Home / پروفائيل / نواب ولي محمد لغاري، جنهن ڀٽو خاندان کي لاڙڪاڻي ۾ آباد ڪيو!
above article banner

نواب ولي محمد لغاري، جنهن ڀٽو خاندان کي لاڙڪاڻي ۾ آباد ڪيو!

آصف رضا موريو

 

لاڙڪاڻي شهر جي مرڪزي علائقي ۾ جتي پاڪستان چوڪ روڊ کان اولهه طرف ويندي، اسٽيشن روڊ کان اتر طرف ويندي ۽ قائم علي شاهه روڊ کان ڏکڻ طرف ايندي جتي ٽيئي روڊ پنهنجو ٽرائينگل ٺاهن ٿا ان مرڪز جي اولهه ۾ تجر باغ وارو جهازي ماپ جو داخلي دروازو موجود آهي. باغ جو وڏو دروازو پار ڪرڻ کان پوءِ کاٻي هٿ تي نظر ايندڙ هڪ پراڻي عمارت جو نالو “تجر بلڊنگ” آهي. هي باغ ڪنهن دور ۾ نواب ولي محمد خان جي ملڪيت هوندو هيو جنهن جي وفات کان پوءِ سندس ميت کي تابوت ۾ بند ڪري هن باغ جي هڪ حصي ۾ زميني سطح کان چند فٽ هيٺ عارضي تربت “تجر” ۾ رکي ان جي مٿان قبو ٺهيو ويو هيو. فارسي زبان ۾ تجر جو مطلب “عارضي آرامگاهه” ورتو ويندو آهي ان لاءِ هن عمارت ۽ باغ تي بعد ۾ اهو ئي نالو پئجي ويو.

نواب ولي محمد جو تعلق لغارين جي بوزدار قبيلي سان هيو جن جو اباڻو علائقو حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊو ولي محمد خان هيو جتي هن جو خاندان آباد هوندو هيو. سندس جنم 1165 هجري ۾ ٿيو ۽ ان دور ۾ سنڌ ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙو جي حڪومت هوندي هئي. ننڍي هوندي کان ئي سندس تعليم و تربيت سٺي طريقي سان ٿي. پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ولي محمد لغاري مير فتح علي خان ٽالپر جي عملي ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي اڳواڻي وارين صلاحيتن سبب ميرن جو انتهائي قابلِ اعتماد سپهه سالار ثابت ٿيو.

march B 44 15

1787ع مطابق 1197هجري ۾ ٿيندڙ هالاڻي واري فيصلائتي جنگ ۾ نواب ولي محمد لغاري سپاهين جي هڪ جماعت سان گڏ وڏي بهادري، عقلمندي ۽ حرفت سان مقابلو ڪيو جنهن ڪري مير فتح علي کيس نواب جو لقب ڏئي پنهنجو امير مقرر ڪيو. ان کان پوءِ کيس سياسي موقعن ۽ جنگي مهمن دوران پنهنجو خاص صلاحڪار، سربراهه ۽ سپهه سالار مقرر ڪيو. 1205 هجري کان 1210 هجري واري دور ۾ نواب ولي محمد خان کي سنڌو درياهه جي اولاهين طرف چانڊڪا پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻو، دادو ۽ سکر ضلعا) جو انتظام ۽ حفاظت جو فرض سونپيو ويو. هي علائقو ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ لڙاين، فتنن ۽ فسادن سبب تباه ۽ برباد ٿي چڪو هيو. هن لاڙڪاڻي ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺهيل نهري نظام کي وڌيڪ بهتر ڪري هن خطي کي سرسبز، شاد ۽ آباد ڪرڻ جا قدم کنيا. هن علائقي جي ماڻهن ۾ انصاف ڏيڻ لاءِ عدل ۽ انصاف کي برقرار رکيو جنهن سان عوام جي دلين ۾ هن لاءِ عزت پيدا ٿي. هو پنهنجي رعيت جون حالتون ڄاڻڻ لاءِ ٻهروپ ڪري علائقن جو گشت ڪندو رهندو هيو ان لاءِ سندس علائقي ۾ هڪ چوڻي به مشهور ٿي هئي ته “گاهي ولي گاهي ڀوت”.

مير فتح علي خان جي وفات 1117هجري ۾ ٿي جنهن کان پوءِ مير غلام علي خان جي حڪومت ۾ به ولي محمد خان چانڊڪا جي گورنر واري حيثيت برقرار رهي. ان کان پوءِ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي دور ۾ ته سندس مان ۽ مرتبي ۾ اڃا به وڌيڪ واڌارو ٿيو، ڇوته هاڻي هو نه رڳو لاڙڪاڻو جو گورنر هيو بلڪه سنڌ جو سپهه سالار ۽ ميرن جو سڀ کان وڏو صلاحڪار پڻ هيو. ان سان گڏ سندس اختيار وڌائي کيس وزيرِاعظم به بڻايو ويو. هاڻي کيس علي آباد عرف رني ڪوٽ قلعي جي تعمير ڪرائڻ جو ڪم به کيس سونپيو ويو جنهن جي تڪميل ولي محمد جي تعميري صلاحيتن جو زنده ثبوت آهي.

لاڙڪاڻو جو گورنر هئڻ ناتي نواب صاحب لاڙڪاڻي ۾ رهڻ ئي پسند ڪندو هيو جتي سندس خاندان ۽ لشڪر جي رهائش ٽي سو ايڪڙ جي ايراضي واري وسيع علائقي ۾ هوندي هئي جنهن ۾ هن وقت سيئو بازار، شاهي بازار ۽ لوهري بازار وارا علائقا شامل آهن. جڏهن ته هو پنهنجا ڍور ڍنگر، گهوڙا، اٺ ۽ اضافي لشڪر لاڙڪاڻي جي اتر اولهه ۾ واقع شهر ڊکڻ ۾ رکندو هيو. تاريخي ڪتاب اسان کي ٻڌائن ٿا ته ڀٽو خاندان کي پنجاب مان آڻي لاڙڪاڻو ۾ آباد ڪرڻ وارو شخص به نواب ولي محمد خان لغاري هيو بلڪه نواب صاحب جي هڪ گهرواري به ان ڀٽو خاندان منجهان هئي.

نواب ولي محمد خان 50 سالن تائين لاڙڪاڻي جي گورنر جي عهدي تي رهيو ۽ ان سموري عرصي ۾ هن لاڙڪاڻي کي خوشحال بڻائڻ ۾ هڙان وڙان ڪونه گهٽايو. هن علائقي جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ نهرون کوٽائڻ سان گڏ واهن جا پاٽ ٺهرايا ۽ دروازا وڏا ڪرايا، باغن کي هٿي وٺرائي، ڪوٽ ۽ قلعا جوڙايا، کوهه کوٽايا، عدالتون، لشڪر گاهون، قافلا سرائون وغيره قائم ڪرايون. هن زراعت، واپار، آبپاشي، صنعت ۽ حرفت کي ترقي ڏياري هتي خوشحالي کي فروغ ڏياريو ۽ امن امان کي به برقرار رکيو. اهو ئي سبب آهي ته ميرن جي دورِ حڪومت ۾ لاڙڪاڻي جون اقتصادي، زرعي ۽ سماجي حالتون ايتري تائين خوشگوار رهيون جو هي شهر سنڌ جي ٻين سمورن شهرن جي مقابلي ۾ انتهائي خوشحال مڃيو ويندو هيو، جتان بيشمار واپاري ٻيڙا گهاڙ واهه رستي ڪشمير، پنجاب، ملتان، شاهه بندر ۽ ڏيساور جي علائقن تائين تجارت ڪندا رهندا هيا. ان دور ۾ گهاڙ واهه جي ڪنارن تي بيشمار جاين تي ڪچي سرن جا وڏن وڏن ٺلهن جون ويڪريون اوطاقون ٺهيل هونديون هيون جتان مسافرن، واپارين ۽ شهرين جي ذهني ٿڪ گهٽائڻ واسطي راڳ رنگ جي محفلن سان گڏ راند روند ۽ کيل تماشا به روز جو معمول هوندا هيا. هن خوشحالي، مهمان نوازي ۽ امن امان واري صورتحال سبب لاڙڪاڻو ملڪان ملڪ مشهور هوندو هيو.

هنري پاٽنچر جيڪو 1809ع ۾ سنڌ آيو هيو سو لاڙڪاڻو جي باري ۾ پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته “لاڙڪاڻو شهرگهاڙ واهه جي مغربي ڪناري تي آباد آهي هي چانڊڪا صوبي جي گادي جو هنڌ آهي. تقريبن ڏهه هزار آبادي واري هن شهر ۾ هڪ ننڍڙو ڪچو قلعو به ٺهيل آهي جتي توبخاني جو عملو رهندو آهي. لاڙڪاڻو تي هڪ نواب ولي محمد لغاري حڪومت ڪري ٿو جيڪو حڪمرانن مان ٻئي نمبر تي آهي.”

نواب ولي محمدخان مدبر ۽ منتظم هئڻ سان گڏ هڪ دور انديش ۽ بهادر ماڻهو پڻ هيو جنهن جي دور ۾ ٻاهرين قومن کي سندس علائقي تي حملو ڪرڻ جي ڪڏهن به همٿ ڪونه ٿي سگهي. هو هڪ وفادار ۽ دلير هئڻ سان گڏ انتهائي ذهين ماڻهو هوندو هيو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ مير گهراڻي جي ننڍن وڏن کي پاڻ سان گڏ سنڌ جا ٻاهريان لاڳاپا ٻين ملڪن سان قائم رکڻ لاءِ پنهنجا ايلچي موڪليندو رهندو هيو جنهن تي توڙي جو تمام گهڻو خرچ ايندو هيو پر ان سان انتظامي معاملن ۾ به فائدو تمام جهجهو ٿيندو هيو. ميرن کي نواب جي وفات کان پوءِ تمام خراب ڏينهن ڏسڻا پيا انهن ۾ ڪو اهڙو ڏاهو صلاحڪار ڪونه رهيو جنهن جو مشورو ڏکئي ويل ۾ سڀني لاءِ قابلِ قبول هجي ان لاءِ ميرن ۾ ڦڙڦوٽ پوڻ شروع ٿي. نواب جي وفات کان ٺيڪ 11 سال پوءِ 1843ع بعد انگريزن مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ ميرن کي شڪست ڏئي کانئن سنڌ جي حڪومت کسي ورتي.

نواب ولي محمد خان جي وفات

مير ڪرم علي خان جي وفات کان 3 سال پوءِ نواب ولي محمد خان جي وفات 1832ع (1147 هجري) ڌاري لاڙڪاڻي ۾ ٿي سندس جنازي نماز پير پاڳاري حزب الله پڙهائي. سندس اباڻو شهر ٽنڊو ولي محمد خان لاڙڪاڻو کان قريبن 400 ميل پري هيو جڏهن ته سندس وارث چاهين پيا ته نواب صاحب کي سندس اباڻي قبرستان ۾ جاءِ ڏني وڃي. ان دور ۾ سنڌ جون سياسي ۽ سماجي حالتون انتهائي خراب هيون ٻيوته ان وقت تيز رفتار ۽ پرسڪون سواريون به ڪونه هونديون هيون ۽ وڏي ۾ وڏيون سواريون گهوڙن ۽ اٺن جون هونديون هيون جن تي ميت جهڙي شي کي آهستي آهستي وٺي وڃڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ها ان لاءِ سندس وارثن هڪ عقلمندي جو فيصلو ڪري نواب جي ميت کي هڪ تابوت ۾ رکي ان کي تجر باغ ۾ هڪ عارضي جاءِ ۾ دفنايو ويو ته جڏهن سندس وارث لاڙڪاڻو پهچن ته آرام سان ڪنهن مناسب سواري جو بندوبست ڪري ميت کي کڻي وڃن. تقريبن 2 مهينن کان پوءِ سندس پٽ احمد خان نواب جي ميت واري تابوت کي تجرباغ واري جاءِ وٽان ڪڍي حيدرآباد نيو ويو جتي کيس لغارين جي اباڻي قبرستان واقع پٺاڻ ڪالوني ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويو.

نواب صاحب تي پي ايڇ ڊي

نواب صاحب هڪ قادر ڪلام ۽ صاحبِ ديوان شاعر پڻ هوندو هيو جنهن جي ڪلام جو مجموعو “ڪلامِ ولي” هندستان ۽ ايران ۾ انتهائي مقبول آهي جنهن تي هڪ ايراني عورت ڊاڪٽر خورشيد احمد پي ايچ ڊي پڻ ڪئي آهي. نواب صاحب جي پنجين نسل مان ڊاڪٽر عابد لغاري به نواب ولي محمد تي سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي جي نگراني ۾“تاجپور جي لغاري خاندان جون علمي ادبي خدمتون” جي موضوع تي پي ايچ ڊي ڪئي آهي جنهن جو پهريون حصو “نواب ولي محمد خان جي شخصيت ۽ جدوجهد” تي مشتمل آهي جيڪو سنڌ جو عظيم انسان سردار نواب ولي محمد خان لغاري جي نالي سان 1991ع ۾ ڇپجي منظر عام تي اچي چڪو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو