بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخريءَ کي تازو ئي لڳ ڀڳ سال کان پوءِ ڪنهن فلم جي لاءِ سائن ڪيو ويو آهي ۽ اها فلم آهي ”هيرا ڦيري-III“. پر اطلاعن موجب هاڻي اداڪارا بابت اهو چيو پيو وڃي ته هوءَ ”هائوس فل –III“ ۾ به ڪم ڪندي، پهريان اهڙا اطلاع هئا ته ”هائوس فل-III“ ٿري ۾ جيڪلين فرنينڊس، ايمي جيڪسن ۽ ايلي اورام ڪم ڪنديون، پر هاڻي چيو پيو وڃي ته ان ۾ نرگس فخريءَ جي لاءِ به جڳهه پيدا ڪئي پئي وڃي، بهرحال اڃا نرگس فخري يا وري فلمساز ساجد ناڊيا والا ان بابت ڪا تصديق ناهي ڪئي، ”هيرا ڦيري-III“ ۾ هوءَ جان ابراهيم جي مقابلي ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي.
Tagged with: march-31-2015