Home / دنيا / هندستان-پاڪستان لاڳاپن ۾ نئون موڙ ۽ آمريڪا بهادر!
above article banner

هندستان-پاڪستان لاڳاپن ۾ نئون موڙ ۽ آمريڪا بهادر!

فيض کوسو

ڏکڻ ايشيا ۽ ان جي ويجهڙائي وارن ملڪن ۾ هڪ نئون موڙ ڏسڻ ۾ پيو اچي. پاڪستان ۽ هندستان جا لاڳاپا شروع کان وٺي ڇڪتاڻ وارا رهيا آٓهن.ڪو اهڙو سال نه گذريو هوندو جو انهن جي لاڳاپن ۾ ڪا بهتري آئي هجي. ڪجهه ڏينهن جي ٺاپر کان پوءِ وري ڪو اهڙو حادثو يا مسئلو پيدا ٿيندو آٓهي يا پيدا ڪيو ويندو آٓهي جو اهي لاڳاپا اهڙا ته خراب ٿي ويندا آهن جو انهن کي سلجهڻ ۾ وري ڪيئي سال لڳي ويندا آٓهن. اهو کڻي ڪارگل جو واقعو هجي يا بمبئي وارو واقعو يا سمجهوتا ايڪسپريس يا ڪراچي ۾ ٿيندڙ بدامني هجي يا وري بلوچستان يا کڻي پشاور آرمي اسڪول جو واقعو هجي. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي انهن حادثن جو ذميوار قرار ڏيندا رهن ٿا.

پاڪستان هميشه آمريڪا جي نه رڳو ويجهو رهيو آهي پر ان سان ڪيترن ئي معاهدن CENTO/SEATO ۾ گڏ رهيو آٓهي ته ان جي ابتڙ هندستان روس سان ويجهو رهيو. ايتريقدر جو 1971 ۾ پاڪستان جڏهن ٻه اڌ ٿيو هو ته اهو به روس جي مدد کان سواءِ ممڪن ڪو نه هو. جڏهن ته آمريڪا پاڪستان جي معاهدن جو حصو هو ليڪن ان هوندي به پاڪستان جي مدد لاءِ ڪو نه آيو. آخر ۾ جڏهن ڍاڪا جي الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته پوءِ آمريڪا پنهنجو بحري ٻيڙو عربي سمنڊ ۾ بيهاريو جيئن پاڪستان کي وڌيڪ اڳرائي کان بچائي سگهجي. ليڪن وقت جي حساب سان قومن جا لاڳاپا بدلجندا رهندا آهن. جيئن چوندا آهن ته هن دنيا ۾ ڪو به ڪنهن جو هميشه دشمن به نه هوندو آٓهي نه وري هميشه دوست . اوهان کي شايد ياد هجي ته 1950 ۾ چين ۽ هندستان تمام سٺا دوست هئا ۽ هڪ ٻئي جي وزيراعظمن جي دوري دوران هندي _ چيني ڀائي ڀائي جا نعرا لڳايا ويا هئا. اهو به وقت آيو جو هندي چيني ڀائي ڀائي وارا ڀائر وڙهي پيا ۽ هڪ ٻئي تي بندوقون کڻي بيهي رهيا ۽ اهي دشمنيون مهينا نه پر سال ۽ ڏهاڪن کان پيون هلنديون اچن. ڀٽي صاحب ۽ ٻين اسان جي ليڊرن ڏٺو ته اسان جو آمريڪا جي ايڏو ويجهو هجڻ جو ڪو فائدو ناهي ۽ پاڪستان پنهنجي پاليسي اولهه کان اوڀر ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀٽي صاحب جو پنهنجن ئي ڪهڙو قدر ڪيو ۽ ان کي ڦاهي چاڙهي ڇڏيو. پر انهن جو حشر اسان سڀني ڏٺو. هڪ جج پاڻ چيو ته اسان دٻاءُ ۾ رهياسين ۽ ڀٽي صاحب کي ڦاسي جي سزا ڏيڻي پئي. بقول هن جي جوڊيشل مرڊر هيو.

هندستان آمريڪا جي ويجهو پيو اچي ۽ پاڪستان وري ڀٽي صاحب واري پاليسي تي هلندي آمريڪا کان پري ڀڄڻ چاهي ٿو.ان جو مثال اهو آهي ته مسٽر اوباما آمريڪا جو صدر پنهنجي 8 سالن دوران ٻه دفعا دهلي ويو پر پاڪستان کي نظر انداز ڪيو. هندستان جي وزيراعظم سان ملاقاتون ڪري انهن کي پنهنجي مدد جي آڇ ڪئي. جنهن ۾ سيڙپڪاري، انرجي، نيوڪليئر، يورينيم جي پروسيسنگ وغيره شامل آهن. ان مدد جا ٻه خاص سبب آهن. هڪڙو ته هندستان آمريڪا جي مدد کان سواءِ به ترقي جي ڏاڪڻ تيزي سان چڙهندو ٿو وڃي. هن وقت آمريڪا ان جو ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ پنهنجو دوستي جو هٿ هندستان ڏانهن وڌايو آهي. ان سان گڏ هندستان کي پنهنجا هٿيار به وڪڻڻ چاهي ٿو. جنهن ۾ ڊرون جهاز جيڪي بغير پائلٽ جي اڏاريا ويندا آٓهن ۽ انهن جي به آڇ ڪئي آٓهي انهي آڇ مان ٻه مقصد پورا ٿا ٿين.

۱. آمريڪا جي هٿيارن ٺاهڻ جي انڊسٽري جيڪا هاڻي ٻين ملڪن ۾ هٿيار گهٽ وڪڻي ٿي، اهي پنهنجا هٿيار هندستان کي وڪڻي گهڻو پئسو ڪمائي سگهندو ۽ پنهنجي انڊسٽري کي اڳتي وڌائي سگهندو.

۲. هندستان جيڪو چين جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ان سان سرحدن تي اڻبڻت هلي پئي. آمريڪا هندستان کي چين جي خلاف طاقتور ڪرڻ چاهي ٿو جيئن اهو چين جي سامهون بيهي سگهي. ان سان گڏ جاپان ۽ ڪجهه ٻيا ڏور اوڀر جا ملڪ آسٽريليا وغيره گڏجي چين جو مقابلو ڪري سگهن. هندستان ان کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ ٿو چاهي. ڇو ته هندستان اهڙي جنگاڻ لاءِ تيار ناهي. هندستان جيڪو چين کان پوءِ سڀني ملڪن کان تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن آٓهي. پنهنجو پاڻ کي ٻوهي ۾ وجهڻ نٿو چاهي ۽ هو پنهنجا ڏوڪڙ هٿيارن تي خرچ ڪري پنهنجون معاشي حالتون خراب ڪري. هندستان پوري ڪوشش ڪري پيو ته جيڪو ڪجهه آمريڪا کان ملي سگهي وٺي ليڪن اهو چين سان دشمني کي وڌائڻ نٿو چاهي. هندستان به چين وانگر سڀ کان اول پنهنجي معاشي ترقي کي اهميت ڏئي ٿو. هو چين وانگر گهڻي آبادي وارو ملڪ آهي ۽ پنهنجي ماڻهن جي بهتري ۽ ترقي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. ڪيستائين هندستان جا ماڻهو ان غربت جي چڪي ۾ پيا پيڙبا. ان کان سواءِ چين ۽ هندستان ٻئي ملڪ اڄ ڪلهه بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آٓهن. ويجهڙ ۾ چيني صدر هندستان جو دورو ڪيو. پاڪستان اچڻ کان اڳ هندستان ويو جيڪو پهريون دفعو هو جو هو پاڪستان کي ڇڏي هندستان ويو. ٻنهي ليڊرن اهو پڪو پهه ڪيو ته اهي پنهنجي مسئلن کي هڪ پاسي رکي پنهنجي ٻه طرفن لاڳاپن کي بهتر ڪندا. جنهن ۾ هڪ ٻئي سان وڻج واپار ۽ هڪٻئي جي ملڪن ۾ سيڙپڪاري کي گهڻو وڌائيندا. ان ڪري آمريڪا جي اها رٿ ته هندستان چين جي سامهون بيهي سگهي في الحال ڪامياب نه ٿي سگهندي.

ان کان سواءِ هندستان جو آمريڪا جي ويجهو وڃڻ روس کي پسند ناهي. اهو روس جيڪو هميشه هندستان سان ڏکئي وقت ۾ گڏ بيٺو رهيو. پوري ڪوشش ڪندو ته ان جو هڪڙو ڏکڻ ايشيا جو دوست ملڪ هن جي اثر کان پري نه هليو وڃي ان جو هندستان ۾ اثر رسوخ گهٽ نه ٿي وڃي. ٻيو ته هٿيار وغيره جيڪي ان کي وڪڻندا هئا اهي ڪٿي گهٽجي نه وڃن. هندستان روسي هٿيارن جو وڏي ۾ وڏو خريدار رهيو آهي ۽ روس اهو نه چاهيندو ته هندستان آمريڪا جي ويجهو هليو وڃي. ان کان سواءِ چين ۽ روس جيڪي هڪ ٻئي جا دشمن هئا هاڻي ويجهو اچي رهيا آهن. هڪ ته اهي هن خطي جا وڏا ملڪ آهن ۽ ٻئي يو اين جي سيڪيورٽي ڪائونسل جا اهم ميمبر آهن. هندستان ڪڏهن نه چاهيندو ته اهي ٻنهي ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪري. ڇو ته هندستان يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل جو ميمبر ٿيڻ لاءِ ڏاڍا جتن پيو ڪري ۽ جيڪڏهن هنن سان لاڳاپا خراب ٿيا ته هو سيڪيورٽي ڪائونسل جو ميمبر نه ٿي سگهندو.

چين ۽ آمريڪا ٻئي هندستان تي اهو زور به ڀرين ٿا ته ان جا لاڳاپا پاڪستان سان بهتر هئڻ ضروري آهن. مسٽر نريندر مودي هندستاني وزيراعظم جيڪو پاڪستان جو سخت مخالفت رهيو آٓهي ۽ اهو ئي سبب هو جو هندستاني عوام ان کي گهڻا ووٽ ڏئي ڪري وزيراعظم بڻايو.

صدر اوباما مودي صاحب تي به اهو زور ڏنو ته هندستان وڏي ڊيموڪرسي وارو ملڪ آهي يعني جيڪڏهن پنهنجي سيڪيولر رياست واري اصول تان هٽي ويو ته دنيا جا ملڪ ان کي پسند نه ڪندا جتي مسلمانن، عيسائين کي ماريو يا انهن کي پنهنجن حقن جي ضمانت نه ملي، دنيا وارا ان کي چڱو نه سمجهندا. صدر اوباما اهو به زور ڏنو ته هندستان ۽ پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري سطح جي ڳالهه ٻولهه جيڪا ڪافي ڏينهن کان بند آهي اها ضرروي آهي. ان ڪري مودي نواز شريف کي فون ڪري پنهنجي نئين پرڏيهي سيڪريٽري کي اسلام آباد وڃڻ لاءِ چيو ۽ ڳالهيون وري شروع ڪرڻ جي رٿ ڏني. اهو هڪ سٺو عمل آٓهي. اسان سڀ پاڪستاني ۽ هندستاني عام ماڻهو اهو ئي چاهينداسين ته اها ڇڪتاڻ جي فضا ترت ختم ٿيڻ گهرجي. دوستي ۽ سٺا لاڳاپا ئي ترقي ۽ خوشحالي جا رستا هموار ڪندا. ان سان ماڻهو هڪٻئي سان ملن ۽ ويزا پابندي وغيره ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو اچن وڃن ۽ ملن جلن، وڻج واپار وڌي. اسان به يورپي يونين وانگر ملندا رهون ۽ ترقي ڪيون ۽ ڪيسيتائين هڪٻئي سان دشمني ۾ وقت وڃائيندا رهنداسين.

ڪجهه ڏينهن اڳ چين جو پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ آيل هيو ۽ هن پنهنجي تقرير ۾ کُلي چيو ته اسان پاڪستان سان هر ڳالهه ۾ گڏ آهيون ۽ ان ۾ سيڪيورٽي به شامل آهي. اهو هڪڙو سڌو اشارو هو ته اسان پاڪستان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. پاڪستان به چين جو بهترين دوست رهيو آٓهي. جڏهن ته چين جي چوڌاري ملڪ ان جي مخالف هئا. روس ، انڊيا، ويٽ نام، ڪوريا، جاپان وغيره ليڪن پاڪستان ئي چين جو گهاٽو دوست هيو. چين جي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ميمبر شپ لاءِ يا ڪيسينجر ۽ نڪسن جي دوري لاءِ به پاڪستان هڪ وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ چين اهو سڀ ڪجهه وساريو ناهي. مونکي ياد آٓهي ته جڏهن مان چين جي سفارت خاني ۾ ڪم ڪندو هوس ته چيني هيٺين آفيسرن کان وٺي صدر تائين پاڪستان جا اهڙا ٿورا مڃيندا هئا ۽ پنهنجن تقريرن ۾ به ذڪر ڪندا هئا. ان ڪري هاڻي به چين انهن ڳالهين کي ڪو نه وساريو آهي ۽ انجو حق ادا ڪندي پاڪستان سان دوستي جو ناتو نڀائيندو پيو اچي. انڪري چوندا آهن ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي سدا بهار آهي.

23 مارچ تي چين جو صدر اسلام آباد جي دوري تي ايندو. جيڪو اڳ ۾ نه اچي سگهيو هو جڏهن ڌرڻا اسلام آباد ۾ لڳل هئا ۽ سيڪيورٽي بهتر نه هئي. اوهان ڏسندا ته چين نه رڳو بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي آڇ ڪندو بلڪه ان سان گڏ اسان جي ترقي ۽ مضبوط سيڪيورٽي لاءِ ضمانت جو اشارو ڏئي پاڪستان ۽ چين جي دوستي تي مهر هڻي ويندو.

ڪاش اڄ آصف علي زرداري جو چيني ٻولي وارو پروگرام جيڪو اسڪولن لاءِ شروع ڪرايو ويو هو اهو ڪجهه اڳتي وڌي سگهي ها ته اسان سنڌ وارا سڀني کان اڳتي هجون ها.

منهنجي خيال ۾ تيزي سان بدلجڻ واري ماحول ۾ هن خطي ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيڻ وارو آٓهي جيڪو خوشحالي آڻيندو ۽ تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.

ليکڪ چين جو اڳوڻو سفارتڪار آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو