪجهه وقت اڳ لڳڻو هو پر سينيٽ اليڪشن جي ڪري ڪجهه ڏينهن لاءِ دير ڪيو ويو. روپوش همراهن کي اڳ ئي تنبيهه ڏني وئي هئي ته هو پنهنجا ٺڪاڻا تبديل ڪندا رهن. شهر ۾ مختلف هنڌن تي رينجرز طرفان وقتن فوقتن تي لڳندڙ ڇاپن کان پوءِ عسڪري ونگ جي اهم ڇوڪرن لاءِ ڪجهه رستا بچيا هئا. هڪ ته هو ملڪ کان ٻاهر هليا وڃن. ڪراچي يا سنڌ کان ٻاهر ڪجهه عرصي لاءِ رهائش اختيار ڪن يا نائن زيرو تي ديرو ڄمائي ويهي رهن. هو سمجهن پيا ته نائن زيرو تي اول ته ڇاپو لڳندو نه ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي جرئت به ته هو نائن زيرو تي پهچڻ کان اڳ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

ٻي ڳالهه جيڪا هن وقت گرفتار ٿيندڙ واتان ظاهر پڻ ٿي چڪي آهي ته نائن زيرو جي پسگردائي ۾ لڳ ڀڳ 300 کن ڏوهاري ۽ قاتل قسم جا ڇوڪرا رهن ٿا. اطلاع آهن ته اهي همراهه عارضي طور به بلڪه مستقل طور رهائش پذير آهن. اها رهائش هن آپريشن کان پوءِ اختيار ناهي ڪئي وئي بلڪه وڏي تعداد ۾ اهي ڇوڪرا وڏي عرصي کان هتي رهن پيا. هن قسم جي رهائش سان نائن زيرو جي پسگردائي وارا علائقا سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪنهن حد تائين محفوظ بڻايو ويو. هڪ ارادو هن قسم جي رهائش پويان اهو پڻ ٻڌايو وڃي ٿو ته مختلف علائقن ۾ رهڻ سبب رابطا ڏکيا بڻبا پئي ويا.

هن وقت تائين خبرون اهي به سامهون آيون آهن ته اهي همراه جن جي گهر نائن زيرو جي آسپاس موجود آهن انهن مان وڏي اڪثريت هن ڇاپي ۾ گرفتار ناهي ٿي. چيو وڃي ٿو ته انهن همراهن جي نائن زيرو جي ويجهي رهڻ سبب رابطا ڪميٽي ۽ ٻين اڳواڻن جن ۾ اسيمبليءَ ۽ سينيٽ جا ميمبر پڻ شامل آهن کي پڻ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو ٿي پيو. ويجهو رهڻ سبب هنن جو اهم ٺڪاڻو نائن زيرو بڻجي چڪو هو، جنهن ڪري هو هر معاملي ۾ پڻ مداخلت ڪرڻ لڳا هئا. ڪجهه جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي رهائش وارو پلان الطاف حسين جو هو ته جيئن هو هر سرگرمي تي نظر رکي سگهي. اهو به هڪ اهم سبب ٻڌايو وڃي ٿو جنهن ڪري ڪجهه اڳواڻ “ٻاهر” لاڳاپا رکيا ۽ متحده کي ٽوڙڻ وارين قوتن جا هٿ مضبوط ڪيا.

هڪ ڳالهه وقت تائين ٻي به سامهون آئي آهي ته انفارميشن ليڪ ڪرڻ ۾ هڪ کان وڌيڪ همراهه شامل آهن. اهو به خدشو پارٽي اندر ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪنهن ڌڙي جو ڪم آهي. ان ڌڙي ۾ ممڪنا طور گورنر ۽ عامر خان به شامل ٿي سگهن ٿا. ڪجهه جو خيال اهو پڻ آهي ته اهو ڌڙو وڌيڪ مضبوط پڻ آهي ۽ هن وقت تائين مهاجر ڪاز تي بيٺل آهي. جڏهن ته هڪ ٻي راءِ آهي ته انهن ڇوڪرن جي موجودگي ۾ پارٽي جو طرز سياست تبديل نه پئي ٿيو. انهيءَ ڪري انهن مان جان ڇڏائڻ بيحد ضروري هو.

سو کان وڌيڪ ڏوهارين کي هڪ هنڌان پڪڙڻ ۽ انهن جي باري ۾ روز نوان انڪشاف ڪرڻ حيرت جهڙي ڳالهه ناهي. اهو ڪم اڳ به ٿي سگهيو پئي. پر مناسب وقت جي تلاش هئي. متحده اقتدار ۾ نه هئڻ ڪري ڪجهه ڪمزور ٿي چڪي آهي. “ڪمزور ڪيو ويو آهي” هڪ جهوني ڪارڪن چيو. هن چيو ته اهڙي قسم جا آپريشن پارٽي کي بيحد ڪمزور ڪري ڇڏيندا. “اهو هڪ ڌڪ ئي ڪاپاري ثابت ٿيو آهي” هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو ساڳيا چهرا ايوانن ۾ رهيا ۽ انهن جا رابطا ڪجهه ڌرين سان وڌندا ويا.

هن آپريشن کان پوءِ ڪجهه شيون ٻيون به سامهون آيون آهن ته امڪاني طور ڪجهه اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويندو جن جا ثبوت اڳ ئي رينجرز ۽ ٻين ڳجهن ادارن وٽ موجود آهن. هڪ خدشو اهو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايڪڙ ٻيڪڙ اڳواڻن کي پارٽي کي بچائڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي.

ڄاڻو حلقن جو خيال آهي ته ڪنهن به صورت ۾ متحده کي حد ۾ رهڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي سنڌ جي “پاور شيئرنگ” ۾ وڏو حصو ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ ان لاءِ بيحد ضروري آهي ته لنڊن واري قائد مان جند ڇڏائي وڃي. ايندڙ ڏينهن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اهم پيش قدمي ٿيڻ جو به اشارو ڏنو وڃي پيو. پر ان لاءِ ضروري آهي ته الطاف حسين ۽ ڪارڪنن وچ ۾ نفرت کي وڌايو وڃي. جيڪا غلطي هو بار بار ڪري پيو. جيئن هن عمير صديقي کي سچاين کان انڪار ڪيو. ان سان عام ڪارڪنن کي وڏو صدمو پهتو آهي. هو چون ٿا ته جيڪڏهن اسان جي هيروز جو قدر ڪيو وڃي ته ڪا ضرورت ناهي جو اسان پنهنجي جان چند مفادپرست ماڻهن لا‎ءِ جوکي ۾ وجهون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو